Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Sunday, 29 September 2019


PROFILE, MOULAIE MALLAH

نالو :   مولائي ملاح -  ولد : حسين بخش ملاح
جنم تاريخ :   6 - آگسٽ  1969ع  
جنم شهر:   ملاح محلا، محرابپور ، ضلع: نوشهرو فيروز، سنڌ.
تعليم:  ايم .اي،  سنڌي ادب . ( شاهه لطيف يونيورسٽي خير پور)
ڪرت :
 انسپيڪٽر، مارڪيٽ ڪاميٽي قاضي احمد، (     20 – 9 – 1987 کان   – 5 – 2014 08 تائين )
انسپيڪٽر ، مارڪيٽ ڪاميٽي ڪنڊيارو،  (- 5 - 2014 12 کان 19 _  4 _ 2018ع  )
انسپيڪٽر : مارڪيٽ ڪاميٽي اوٻاوڙو  (20_ 4 _  2018ع
ستاره : مريخ ، برج : حمل، پٿر،  ٻُڙو:  يمني حقيق
صحافتي سفر:
صحافتي سفر جي  شروعات،  ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ڪمپيوٽر تي  مڪمل پهرين سنڌي  اخبار  لاءِ ،  قاضي احمد شهر  کان  بحيثيت هڪ نمائيندي جي ڪيائين . ان کان پوءِ  ٻين اخبارن لاءِ  پڻ رپورٽون لکيائين.
 روزاني عوامي آواز ڪراچي .   1- مئي -  1994  
روزنامه امن ڪراچي ( اردو)       17 - آگسٽ - 1994
روزانه پڪار ڪراچي .                1 - جنوري  -  1995  
 روزاني سنڌ حيدر آباد.              5 -  نومبر  -1995    
 روزانه برسات ڪراچي.             1 -  جنوري – 1996
روزاني جُنگ  حيدر آباد . ( تعلقه دولتپور ) جولاءِ  - 1997 
SPI  نيوز ايجنسي ( سنڌ پريس انٽر نيشنل ايجنسي حيدر آباد  1996.2.2ع.  
 NIN  - نيوز ايجنسي  (  نيوز انٽر نيشنل نيٽ ورڪ  ڪراچي)  8 آگسٽ 1998 ع.
              - NINضلعي رپور ٽر ، ( نواب شاهه) 1 – جنوري 2000   کان 2002 ع تائين رهيو.  

 پهرين : صحافتي، سياسي، علمي، ادبي ۽   تحقيقي لکڻي.

صحافتي سفر جو  پهريون ڪالم ، شهر: ‘ قاضي احمد’ جي سونهن تي لکيائين جيڪو  روزانه آفتاب حيدر آباد . ۾  - 13 مئي  1995ع  تي چپيو  عنوان: ‘سنڌ جو خوبصورت شهر قاضي احمد ’
پهريون سياسي ڪالم: مير مرتضى ڀٽو جي شهادت تي لکيائين ، روزانه آفتاب حيدر آباد،  ۾  1996 ع  تي ڇپيو .
پهريون  هفتيوار ڪالم   عنوان  سان  : روزاني پاڪ  ڪراچي. ۾ - 20 آگسٽ 1999ع  تي  لکيائين .
پهرين ادبي لکڻي : ڪهاڻي ، ماهوار ڪينجھر ۾ لکيائين.( 1996ع)
  پهريون  علمي، تحقيقي مضمون: ٽماهي مهراڻ ‘طالب المولى نمبر’  حيدرآباد ۾ (1-1-2013ع ) لکيائين.
پهريون ايڊيٽوريل هفتيوار اخبار :  ٻاجھه  نوشهرو فيروز ،  جو  لکيائين  . ( 20 مارچ 2010  ع ).

ڪالمن  جا عنوان  ۽  اخبارون .
اخبارون : جن ۾ مختلف وقتن ۾ هنن عنوانن سان هفتيوار ڪالم لکيا اٿس، 
 روزاني پاڪ ڪراچي:   ويچار ورکا .  20 – آگسٽ - 1999ع .
روزاني دعا حيدرآباد ، روزانه آفتاب حيدرآباد:  موکيءَ جي مئه ڪدي کان  . ڊسمبر - 1999ع
 روزاني هلال پاڪستان ڪراچي :   درپن -  2001ع .
روزانه عبرت حيدراباد : درپن .      22 -  ڊسمر -  2000ع .
روزاني تعمير سنڌ ڪراچي :  دل جون ڳالهيون .  2002ع
روزاني عوامي آواز ڪراچي : نيڻ سفر ۾ …!   20 جنوري 2003ع
روزانه خبرون ڪراچي :  پاڇا ۽ پڙ لاءَ ! .   جنوري -  2004ع
روزاني سوڀ حيدرآباد : درپن .    جنوري  - 2000
روزاني  سوڀ حيدرآباد :  مورڙي جي ماڳ کان .  2018ع

محرم الحرام : ڏهي،  جي ڪالمن جا عنوان  ۽ اخبارون.
روزانه برسات : محرم موٽي آيو. (   7  / 1996ع )
روزاني عوامي آواز ڪراچي : محرم جو چنڊ دردن جو چنڊ! (2000)
روزاني تعمير سنڌ ڪراچي :  ساڳيو .
  روزانه سچ ڪراچي :      ساڳيو.
روزانه پاڪ ڪراچي : محرم جو چنڊ ڏکن جو چنڊ!
روزانه ڪوشش حيدرآباد:   محرم جو چنڊ ڏکن جو چنڊ!
 روزانه عبرت حيدرآباد :   ڏٺو محرم ماهه !
روزانه سوڀ ڪراچي : ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن .
روزاني خبرون ڪراچي :  ساڳيو .
روزاني الک حيدرآباد ، روزانه آفتاب حيدرآباد ۽ روزانه بختور حيدرآباد  ۾  محرم  جي ڏهاڙن جا ڪجھه ڪالم لکيائين.  

ادبي سفر جي شروعات:
ادبي لکڻيءَ جي شروعات نثر کان ڪيائين جنهن ۾ پهرين ڪهاڻي لکيائين جيڪا روازني عوامي آواز ڪراچي جي هفتيوار ادبي صفحه: ‘ تخليق’ ۾ آچر ڏهاڙي، 15- سيپٽمبر 1994ع ۾ ڇپيس. پهريون غزل روزاني بختور حيدرآباد جي ادبي صفحه  ‘ڏات’  ۾ 1997ع  تي لکيائين .

مڃتا ايوارڊ:
ادبي، صحافتي ۽ مذهبي سفر  ۾  مختلف ادارن پاران مليل مڃتا ايوارڊ .
 سهڪاري ايوارڊ: ساهت پبليڪيشن حيدرآباد  پاران : ناز سنائي، ايڊيٽر:  ماهوار ڪينجھر
حيدرآباد کان ورتائين. جنوري  1996ع،
صحافتي مڃتا ايوارڊ: نيو جنريشن ڪلچرل گروپ  محرابپور پارن . صوبائي صلاحڪار : مشتاق احمد راهوءَ  جن ڏنس.  17- آگسٽ 2004ع 
صحافتي مڃتا ايوارڊ : ماروئڙا ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ: چيئرمين ڏاڏل ڄام انڙ . جن ڏنو . 27 جون 2006ع
سهڪاري ايوارڊ : سنڌيا پبليڪيشن محرابپور: بشير خان قريشيءَ جي شهادت  تي سهيڙيل ڪتاب ‘وڏو ’ ۾ مرتب: اخلاق جوکيو سان گڏ  ڪيل ڪم تي ، ديش ڀڳتي موومينٽ پاران  28 جون 2012ع  تي مليو.   
صحافتي مڃتا ايوارڊ: انجمن نوجوانَانِ شيعه محرابپور رجسٽرڊ 782، جيڪو  PC لعل سولنگيءَ کان مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانَانِ شيعه ۾  15 شعبان جي ڀلاري رات ٿيل هڪ جشن جي پروگرام ۾ وصول ڪيائين. جنوري 1999ع 

ڪتاب:  جن ۾  لکيو اٿس.
هي انهن ڪتابن جا نالا آهن جن ۾  سندس مواد  شايع  ٿيل آهي. جن ۾ ڪتاب: منهنجي يادن جون ريکائون، ليکڪ: محمد ملڪ انڙ. ڊسمبر، 2001ع، ڪتاب: سنيها سرير ۾، ليکڪ: محمد ملوڪ انڙ.  2007ع.  ڪتاب مهراڻ جي راڻي، سهيڙيندڙ: احمد ضيا، 2008ع . ڪتاب: ‘عظيم جمهوريت پسند اڳواڻ’ رئيس غلام مصطفى خان  جتوئي، سهيڙيندڙ: ياسر عبدالغني خاصخيلي. نومبر،  2010 ع  ڪتاب: منصور جو آواز، مرتب:گلشير لوچي. 2012ع . ڪتاب: “وڏو” سهيڙيندڙ: اخلاق جوکيو،  مئي 2012ع . ڪتاب: مولا تي ننگ،  سهيڙيندڙ، ظهير حيدري ،  2012ع . ڪتاب: شمشير، فن ۽ شخصيت ، سهيڙيندڙ : مهرالنساءَ لاڙڪ ،  2013ع . ڪتاب: مادري جمهوريت ، بيگم نصرت ڀٽو، مرتب: ذوالفقار هاليپوٽو، 2016ع . ڪتاب: شاعريءَ ۾ جيئندڙ شخص [ فن ۽ شخصيت، ڪالم ] حمد سولنگي، سهيڙيندڙ : رکيل مورائي ، سال: ڊسمبر 2018ع . ڪتاب: ڀڳت ڪنور رام  مسلمانن جي نگاهه ۾ ، مرتب : محمد پنهل ڏهر ، سال : 2019ع ،

  مرتب ۽ لکيل ڪتاب
ڪتاب: شير ميربحر: فن ۽ شخصيت – مرتب: مولائي ملاح، 5  – 12 – 2014ع، ڪتاب: پرهه جا پياڪ، 2015ع، ڪتاب: [ هڪ صديءَ جو سفر ] محرابپور جي عزاداري، 2017ع، ڪتاب: ملهه جو عالمي فاتح: شير مير بحر، جنوري 2018ع، ڪتاب: مون پريان سين نينهن، جنوري 2019ع، ڪتاب : چارڻ چوريو چنگ، 12 فيبروري 2019ع، شامل هن. جڏهن ته ڪجهه ڪتاب ترتيب هيٺ آهن جن ۾ ڪتاب: عيد، عشق ۽ سنڌ، ڪتاب: ارڏو ، مرتب: مولائي  ملاح،  ڪتاب : مون سي ڏٺا ماءِ ، ڪتاب : ڏک سکن جي سونهن، ڪتاب: سوڀون سِرَ گھرن (ڀٽوز) ، ڪتاب : فن ۽ فڪر جو سنگم (ڪنور ڀڳت)، ۽ ٻيا.

ڪتاب جن ۾ سندس  فن ۽ شخصيت تي حوالا آهن:
ڪتاب: ون يونٽ ۽ سنڌ، ليکڪ: پروفيسر اعجاز احمد قريشي، جولاءِ ، 2013ع، ڪتاب : ساڻيهه جا سينگار  (ضلعي شهيد بينظير آباد، ”نواب شاهه “ جا ماڻهو) ليکڪ: خادم حسين چانڊيو. 2015ع، ڪتاب: ايم _ آر _ ڊيءَ جا قيدي، (جيل ڪهاڻي)، ليکڪ: اعجاز علي خواجا، مئي 2017ع، ڪتاب: ڏيپارجا [ثقافت ۽ تاريخ ] ، ليکڪ: محبتي ملاح ، سال : 2019ع .

اخباري ادارن ۾ رهيو:
روزاني تعميرِ سنڌ سکر، ڪراچي 1998ع، روزاني هلچل حيدرآباد، (لڳ ڀڳ هڪ مهينو)، 1999ع، روزاني سوڀ ڪراچي 2018ع. تعميرسنڌ ۽ هلچل ۾ ڊيسڪ ۽ سوڀ ۾ ايڊيٽوريل پيج تي رهيو.

اداري جو قيام:
ڊسمبر 2014ع ۾ ’مولائي پبليڪيشن محرابپور‘،  جي نالي سان  قيام ڪيو، جتان پهريون ڪتاب: ملهه جي سرموڙ پهلوان رستمِ سنڌ، شير ميربحر جي  فن ۽ شخصيت تي (شير ميربحر، فن ۽ شخصيت: مرتب مولائي ملاح)  5 -  12 – 2014ع تي آندائين.  پنهنجن ڪالمن ۽ تحقيقي مَضمونن جو ڪتاب : پرِ ههَ جا پِياڪَ، مولائي پبليڪيشن پاران  – 5 12 - 2015ع  تي آندائين.  هڪ صديءَ جو سفر، محرابپور جي عزاداري _ مولائي ملاح، مولائي پبليڪيشن پاران : 2017ع ۾ آندائين. ملهه جو عالمي فاتح : شير ميربحر  _  تحرير ۽ ترتيب: مولائي ملاح، مولائي پبليڪيشن پاران: جنوري 2018ع تي آندائين.

اخبارن ۽ رسالن ۾، لکڻ جي ابتدا کان هن مهل تائين.
لکڻ جي شروعات صحافتي سفر کان ڪيائين جيڪو سلسلو اڄ تائين باقائدگيءَ سان هلندو اچي پيو. هن وقت تائين جن اخبارن ، رسالن ۽ مئگزين ۾ لکي چڪو آهي  انهن جا تفصيل ڪجھه هن ريت آهي .
اخبارون :  روزانه آفتاب حيدرآباد، ، روزانه عوامي آوازڪراچي، روزانه بختورحيدرآباد، روزاني سنڌ حيدرآباد، هلال پاڪستان ڪراچي، روزانه جاڳو ڪراچي، روزانه برسات ڪراچي، روانامه امن ڪراچي (اردو)  سنڌ سجاڳ ڪراچي، روزانه پڪار ڪراچي، روزانه عبرت حيدرآباد، روزانه ڪاوش حيدرآباد،  روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزانه جُنگ حيدر آباد،  روزانه پاڪ سنڌ سکر، روزانه خبرون ڪراچي، روزانه الک حيدرآباد، روزانه سچ حيدرآباد، روزانه سوڀ ڪراچي، روزانه پاڪ ڪراچي، روزاني دعا حيدرآباد، روزاني هلچل حيدرآباد، روزاني فيصلو حيدر آباد، روزانه ڪوشش حيدرآباد، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، روزانه شام حيدرآباد، روزاني پنهنجي اخبار ڪراچي،
رسالا : هفتيوار سنڌو حيدرآباد، پندرنهن وار عبرت مئگزين حيدرآباد،  هفتيوار عوامي آواز مئگزين ڪراچي، هفتيوار عبرت ‘سنسار ’ حيدر آباد ، هفتيوار ڪاوش دنيا حيدرآباد،  هفتيوار سنڌ منظر  ڪراچي، ماهوار ڪينجھر حيدرآباد، ماهوار پيغام ڪراچي، ۽ ٽماهي مهراڻ طالب المولى،  شمشير  ۽ محمد ابراهيم جويو نمبر ۾ پڻ لکيو اٿس.)  ڄام شورو، سنڌ  شامل آهن . لکڻ پڙهڻ جو اهڙو سفر اڃان به جاري اٿس. استاد  بخاري  جي  هنن سٽن  جيان  ته:
 ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو ، ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگيءَ  جي  آرزو  ۾   جستجو  ٿڪجي  نه   ٿي.

Cell no = 0334 2181572
03083917651                                                                                            

( پورو ٿيو )







Wednesday, 25 February 2015

شير ميربحر: ملهه جي ‘عالمي رانديگر’ واري اعزاز کان محروم ڇو؟!



ايڏو ساڙ سڳنڌ سان ..!!
شير ميربحر: ملهه جي ‘عالمي رانديگر’ واري اعزاز کان محروم ڇو؟!
مولائي ملاح
ڪجھ سال اڳ ARY چئنل تي صبح جو نشر ٿيندڙ پروگرام ‘صبح بخير پاڪستان’ جي ميزبان ڊاڪٽر شائسته واحدي کي پروگرام ۾ ڪرنٽ نيوز:‘ڪرڪيٽ راند ۾ پاڪستان پاران هندستان کي شڪست’ ملڻ واري خبر پڙهڻ کانپوءِ، (کيس گدگد ٿيندي ڏٺم) هٿن جون ٻئي مٺيون بند ڪري ٻئي ٻانهون ڪلهن تائين مٿي کڻي هوا ۾ لوڏيندي ۽ چهري تي مرڪ آڻي چئي رهي هئي ته: “پاڪستان جب انڊيا ڪو شڪست ديتا هئي تو مزا هي ڪچهه اور آتا هئي” گول چهري، وڏي وات واري سنهڙي ۽ سهڻي شائسته واحديءَ جي واتان اهڙا لفظ اچارجڻ مهل سندس چهري جي چاشنيءَ جو رنگ اڃا به گهِرو ۽ لڀائيندڙ ٿيندو ٿي ويو. مون ان مهل محسوس ڪيو ته پاڙيسري ملڪ سان مهاڏو اٽڪائڻ، فتح ماڻڻ مهل پوءِ ڀلي اهو راند جو ميدان هجي يا جنگ جو محاذ، ان تي اسانجي ملڪ جي مرد مجاهدن کان ويندي ٻارڙن ۽ عورتن تائين سڀ ماڻهو ڪيڏا گد گد ٿين ٿا. ڇا ؟ هي نسل ان وقت به ائين ئي گد گد ٿيو هو جڏهن سنڌ جي قومي رانديگر شير ميربحر 1966ع ۾ هندستان جي سِکَ پهلوان گرنام سنگھ کي ملهه جي ميدان ۾ شڪست ڏني هئي......؟!!! مون اهو به ڏٺو آهي ته پاڪستان جا رانديگر جڏهن عالمي راند ‘ورلڊ ڪپ’ ۾ کيڏندا، کٽيندا آهن ته انهن جي اتساهه لاءِ شهر جي گھرن ۽ گھٽين ۾ 65 ۽ 71ع جي جنگ جهڙو اُتساهيندڙ ماحول نظر ايندو آهي. محبِ وطن عوام گھرن کان ٻاهر روڊن تي نڪري ايندو آهي؛ ۽ سندن ڪاميابيءَ لاءِ ڪي دعائون ته ڪي خير خيراتون به باسيندا، ڪندا آهن. سندن فتح سان ئي دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ۽ ڳاٽ اوچو ٿيندو. جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ڪندڙ انهن فاتح رانديگرن ۽ انهن جي پوري ٽيم کي اڳواڻ سميت، اهڙي ڪاميابي ماڻڻ تي، مبارڪن سان گڏ بنا ڪنهن فرق جي سندن قدر ڪندي اسانجي وفاقي سرڪار کين وڏن وڏن اعزازن ۽ (سنڌ ۾ زمين ڏيڻ واري) انعام سان نوازيندي آهي، جيڪو پڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي ۽ سنڌ جي بين الاقوامي رانديگر کي سڄي حياتي بنا ڪنهن فرق جي اهڙن اعزازن ۽ انعامن کان محروم رکيو ويندو آهي.
مان جڏهن سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ‘ملهه’ جي عالمي رانديگر شير ميربحر جي زندگيءَ تي پهريون ڀيرو لکڻ لاءِ قلم کڻڻ کان اڳ سندس زندگيءَ، ڪارنامن ۽ ڪردار کي پڙهڻ شروع ڪيم ته، سندس سوانح حيات پڙهي دنگ رهجي ويم ۽ بي ساخته زبان مان نڪتو ته: “اهڙو ڪو انڌير، سرتيون جهڙو سنڌ ۾! ”شيرِ سنڌ سان وفاق جي مهندارن پاران سڄي حياتي ساڙ جو انداز به شاهه جي هن سٽ جهڙو نظر آيم ته: ‘اهڙو ساڙ سڳنڌ سان...!!’ 
  شير، جي تاريخ پڙهڻ کانپوءِ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويون. سندس شخصيت ۽ فن سان انصاف ٿيڻ بابت سچ ته اهو آهي؛ جو آمريتي سوچ کيس هميشه ديوار سان لڳائي رکيو ۽ عوامي سوچ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ساڻس انصاف ڪيو.
اهو هيئن ته عوامي سوچ جي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سندس فن جو قدر ڪندي  سهائتا لاءِ کيس 1974ع ۾ سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ‘ملهه’ جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو،  رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس لاءِ وظيفو مقرر ڪيو. جنهن کي جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو جيڪو پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ بحال ڪيو. جنرل ايوب کان ويندي جنرل ضياءُ الحق تائين ساڻس نا انصافيءَ جو سلسلو جاري رهيو، آمريتي سوچ سندس فن ۽ شخصيت سان وري ناانصافي اها ڪئي جو جڏهن طالب المولى پاران سنه 1962ع ’هالا دنگل‘ ۾ هن چيڪوسلاويڪيا جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي دنيا جي مڃيل پهلوان تي راند جي ميدان ۾ فتح حاصل ڪئي ته سرڪار کيس ڪنهن به وڏي انعام ۽ اعزاز سان نوازڻ بجاءِ ڪجھ سالن کانپوءِ سندس شخصيت، فن جي حيثيت کي گھٽائڻ، زيرو ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه پاران کيس بدنام زمانه ڪيس قلم 110 تحت چالان ڪيو ويو. جيڪا سندس شخصيت ۽ فن سان کلئي ناانصافي هئي. اها سزا کيس صرف سنڌ ڄائو، پ پ پ جو ورڪر ۽ شهيد ڀٽي جو سچو ساٿي هئڻ ڪري ئي ڏني وئي. جنرل ضياءُ الحق کيس شهيد ڀٽي جي عوامي حڪومت پاران ملندڙ وظيفو زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ بند ڪيو جنهن کي پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ بحال ڪيو.
شير ميربحر، جڏهن دنيا جي مڃيل پهلوان جاپان، آسٽريليا جي آسٽن ۽ چيڪوسلاويڪيا جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي پاڪستان جو نالو (پهلواني- راند ) جي ميدان ۾ دنيا جي فاتح ملڪن ۾ شامل ڪيو ته اهڙي فتح تي کيس ڇا مليو؟! هن مهل تائين ته ڪجھ به نه .....!! چون ٿا ته: چيڪو سلاويڪيا جي بهادر پهلوان جارج زيبسڪو پوري دنيا جي پهلوانن کي پاڻ سان ڪهڙي به راند وڙهڻ جو چئلينج ڏيندي چيو هيو ته: جيڪڏهن سندس ڏنل آخري تاريخ تائين دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو رانديگر ساڻس نه وڙهيو ته هو پاڻ کي دنيا جو فاتح رانديگر قرار ڏيندو. اهو چئليج پوري دنيا مان صرف سنڌ ڄائي شير ميربحر ئي قبول ڪيس؛ جنهن کيس شڪست ڏئي دنيا جي فاتح رانديگر جو اعزاز ماڻي ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته: سندس اهڙي فتح ماڻڻ تي ٿيڻ ته ائين کپندو هيو جو اسان جا حڪمران کيس وڏن، انعامن ۽ اعزازن سان نوازين ها، ائين جيئن ڌارين راندين ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٻين صوبن جي رانديگرن کي ترت نوازيو وڃي ٿو. پر هن سنڌ ڄائي سان ائين نه ٿيو. کيس ايڏي وڏي ڪاميابي ماڻڻ تي به مايوس ڪيو ويو. کيس ‘عالمي رانديگر’ جو لقب ڏيڻ بجاءِ کيس صرف سنڌ تائين محدود رکڻ لاءِ ‘رستمِ سنڌ ’ جي لقب ۾ سڄي حياتي رکيو ويو. هن ان لقب کي به فراخ دليءَ سان قبوليندي چيو ته: ‘مون لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي ته مان ‘رستمِ سنڌ’ آهيان ۽ منهنجي سڃاڻپ سنڌ سان آهي’. وري ان لقب جي هنن پاڻ ئي لڄ نه رکي. ٿيو هيئن ته هن فقير منش ماڻهوءَ جڏهن فراخ دليءَ سان ان ‘رستمِ سنڌ’ واري خطاب کي مرڪندي قبوليو ته اها فتح، شهريت به کانئن برداشت ٿي نه سگھي. پوءِ هنن سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين پهلوانن کي به ان ئي لقب ‘رستم’ سان نوازڻ شروع ڪيو. (جن مان ڪيترائي شير کان شڪست کاڌل هيا.) جيئن رستم بهاولپور دوست علي ولاڻو، هن جو اصل ڳوٺ لڳ صادق آباد بهاولپور ڊويزن آهي. نئون رستم سيد سمن شاهه اصل ڳوٺ پليجا ضلع خيرپور، رستم خيرپور ڊويزن در محمد عالماڻي، ضلع نواب شاهه ( شهيد بينظير آباد) جو رهواسي آهي. رستم ٺٽو بکر شيدي، سندس اصل نالو غلام حسين آهي پاڻ مشهور پهلوان انب شيديءَ جو پٽ آهي. رستم دادو غلام قادر لغاري، ڀان سعيد آباد ضلع دادو جو رهواسي هيو. رستم رياست رمضان ميتلو، خيرپور ضلعي ڳوٺ پير شهبازيءَ جو ويٺل آهي. رستم جيڪب آباد غلام حيدر بڙدي، ڳوٺ صحبت پور گولو ضلع جيڪب آباد . رستم حيدرآباد ڊويزن جمعدار محمد رحيم، پوليس ۾ جمعدار هئڻ جي باوجود به ملهه جو شوق هيس ڀلو ملهه هيو ملهه جي شوق ۾ نوڪري کي به ڇڏي ڏنائين، پاڻ ضلعي ٺٽي جو رهواسي هيو. رستم ٽنڊو محمد خان نواز علي رند. رستم ٺري غلام محمد شر، ڳوٺ مينگھو فقير شر تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ميرس. وغيره شامل آهن. اسانجا هي سڀ پهلوان سنڌي ڪلچر جي سونهن ۽ سنڌ جا هيروز آهن هنن سان انصاف ڪندي کين ‘رستم’ جو لقب اگر نيڪ نيت سان سندن اعزاز طور ڏنو وڃي ها ته اها ساراهه جوڳي ڳالهه ٿئي هان؛ پر هنن کي اهي لقب صرف ’شيرِ سنڌ‘  جي اعزاز کي گھٽائڻ لاءِ ڏنا ويا هيا جيڪا هڪ آمريتي چال هئي. جيڪا اڄ به هن (ميان نواز شريف جي) حڪومت تائين تسلسل سان هلندي اچي پئي.
شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻيءَ  کان پوءِ، سنڌ ڄائي شير ميربحر، جي شخصيت ۽ فن سان انصاف ڪرڻ لاءِ پ پ پ جي موجوده حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ان جي عوامي درد رکندڙ هر دل عزيز ۽ سنڌي ڪلچر سان گهرو چاهه رکندڙ نوجوان صوبائي وزير محترم ضياءُ الحسن لنجار صاحب پاران ورتل ڪوششن جي باوجود به کيس 14 هين آگسٽ 2014ع تي صدارتي ايوارڊ نه ملي سگھيو؛ جيڪا ‘مٿين سرڪار’ پاران، سنڌ، سنڌي ڪلچر ۽ شيرِ سنڌ سان سڌي سنئين آمريتي دور جهڙي ناانصافي آهي.    
رستم سنڌ، شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت سان انصاف ڪرڻ لاءِ، ٿيڻ ته ائين گھربو هيو جو جئين پنجاب ۽ ‘پنڊ’ جي پهلوانن کي راندين ۽ عهدن تان لهڻ مهل، رٽائرڊ ٿيڻ تي وڏن انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو وڃي ٿو. ائين ئي هن سنڌ جي عالمي معيار جي رانديگر کي به اهڙن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو وڃي ها پر ائين نه ٿيو.؟!
هاڻ اهڙي عمل ۾ دير جو سبب اهو ئي سمجھو وڃي ٿو ته: آمريت جي پوڄارين، سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر سان صدين کان وير رکندڙن، شيرِ سنڌ  کي صدارتي ايوارڊ ان ڪري نه ڏنو جو سندس تعلق سنڌ سان هو. هنن اڳ کيس طاقت جي زور تي بيروزگار ڪيو ۽ اڄ کيس صدارتي ۽ عالمي رانديگر وارو حق ڏيڻ کان به محروم ڪيو، جنهن جي خاص وجهه سندس شهيد ڀٽي جو ويجھو ساٿي ۽ سنڌ ڄائو هجڻ ئي آهي. هنن جئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ورتاءُ ڪيو، شهيد ڀٽي ٽٽل، ڦٽل ملڪ کي جوڙي ائٽم بم ڏئي عالمي قوتن اڳيان، دنيا جي طاقتور ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ جهڙو بڻايو؛ ته کيس اعزاز ڏيڻ بجاءِ سندس شخصيت کي زيرو ڪرڻ لاءِ کيس قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪائي کيس قاتلن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو. پر وقت گذرڻ کانپوءِ تاريخ ساڻس انصاف ڪندي سندس قتل کي عدالتي قتل قرار ڏيندي کيس بي ڏوهي ثابت ڪندي قوم کان معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو. ائين ئي شيرِ سنڌ، شير ميربحر جي شخصيت ۽ فن سان به هڪ ڏهاڙي تاريخ انصاف ڪندي. اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ‘ميان’ جي موجوده سرڪار ساڻس انصاف ڪندي کيس ‘ملهه راند جي عالمي رانديگر’ وارو اعزاز ڏئي ته بهتر آهي. نه ته: تاريخ جا انتقام ڏاڍا بي رحم ۽ ڀيانڪ ٿيندا آهن .....!!
( END )

شمشير- جنم جنم جو جوڳي !

 

شمشير- جنم جنم جو جوڳي !
مولائي ملاح
اَڄُ شمشير جـﻫـڙي جوڳيءَ، مست الست، قلندريءَ جـﻫـڙي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪنـﻫـن ڪتاب جي ضرورت ناهي؛ ڇوته هو پاڻ سڄي حياتي کليل ڪتاب رهيو آهي. جيڪڏهن ڪائي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته اُها اِها ته سندس زندگيءَ ۾ ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين کي سـﻫـيڙ جي! جيڪا وقت جي ضرورت ۽ اسانجي قومي ذميواري آهي. کيس مفلسيءَ سبب سڄي حياتي ڄڻ ته اهو ڀؤ هيو ته متان ڪٿي ويسر جي واءَ جي وَرِ نه چڙهي وڃان؛ جيئن سندس هي شعر آهي ته:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تو
                       اُهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون       (شمشير )
اڄ، توڙي شمشير اسانجي وچ ۾ ناهي، پراسان ائين چونداسين ته شمشير وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي؛ ان لاءِ ته سندس ڪيل ڪمن کي سـﻫـيڙڻ وارو ڪم جاري آهي. جيستائين هي جاکوڙي ماڻهو ڊاڪٽر ايوب شيخ، زُهير حسين حيدري، ادي مـﻫـرالنساءِ لاڙڪ، ايازجاني (ايڊيٽر پندرنهن وار همرچو)، همسفرگاڏهي (ايڊيٽر ماهوار افيئر)، ادي ثمينا ميمڻ (ايڊيٽر ٽماهي مـﻫـراڻ)، عبدالعزيزعقيلي (سيڪريٽري ثقافت)، ميڊم ياسمين ميمڻ (چيف ايڊيٽر ماهوار پيغام) ساڃاھوَند روپ ۾ ڪنـﻫـن ادارن ۾ آهن تيستائين شمشير جـﻫـڙا جاکوڙي ۽ مزاحمتي ڪردار زنده رهندا. انـﻫـن ماڻهن مان ڪن ڪتاب آندو ته ڪن وري پنـﻫـنجي رسالي ۾ شمشير جي شاعريءَ تي مضمون ۽ انٽريو، خاص نمبر، وغيره آڻي کيس زنده رکيو. اهڙا باشعور ماڻهو جيستائين انـﻫـن ادارن ۾ موجود آهن ۽ شمشير کي ججھي انداز ۾ پڙهندڙ ۽ لکندڙن جو حلقو موجود آهي، تيستائين شمشير ڪنـﻫـن کان به وسري نه ٿو سگھي. بيشڪ، هو پنـﻫـنجي ڪم ۽ ڪردار ۾ هميشه زنده رهندو.
هن سنڌي ادب ۾ جدت جي جيڪا جوت جڳائي، اُها ئي جديد صنف اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻي؛ جيڪا کيس شاعريءَ جي کيتر ۾ جيئاريندي رهندي. جيستائين سنڌي ادب ۾ ‘ آزاد نظم’ جا لکندڙ، آزاد نظم کي لکندا رهندا ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ پاڙهو نوجوان آزاد نظم کي چاھ سان پڙهندا رهندا، تيستائين تاريخ جي ورقن مان شمشير کي ڪوبه ميساري ۽ وساري نه ٿو سگھي.
شمشير، جنـﻫـن انداز سان ۽ جن حالتن ۾ آزاد نظم جي صنف کي متعارف ڪرايو، اُها هڪ نثري خيال کي نظمائڻ واري ٽيڪنڪ هئي، جنـﻫـن اڳتي هلي آزاد نظم جي صورت اختيار ڪئي. شمشير، جي سرجيل ‘آزاد نظمن’ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ نظم ۽ آزاد نظم سرجڻ لڳو. آزاد نظم جي رواج اچڻ کان پوءِ ڪيترائي شاعر پيدا ٿي پيا.
شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ تجربو ڪري سنڌي شاعريءَ جي مکيه فني، تاريخي، مسئلن کي ڇيڙي ان ۾ سنڌي شاعريءَ جي “ڪُل”  ۾ آزاد نظم جي “جُز” کي پيش ڪيو آهي؛ جيڪو تجربو سندس ڪامياب ثابت ٿيو. اهو سندس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏو ڪارنامو هيو.
شمشير چواڻي ته: آزاد نظم’ جديد شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي، جنـﻫـن کي سمجھڻ لاءِ جديد دور جي پس منظر کي الڳ نٿو ڪري سگھجي. نون تجربن جي سلسلي ۾ هيءَ صنف به هڪ شعوري ڪوشش آهي. آزاد نظم جيئن ته سنڌيءَ جي ‘جديد شاعريءَ’جو ئي جُز آهي ليڪن جيڪي ان تي اعتراض ٿيا سي شاعريءَ جي هڪ صنف طور نه، بلڪ گھڻو ڪري جديد شاعريءَ سان اختلاف ڪرڻ واري رويي  هيٺ ڪيا ويا.
فرينچ ۽ انگريزي ٻولين ۾ آزاد نظم جو تاريخي پسمنظر، جنـﻫـن کي شمشير پنـﻫـنجي ڪتاب : ‘سنڌي شاعريءَ جو اڀياس’ ۾ لکيو آهي ته: آزاد نظم’ فرانسيسي ادب جي  ‘علامت نگاريءَ’ واري دور جي پيدائش آهي. حقيقت ۾، ان جو باني فرانسس ويلي گرئفن(Francis Viele Graffin)  نالي آمريڪي شاعر آهي، جيڪو 19هين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري پئرس ۾ رهندو هو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو هو. شاعريءَ ۾ پنـﻫـنجي ان نئين تجربي سبب ئي کيس اڄ به هڪ اهم شاعر مڃيو وڃي ٿو. دراصل اهو هڪ اهڙو حيرت جـﻫـڙو ڪم هو، جيڪو ڪنـﻫـن به فرانسيسيءَ جي وس کان ٻاهر هو. فرانسيسي روايتون ايتريون پراڻيون ۽ ايڏيون سخت گير هيون، جو انـﻫـن کي ٽوڙڻ نـﻫـايت مشڪل هو. فرانسيسي ماڻهو مصوريءَ ۾ ڳوڙهن رنگن ۽ شاعريءَ ۾ نون لفظن جي استعمال جا عادي ڪونه هئا؛ بلڪ سندن عروضي قائدا ان وقت جي انگريزي شاعرن کان به سخت هئا. ويلي گرئفن نه رڳو فرينچ ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعريءَ جي روايتن کي قطعي طور ختم ڪري ڇڏيو، بلڪ انـﻫـن ۾ انگريزي بحر وزن جو استعمال به شروع ڪري ڏنائين. پنـﻫـنجي تصنيف: “جئائيز” جي ديباچي ۾ هن فرانس ۾ رائج هڪڙيءَ صنف کي پنـﻫـنجن انوکن عروضي اصولن سان ’Le Verse  est Libre‘ جو نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن کي‘Verse Libre’جو نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن کي verse libre’’ (آزاد شاعري) چوندا هئا. دراصل سندس شاعري رڳو ايتريقدر آزاد هئي، جو ان جي بحرن جا رڪن سڀني مصراعن ۾ هڪ جيترا نه هئا.
فرينچ ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ وانگر مقرر پدن (syllables) تي زور (Stress) نٿو ڏنو وڃي: ۽ 1880ع جي زماني تائين عروضدان ماترائن جي تعداد کي فرانسيسي نظم جو بنيادي اصول سمجھندا هئا، جنـﻫـن تي عام طرح ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعرن عمل ڪيو. وڪٽر هيوگو ڪلاسيڪي سختيءَ کي نرم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ علامت نگار شاعرن سندس پوئواري ڪئي.
انگريزي شاعرن مان جيڪي پـﻫـرين آزاد نظم کان متاثر ٿيا، سي فرينچ شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪندڙ شخص آهن، جن مان ٽي. اِي. هيوم (T.A.Hume)، فلنٽ (F.  S. Flint)   ، رچرڊ آلڊنگٽن ( (Richard Aldington، ايزرا پائونڊ  (Ezra Pound) ۽ ٽي. ايس. ايلئٽ                 (T. S. Eliot)  مکيه آهن.
ڊاڪٽر سحر امداد، پنـﻫـنجي ڪتاب ’شعور، شاعر ۽ شاعري‘ ۾ لکيو آهي ته: اٽڪل هڪ صدي اڳ شايع ٿيل. وٽمئن جي ڪلام جو مجموعو،’ليوز آف گراس‘  (Leaves of Grass) آزاد نظم جي جڳ مشـﻫـور تصنيف آهي ۽ غالباً وٽمئن ئي اڪيلو شاعر آهي، جنـﻫـن ڪُلي طرح آزاد نظم کي پنـﻫـنجي اظـﻫـار جو وسيلو بنايو.
شمشير جي مالي مفلسيءَ جي ته هر ڪنـﻫـن ڳالهه ڪئي آهي پر ان جي مالي سـﻫـائتا جي ته ڪنـﻫـن به ڳالهه ناهي ڪئي...!! جن مـﻫـربان دوستن هن جي مفسليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، انـﻫـن پاران سندن مالي سـﻫـائتا نه ڪرڻ وارو عمل به تاريخ جو ورق ٿيڻ گھرجي. هن جي مسڪيني حال جي هر ڪنهن کي خبر هئي، هن کان گھُريو نه ٿيو ۽ ڪنهن کان ڪرڻ نه پُڳو. شمشير دل جو ڪيڏو نه امير ماڻهو هيو، جنـﻫـن پنـﻫـنجي ڪمال مفلسيءَ جي ڳالهه پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪري سڀني کي حيران ڪري ويو آهي:  
اهڙو مفلس نه ڪنـﻫـن ڏٺو هوندو
                         هڪ دل، سا به ڪٿ وساري ويو        (شمشير)
شمشير، سٺ جي ڏهاڪي ۾ پنـﻫـنجي شاعريءَ جو 80 صفحن جو ڪتاب سـﻫـيڙيو، پر ان کي ڇپرائڻ جي نه ته ان وٽ سگھ هئي، ۽ نه ئي سندس دوستن ۽ ادبي بورڊ جي ڪا نيت هئي. ان کي پوءِ، غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف قريشيءَ جن پنـﻫـنجي قائم ڪيل اداري ‘ادارا ادب’ پبليڪيشن پاران ڇپرايو. ان اداري جي قيام جي ڪـﻫـاڻي به عجيب آهي. ادي غلام نبي مغل پئي ٻڌايو ته:“ اسان وٽ سرمايو ڪونه هيو، پوءِ هڪ وي. سي رکي سين، جنـﻫـن مان اسان کي 400 روپيه هٿ آيا، جنـﻫـن مان شمشير جو شاعري مجموعو‘ لاٽ’  جي نالي سان 1963- 1962ع ۾ ڇپايو سين.” ان ئي ڪتاب جو ٻيون ڇاپو سندس پٽ سليم حيدريءَ سهيڙيو؛ جيڪو ڊاڪٽر ايوب شيخ، شمشير جي زندگيءَ ۾ئي جولاءِ 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو؛ جيڪو جلد وڪري ٿيڻ سبب وري ٽيون ڀيرو آگسٽ 2012ع ۾ ڇپرايو ويو آهي.
اهڙي عمل تي جس لـﻫـڻن، غلام نبي مغل، طارق اشرف، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ثقافت کاتي جا سرواڻ ميڊم سسُئي پليجو (وزيرثقافت کاتو)، عبدالعزيز عقيلي، زُهير حسين حيدري، همسفرگاڏهي، اياز جاني، ميڊم ياسمين ميمڻ، ادي ثمينا ميمڻ، مـﻫـرالنساءِ لاڙڪ، جن ذاتي ڪوششون وٺي شمشير جي زندگيءَ تي ڪتاب، ڪالم ۽ سندس انٽرويو ڇاپي عوام آڏو آندا آهن. شمشير تي اڃا ڪن ادارن ۾ ڪم هلندڙ آهي، جيڪو وقت اچڻ تي عيان ٿيندو.
شمشير، سدابـﻫـار شاعر هيو جنـﻫـن کي پڙهندي، ٻڌندي ڪڏهن به ڪنـﻫـن کي بوريت يا ٿڪاوٽ جو ڪو احساس ڪونه ٿيندو آهي؛ سندس شاعريءَ ۾ اهڙي ته محبت جي مٺاس آهي، جو جنـﻫـن کيس هڪ ڀيرو پڙهيو يا ٻڌو، اهو سندس مداح بڻجي ويو؛ ڇو ته هن جو شاعراڻو اسلوب نرالو آهي. هن جي نظمن ۾ لفظن سان گڏ تخيل جي به نواڻ آهي. سندس مقبول‘ آزاد نظم’ همسفرو!، پيشڪش، ڪاڪ محل، الوداع، پيدائش، آرزوجو سفر،   … آهن، جن کي هڪ ئي ساهيءَ ۾ ماڻهو پڙهي وڃي ٿو.
شمشير، نظم، آزاد نظم کان علاوه گيت به لکيا. جن تي عوام کيس ڀرپور موٽ ڏني. سندس شاعري، شخصيت جي اها مهانتا، مقبوليت آهي؛ جو هن جيڪو ڪجھ لکيو، ان کي عوام دل سان قبول ڪيو. جيئن شازيه خشڪ جي آواز ۾ چيل سندس هن گيت جي ٻُولَ ٻُرَڻَ تي هر عمر جو ماڻهون گد گد ٿي جھومي پوندو هو. ته:
حسينه  پـوپَــري آهــي ، عجب جــي ڇوڪــري آهــي
                        ڇوڪري ڙي توکي ڪير ماڻيندو ڀاڳن وارو ماڻيندو.  (شمشير)
شمشير مفلس ماڻهو، پنـﻫـنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ ۾ تمام وڏو ماڻهو هو. هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به شاعري سرجي، تنـﻫـن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو. شاعري هڪ قدرتي ڏات آهي، جنـﻫـن جي سرجڻ کي هي اٽڪل چوندو هو. ميڊم مـﻫـتاب اڪبر راشديءَ چواڻي ته: “خبر ناهي ته اُها ڪهڙي اٽڪل هئي جنـﻫـن کيس وڏو شاعر بڻائي ڇڏيو.” شمشير، شاعريءَ ۾ لفظ ڏانءَ جي جاءِ تي ’اٽڪل‘ استعمال ڪندو هو. شاعريءَ جي ڏانءَ بابت کانئس پڇڻ تي جواب ڏيندو هيو ته: “مون شاعري ڪرڻ واري اٽڪل سکي ورتي آهي.”
شمشير، جي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سرجيل شاعريءَ جي هنن سٽن ۾ تخيل جي ڪيڏي نه گـﻫـرائي ۽ فن جي ڪيڏي نه اٽڪل رکيل آهي:
جـﻫـــانِ عشــق جــو ســــردار آخــري آهــيان
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان
ملنــگ مســت الســـتي قلنــــدري آهــيان
عجيب آهيــان هـزارن ۾ حيـدري آهيان
شمشير، پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ حسن بانوءَ جو ذڪر ڪيو آهي؛  حسن بانو، جيڪا حياتيءَ جو روپ ڌاري مٿس وارد ٿي هئي، تنـﻫـنجي وارن جي واس جو ذڪر به هن ڪيڏي نه ڪمال جي اٽڪل سان ڪيو آهي ته:
تنـﻫـنجي وارن جو واس جنـﻫـن ورتو
وقـت جـي سيـنڌ کــي  سنــواري ويــو
شمشير، جي سڄي شاعريءَ ۾ اسان کي رومانويت، جماليات کان وڌ مزاحمت وارو پاسو سگھارو نظر اچي ٿو؛ هو پنـﻫـنجي مزاجن جيان پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ به مزاحمتي هو، جيئن سندس هڪ شعر آهي ته:
سـدا ظلم جي مـات چونـدا رهيـا سـين
سرِ عــام هــر بـات چونـدا رهيــا سـيـن
اوهــان ڪـيـتــرو ئــــي ڌتــاريـو دٻــايــو
اسان رات کي رات چوندا رهيا سين
شمشير، سجاڳ ذهن ۽ روشن خيال ماڻهو هيو، هن پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ به قوم کي اهڙو ئي  پيغام ڏنو آهي؛ جيئن پنـﻫـنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو ته:
اُٿو جو هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪني ڪـڍي
اُٿو جو هاڻـي هـڪ نئـون جـﻫــان پيو جـنم وٺـي
ڏسـو ته هـو روايتن جـا ڪـاڪ مـحل پيـا ڪـرن
ڏسـو ته هُـــو غــلامـين جــا ڪــوٽ ڍير پيـا ٿـيـن
اُٿـو جـوهـاڻ پـنـﻫـنـجي هـيءَ ، جنـگ آهـي آخـري
سـنڀـالـيو پـنـﻫـنـجا مـورچـا، مـحاذ تي وري وري
شمشير، پنـﻫـنجي ٽـﻫـيءَ جو، سنڌ جو اُهو يگانو شاعر آهي، جنـﻫـن وڏن ميڙاڪن ۾ عام ماڻهن توڙي پنـﻫـنجن پرستارن کان علاوه، هم عصر شاعرن کان جتي پنـﻫـنجي لکيل شعرن تي داد حاصل ڪيو، اُتي هن 1967ع ۾ پنـﻫـنجي نظرياتي استاد محمد ابراهيم جوئي کان به ڀرپور داد حاصل ڪيو. ابراهيم جوئي چواڻي ته: “مون کي ته شمشير جي هنن لفظن ۾، شايد کانئس به زياده ، اعتماد آهي.”
حقيقتن کي  طبيعت جي روشـني پــﻫـتي
اڄو ڪـي دور جو دانا ڪـري پيــو محنت
زمانـو طـي ڪـري آيـو خيــال جي بـســتي
نرالي نور کي روڪي نٿي سگھي طاقت
شمشير، عام زندگيءَ ۾ جيترو سادو ۽ محبتي ماڻهو هيو، عمل ۽ ارادن ۾ به اوتروئي سگھارو ۽ ارڏو ماڻهو هيو. هن ڏکين حالتن ۾ به ارڏائپ جي عَلم کي بلند رکيو، آمريت اڳيان آڻ نه مڃي؛ هن ضيائي آمريت جي دور ۾ به صحافت جي سگھ کي جاري رکيو. هن 1984ع ۾ ابراهيم جوئي سان گڏ “ هدايت ” جي نالي سان اخبار جاري ڪري، ان ۾ ضياءَ شاهيءَ خلاف ڀرپور آرٽيڪل، ايڊيٽوريل لکيا؛ جيڪا جون کان جاري ٿي ۽ ڊسمبر تائين مس هلي سگھي؛ آمريت سان اختلاف سبب ان تي سرڪاري پابندي پئجي وئي.
شمشير، جنم جنم جو جوڳي ۽ سنڌ جو روڳي آهي. سنڌ سان سلهاڙيل اُها  ڪـﻫـڙي شيءِ آهي، جنـﻫـن تي شمشير کليل نموني پنـﻫـنجي راءِ نه ڏني هجي؛ هن سنڌ جي يگاني عاشق، سنڌ جي حقن جي ڳالهه هر دؤر ۾ ڀير تي ڏونڪو هڻي ڪئي آهي. سندس شعر جو هڪ بند آهي ته:
ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿيا سين
زنـجــيـر کـــان وڌ پنـهنـجـو دمـسـاز نه آهــي
شمشير پنـﻫـنجي وس، وت ۽ ڄاڻ آهر، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي تاريخي ڪم ڪري، اعزاز ماڻيا آهن. سنڌي ادب ۾ هن جي سڃاڻپ: آزاد نظم جو خالق، ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ پـﻫـريون سنڌي ڊرامو“زينت ” جي لکڻ کان وٺي پـﻫـريون سنڌي ڪمپيئر ٿيڻ واري رهي آهي، جنـﻫـن تي  کيس اعزاز حاصل ٿيا آهن.

( پورو ٿيو)

  ( ڪتاب : شمشير، فن ۽ شخصيت _ سهيڙيندڙ: مهرالنساءِ لاڙڪ؛ 2013ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بور حيدرآباد )