Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Sunday, 4 May 2014

جڳ سڄو جرڪاءِ

سائين راشد مورائيءَ جي  چاليهي جي مناسبت سان

 درپن

جڳ سڄو جرڪاءِ …!

مولائي ملاح
جنهن ماڻهونءَ سنڌوءَ جي ڪپ تي جنم وٺي، سنڌوءَ جو پاڻي ٻُڪ ۾ پيتو هجي؛  ٻالڪپڻ جا ڏينهڙا چيڪي مٽيءَ ۾ راند ريهيندي ۽ نارنگي شامون پسار ڪندي گذاريون هجن؛ ته ان جي من مان مٽيءَ جي محبت ۽ مهڪ ڀلا! ڪئين ٿي نڪري سگھي. اهڙي پوتر روح کي ڪو وقت جو واءُ ڪئين ٿو گمراهه ڪري سگھي. پوءِ اهڙي ماڻهونءَ جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت ئي ڊوڙندي.    
راشد مورائيءَ کي اهڙي اُڪير سن جي سيد وٽ وٺي آئي جنهن جي آشرم ۾ پهچڻ کانپوءِ سنائي سيد کيس سنڌ جي محبت ۾ اهڙو ته رنڱي ڇڏيو جو سندس جيون جو کڄندڙ هر ساهه پساهه به سنڌ سان مشروط، سئيءَ ۾ سڳي جيان جڙيل رهيو. سن جي سيد پنهنجي نئين سياست جي شروعات جڏهن شاعرن اديبن سان گڏ جي بزم صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم کان ڪئي ته؛ پاڻ شاعرن سان گڏ راشد جي ٽهيءَ کي به کنيائين جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سيد ۽ سنڌ جي پيغام کي عام ڪيو. منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي ۽ راشد جهڙن شاعرن ان پليٽ فارم تي پاڻ ملهايو. هي ماڻهون انهن ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ جلسن جي زينت هوندا هيا. پنهنجي ڪلام کي مخصوص انداز ۾ پيش ڪري ماڻهن کي جذباتي ڪري ڇڏينداهيا. سندن ڪلام ڪنن تي پوڻ کان پوءِ ماڻهن جي رڳن ۾ رت جي گردش تيز ٿي ويندي هئي. هنن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پيار پريت، سک ، سلامتي ۽ امن جي پيغام سان گڏ سجاڳيءَ جو گس ۽ ڏس پڻ ڏنو.
سائين راشد، سڄي حياتي قلم کان ڪهاڙيءَ وارو ڪم ورتو، هن پنهنجي قلم کي عَلم بڻائي سنائي سيد جي ڏنل سنڌ شناسائيءَ جي پيغام کي گھر گھر گھٽي گھٽي عام ڪندي اعلان ڪيو ته: ‘مان باغي آهيان … مان باغي آهيان’. هن جي بغاوت جو هوڪو ڪوهن تائين ٻرڻ لڳو ته سنڌ جو نوجوان نسل مجاز کي ڇڏي مزاحمت ڏانهن لڙي آيو. جن جي مزاحمتي شاعريءَ هن انقلابيءَ کي وڏو اتساهه ڏنو؛ هن سڄي حياتي قلم جي سگھ کي تيز ڌار واري اوزار جيان تيزيءَ سان استعمال ڪيو.
هي پختي حوصلي وارو شاعر هيو؛ هن زندگيءَ جا ڪيترائي رخ ڏٺا ۽ ڌرتيءَ جا ڏک سٺا هي سڄي حياتي ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ رهيو، قومي نظرياتي فڪر سان سلهاڙيل رهندي قومي ڪارڪن وارا فرض ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو؛ هن قلم کي ڪڏهن به ڪاروبار جو ذريعو نه بڻايو سندس ڪوتا هميشهہ روشن خيال باضمير ۽ ترقي پسند سوچ جي مالڪ ماڻهن لاءِ مايوسين جي انڌيرن ۾ اتساهه جي روشن لاٽ رهي.
ساهتيءَ جو سرواڻ شاعر راشد مورائي توڙي جو سنڌ جي انهن مزاحمتي شاعرن محمد خان مجيدي، اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شمشيرالحيدريءَ جي ٽهيءَ جو ڪونه هيو؛ پر پوءِ به سندس ڏات سگھاري هئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ان دور جي حالتن جا عڪس تمام سگھاري انداز ۾ وڏي بيباڪيءَ سان چٽيا آهن.
هن مزاحمتي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي ستل شعور، نوجوان ٽئلينٽ کي جاڳايو آهي. پلاٽ ۽ پرمنٽ ذريعي پاڻ ٺاهڻ بجاءِ هن پنهنجو عملي ڪم ڪري ڪردار ٺاهيو. سرڪاري اديب ٿيڻ بجاءِ هن قومي شاعر هجڻ تي فخر محسوس ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ ايتري سگھ آهي جو سندس شاعري ٻڌڻ، پڙهڻ کانپوءِ ماڻهونءَ جي جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ خون جي گردش تيز ٿي وڃي ٿي. سندس سڄي شاعري عوامي لهجي ۾ آهي، جنهن کي جھنگ جھر ۾ رهندڙ هر عام ماڻهونءَ هئين سان هنڊايو آهي هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي دردن ۽ سنڌي ماڻهن جي سورن ۽ اهنجن جي ڳالهه ٿيل آهي. مُلان، لٽيري ۽ وڏيري کان وڏي بغاوت ڪيل اٿس.
راشد، ادبي کيتر ۾ سوين نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ۽ قومي ڪارڪنن لاءِ پڻ وڏو اتساهه رهيو پاڻ سنڌ جو کاهوڙي ڪردار رهيو؛ سندس زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ به علم، ادب سان جوانيءَ جهڙو چاهه رهيو، هو مستقل مزاجيءَ سان لکندو رهيو ڪڏهن به ورچي نه ويٺو، سندس عشق جو محور سنڌ هئي، جتي سندس سوچ ڪڏهن به هيڻي نه ٻولي توڙي جو ڪيترائي حالتن جا وهڪرا آيا پر هي مڙس مٿير پنهنجي عزم سان ۽ سنڌ دوستيءَ جي جذبي سان سچو ۽ سلهاڙيل رهيو، هن پنهنجي من اندر ۾ ڪٺور حالتن ۾ به ڪڏهن مايوسيءَ کي جاءِ نه ڏني. پنهنجي ارڏائيءَ سان جيون جون سڀ  بهارون جيئندو رهيو ۽ مسئلن جا جبل جھاڳيندو، حالتن جا لڪ لتاڙيندي پنهنجي قومي ڪاز تي قائم رهيو. 
سنڌ جو هي مزاحمتي شاعر نئين ٽهيءَ مان پر اميد هيو کيس اهو ويساهه هيو ته: جنهن نسل سنائي سيد، لطيف جو پيغام پڙهيو آهي اهو هڪ نه هڪ ڏهاڙي منزل ضرور ماڻيندو، هنن نوجوانن جي دؤر ۾ اتساهه ڏيندڙ شاعر اياز، تنوير، شمشير، بخاري ۽ ٻيا نه رهيا؛ پر پوءِ به کيس پڪو ويساهه هيو. سندس سنڌ دوستيءَ واري عقيدي ۾ڪڏهن به جھول محسوس نه ٿيو. هن هڪ ڀيري الابخش راٺوڙ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته:“جيڪڏهن سنڌ ۾ سڃ ٿي وڃي پوءِ به منهنجو عشق قائم رهندو ان ۾ ڪابه ڦيرڦار ڪانه ايندي.” هي علم، قلم جي سگھ کان واقف هيو جنهن کي هن سنڌ دشمن ڌرين خلاف ڀرپور نموني استعمال ڪيو. کيس نئين نسل کان ڪابه مايوسي ڪانه هئي کيس ويساهه هيو ته: سنڌ زرخيز آهي اها اسان کي بک مرڻ ڪونه ڏيندي، نظرياتي ڪارڪن هڪڙا نوڪرين سان لڳا ته نظريا وساري ويهي رهيا ٻيا فيلڊ ۾موجود آهن. نئون نسل نوان گل ٻوٽا پوکيندو جنهن مان نوان سلا نسرندا. اڄ سنڌ جي هر ماڻهونءَ جي اکين ۾ مونکي سنڌ جو نقشو نظر اچي ٿو.” هن هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪئي، هر دور ۾ سنڌ جي دردن تي آواز بلند ڪيو سنڌ جي ڏکن کي سهڻي نموني سنڌي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو ۽ سنڌ جي ويرين تي لفظن جا وار ڪندي چيائين ته: ‘مان باغي آهيان مان باغي آهيان’ ۽ هي پنهنجي ڪلام، ڪردار ۽ گفتار ۾ بلڪل باغي هيو.
راشد جي سوچ سڌير ۽ خيالن جي اڏام بلند هئي. هي موجوده قومي شاعرن کان هرگز مايوس نه هيو هن کي پختو ويساهه هيو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ جو شاعر قومي ڌارا ۾ اتساهيندڙ شاعري ڪري رهيو آهي. کيس ان ڳالهه جو به احساس هيو ته اڄ جي دور ۾نوجوان شاعر کي اتساهه ڏيندڙ قومي شاعر محمد خان مجيدي، اياز، تنوير، شمشير، ابراهيم منشي، سرويچ سجاوليءَ ۽ بخاريءَ جهڙا شاعر ناهن رهيا پر تنهن هوندي به اڄ جو نوجوان قومي مزاحمتي شاعري سريلي ۽ سگھاري انداز ۾ سرجي رهيو آهي جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ آهي.   
اسانجو راشد، مزاحمتي شاعر هيو، هن  جو قلم سنڌ لاءِ وقف هيو، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هن هميشه بي ڊپو ٿي لکيو. هي چوندو هيو ته: نوجوانن کي مزاحمتي شاعري ڪرڻ گھرجي، جيڪي سرڪاري اديب انهن کي نعره چئي مايوس ڪن ٿا اصل ۾ اهي ڀاڙيا آهن. جنهن ڪويءَ جي دل ۾ پنهنجي قوم، ڌرتيءَ سرتيءَ جو درد ناهي اهو ڪوي ۽ ان جي سرجيل ڪوتا ڪهڙي ڪم جي؛ اها ته خوشبوءِ بنا گل مثل آهي. هن پنهنجي مجاز ۾ به سنڌ کي سمويو، هن مسڪيني حال هوندي به پنهنجي قلم ۽ ضمير جو اگھ مقرر نه ڪيو، هي جھڪڻ بجاءِ هماليه جيان اوچو رهيو ۽ ارڏائپ سان جيئندو رهيو. هي بيماريءَ سبب بستري ڀيڙو ٿيو ته هن سرڪار کي سهائتا لاءِ ڪا به اپيل نه ڪئي توڙي جو سرڪار کيس سهائتا لاءِ چيو به هيو. شهاب الدين ملاح ڏسيو ته اسان‘ميڊم فريال ٽالپر صاحبه جي حڪم تي صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن لنجار سندس سرڪاري خرچ تي ڪراچي مان علاج ڪرائڻ لاءِ چيس ته هن انڪار ڪيو، پوءِ لنجار صاحب پنهنجي پاران جيڪي 25 هزار نقد ڏنس سي قبول ڪندي سندس ٿورا مڃيائين.” اها الڳ ڳالهه آهي ته سندس غزل جي هنن سٽن ضياءُالحسن جي من کي به موهي وڌو هيو ته: “دل جي ويران ٿر تي ڪڪر بانورا، ٿورڙو ئي وسين هان ته ڇا ٿي ٿيئي”… !!
راشد مذهبي انتها پسنديءَ جو مخالف ڪوي هيو، هن کي سنڌ ۾ ڦهلجندڙ ملائيت تي فڪر هيو، کيس اهو احساس هيو ته روس جي ٽٽڻ کانپوءِ ملائيت سنڌ جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي. هن هڪه هنڌ چيو هيو ته: ڪامريڊ روس جي ٽٽڻ کانپوءِ هڪ هنڌ مايوس ٿي ويهي رهيا آهن انهن کي ويهڻ نه کپندو هيو اسان انهن سان جڏهن ويجھا ٿياسين ته اهي خاموش ٿي ويا جنهن ڪري سنڌ ۾ ملائيت جو اثر وڌي رهيو آهي.” راشد سڄي حياتي ترقي پسند سوچ جو مالڪ رهيو. هو اهو ڀلي ڀت ڄاڻي پيو ته صوفي مزاج رکندڙ سنڌ ۾ مذهبي ڪٽر پڻي وڌڻ سان ان جي صوفياڻي مزاج تي اثر پوندو، امن تباهه ٿيندو سنڌ جي ترقي متاثر ٿيندي.
سنڌ جي محبتي ماڻهن کي وڙهڻ ڏانءُ ناهي ايندو هي سراپا سچ سونهن ۽ محبت جو مجسمو آهن. تاريخ ساکي آهي ته جڏهن سڪندر اعظم سيوهڻ قلعي تي ڪاهه ڪئي، سندس سپاهي جڏهن ڪوٽ ٽپي قلعي ۾ داخل ٿيا ته سنڌ جا ماڻهون کين ٻکين پئجي ويا، هنن جڏهن اگھاريون تلوارون هواءِ ۾ لهرائي هنن کي مارڻ، قتل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هي ڪرڻ لڳا ته پوءِ هنن پوءِ تي هٽڻ شروع ڪيو. موهن جي دڙي مان به ڪوئي تيز ڌار وارو جان کسيندڙ هٿيار ناهي مليو. جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ جو ماڻهون وڙهڻ نه ڄاڻي، پر وقت اچڻ تي هٿيار کڻڻ کي عيب به نه سمجھڻ گھرجي. راشد سنڌي ماڻهن جي مزاج وٽان شاعري ڪري سنڌ جي حقيقي انداز ۾ ترجماني ڪري سنڌ جي ماڻهن کي حقن جي حاصلات جو شعور ڏنو. هن پنهنجي قلم کان ڪهاڙيءَ وارو ڪم وٺي سنڌ جي ويرين تي وار ڪيا. هن پير وڏيري، ظالم ۽ ملائيت تي قلم جي صلاحيت، سگھ کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪيو. کيس هر ان ماڻهونءَ کان نفرت هئي جنهن سنڌ جي امن، ترقيءَ کي نقصان رسايو جئين هي هڪ بند اٿس ته:
هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
سي کائي کائي خوش ٿئي، مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبع تي، ٻي وائي ڪا به نه ڄاڻي ٿو،
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، بس تند اهائي تاڻي ٿو.
راشد سنڌ جي ويرين تي لفظن جا سڌا وار ڪندي ڪنهن کان ڪين ڊڄي ٿو ۽ وڏي واڪي چئي ڏئي ٿو ته:
او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا، جي تنهنجي هٿ ۾ گولي آ،
ته باغي هڪڙو مان ناهيان، مون سان باغي ٽولي آ،
هي سڀ اهي جن سان کيڏي، خون جي هر دم هولي آ.
سنڌ جي هن مزاحمتي شاعر سڄي حياتي پنهنجين اکين ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا سپنا سجائي رکيا. مُني صديءَ کان ڪيل سندس شاعريءَ ۾ وڏو اتساهه آهي. جيڪو هر دؤر جي نوجوان اديب ۽ شاعر قومي ڪارڪن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي. جيئن پاڻ هڪ بند ۾ چيو اٿس ته:
چاهت کي چمڪاءِ، چنڊ گھري ٿو روشني،
جڳ سڄو جر ڪاءِ، سج بڻي پوءُ سچ جو.
هن کي بکن وگھي مرندڙ ماروئڙن جي دردن جو احساس هيو. جنهن تي هن رڙ ڪندي چيو ته:
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي،
اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ،  جھڙپ بکايل شيرن جي.
راشد جهڙا ڪوي قومن ۾ صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن جيڪي قوم جو سرمايو ۽ سهارو هوندا آهن. تن ڪردارن تي تاريخ کي به ناز ڪندي آهي.
راشد جي زندگيءَ جيان سندس حياتيءَ جو خاڪو به مختصر آهي ته: هن 5 مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڀِڪَ ۾ ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم وٺي 24 مارچ 2014ع تي بيماريءَ جي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ان ٿوري عرصي ۾ هن سنڌي ادب کي شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، خطن جا 30 ڪتابن سميت ۽ ٻيو کوڙ سارو اڻ ڇپيل سرمايو ڏنو. 
  moulaiem@yahoo.com