ايڏو ساڙ سڳنڌ
سان ..!!
شير ميربحر: ملهه جي ‘عالمي رانديگر’ واري اعزاز کان محروم ڇو؟!
مولائي ملاح
ڪجھ سال اڳ ARY چئنل تي صبح جو نشر ٿيندڙ پروگرام ‘صبح بخير پاڪستان’ جي
ميزبان ڊاڪٽر شائسته واحدي کي پروگرام ۾ ڪرنٽ نيوز:‘ڪرڪيٽ راند ۾ پاڪستان پاران
هندستان کي شڪست’ ملڻ واري خبر پڙهڻ کانپوءِ، (کيس گدگد ٿيندي ڏٺم) هٿن جون ٻئي مٺيون
بند ڪري ٻئي ٻانهون ڪلهن تائين مٿي کڻي هوا ۾ لوڏيندي ۽ چهري تي مرڪ آڻي چئي رهي
هئي ته: “پاڪستان جب انڊيا ڪو شڪست ديتا هئي تو مزا هي ڪچهه اور آتا هئي” گول چهري،
وڏي وات واري سنهڙي ۽ سهڻي شائسته واحديءَ جي واتان اهڙا لفظ اچارجڻ مهل سندس چهري
جي چاشنيءَ جو رنگ اڃا به گهِرو ۽ لڀائيندڙ ٿيندو ٿي ويو. مون ان مهل محسوس ڪيو ته
پاڙيسري ملڪ سان مهاڏو اٽڪائڻ، فتح ماڻڻ مهل پوءِ ڀلي اهو راند جو ميدان هجي يا
جنگ جو محاذ، ان تي اسانجي ملڪ جي مرد مجاهدن کان ويندي ٻارڙن ۽ عورتن تائين سڀ
ماڻهو ڪيڏا گد گد ٿين ٿا. ڇا ؟ هي نسل ان وقت به ائين ئي گد گد ٿيو هو جڏهن سنڌ جي
قومي رانديگر شير ميربحر 1966ع ۾ هندستان جي سِکَ پهلوان گرنام سنگھ کي ملهه جي
ميدان ۾ شڪست ڏني هئي......؟!!! مون اهو به ڏٺو آهي ته پاڪستان جا رانديگر جڏهن
عالمي راند ‘ورلڊ ڪپ’ ۾ کيڏندا، کٽيندا آهن ته انهن جي اتساهه لاءِ شهر جي گھرن ۽
گھٽين ۾ 65 ۽ 71ع جي جنگ جهڙو اُتساهيندڙ ماحول نظر ايندو آهي. محبِ وطن عوام گھرن
کان ٻاهر روڊن تي نڪري ايندو آهي؛ ۽ سندن ڪاميابيءَ لاءِ ڪي دعائون ته ڪي خير خيراتون
به باسيندا، ڪندا آهن. سندن فتح سان ئي دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ۽ ڳاٽ اوچو
ٿيندو. جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ڪندڙ انهن فاتح رانديگرن
۽ انهن جي پوري ٽيم کي اڳواڻ سميت، اهڙي ڪاميابي ماڻڻ تي، مبارڪن سان گڏ بنا ڪنهن
فرق جي سندن قدر ڪندي اسانجي وفاقي سرڪار کين وڏن وڏن اعزازن ۽ (سنڌ ۾ زمين ڏيڻ
واري) انعام سان نوازيندي آهي، جيڪو پڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي ۽ سنڌ جي بين
الاقوامي رانديگر کي سڄي حياتي بنا ڪنهن فرق جي اهڙن اعزازن ۽ انعامن کان محروم
رکيو ويندو آهي.
مان جڏهن سنڌ جي
قومي، ثقافتي راند ‘ملهه’ جي عالمي رانديگر شير ميربحر جي زندگيءَ تي پهريون ڀيرو
لکڻ لاءِ قلم کڻڻ کان اڳ سندس زندگيءَ، ڪارنامن ۽ ڪردار کي پڙهڻ شروع ڪيم ته، سندس
سوانح حيات پڙهي دنگ رهجي ويم ۽ بي ساخته زبان مان نڪتو ته: “اهڙو ڪو انڌير،
سرتيون جهڙو سنڌ ۾! ”شيرِ سنڌ سان وفاق جي مهندارن پاران سڄي حياتي ساڙ جو انداز
به شاهه جي هن سٽ جهڙو نظر آيم ته: ‘اهڙو ساڙ سڳنڌ سان...!!’
شير، جي
تاريخ پڙهڻ کانپوءِ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويون. سندس شخصيت ۽ فن سان انصاف ٿيڻ
بابت سچ ته اهو آهي؛ جو آمريتي سوچ کيس هميشه ديوار سان لڳائي رکيو ۽ عوامي سوچ شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو ساڻس انصاف ڪيو.
اهو هيئن ته
عوامي سوچ جي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سندس فن جو قدر ڪندي سهائتا لاءِ کيس 1974ع ۾ سنڌ جي قومي، ثقافتي
راند ‘ملهه’ جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو، رٽائرمينٽ
کانپوءِ سندس لاءِ وظيفو مقرر ڪيو. جنهن کي جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو
جيڪو پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ بحال ڪيو. جنرل ايوب کان ويندي جنرل ضياءُ الحق تائين ساڻس
نا انصافيءَ جو سلسلو جاري رهيو، آمريتي سوچ سندس فن ۽ شخصيت سان وري ناانصافي اها
ڪئي جو جڏهن طالب المولى پاران سنه 1962ع ’هالا دنگل‘ ۾ هن چيڪوسلاويڪيا جي پهلوان
جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي دنيا جي مڃيل پهلوان تي راند جي ميدان ۾ فتح حاصل ڪئي ته سرڪار
کيس ڪنهن به وڏي انعام ۽ اعزاز سان نوازڻ بجاءِ ڪجھ سالن کانپوءِ سندس شخصيت، فن
جي حيثيت کي گھٽائڻ، زيرو ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه پاران کيس بدنام زمانه ڪيس
قلم 110 تحت چالان ڪيو ويو. جيڪا سندس شخصيت ۽ فن سان کلئي ناانصافي هئي. اها سزا
کيس صرف سنڌ ڄائو، پ پ پ جو ورڪر ۽ شهيد ڀٽي جو سچو ساٿي هئڻ ڪري ئي ڏني وئي. جنرل
ضياءُ الحق کيس شهيد ڀٽي جي عوامي حڪومت پاران ملندڙ وظيفو زندگيءَ جي پڇاڙڪن
ڏهاڙن ۾ بند ڪيو جنهن کي پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ بحال ڪيو.
شير ميربحر،
جڏهن دنيا جي مڃيل پهلوان جاپان، آسٽريليا جي آسٽن ۽ چيڪوسلاويڪيا جي پهلوان جارج زيبسڪو
کي شڪست ڏئي پاڪستان جو نالو (پهلواني- راند ) جي ميدان ۾ دنيا جي فاتح ملڪن ۾
شامل ڪيو ته اهڙي فتح تي کيس ڇا مليو؟! هن مهل تائين ته ڪجھ به نه .....!! چون ٿا
ته: چيڪو سلاويڪيا جي بهادر پهلوان جارج زيبسڪو پوري دنيا جي پهلوانن کي پاڻ سان ڪهڙي
به راند وڙهڻ جو چئلينج ڏيندي چيو هيو ته: جيڪڏهن سندس ڏنل آخري تاريخ تائين دنيا
جي ڪنهن به ملڪ جو رانديگر ساڻس نه وڙهيو ته هو پاڻ کي دنيا جو فاتح رانديگر قرار
ڏيندو. اهو چئليج پوري دنيا مان صرف سنڌ ڄائي شير ميربحر ئي قبول ڪيس؛ جنهن کيس
شڪست ڏئي دنيا جي فاتح رانديگر جو اعزاز ماڻي ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو.
چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته: سندس اهڙي فتح ماڻڻ تي ٿيڻ ته ائين کپندو هيو جو اسان جا
حڪمران کيس وڏن، انعامن ۽ اعزازن سان نوازين ها، ائين جيئن ڌارين راندين ۾ ڪاميابي
ماڻيندڙ ٻين صوبن جي رانديگرن کي ترت نوازيو وڃي ٿو. پر هن سنڌ ڄائي سان ائين نه
ٿيو. کيس ايڏي وڏي ڪاميابي ماڻڻ تي به مايوس ڪيو ويو. کيس ‘عالمي رانديگر’ جو لقب
ڏيڻ بجاءِ کيس صرف سنڌ تائين محدود رکڻ لاءِ ‘رستمِ سنڌ ’ جي لقب ۾ سڄي حياتي رکيو
ويو. هن ان لقب کي به فراخ دليءَ سان قبوليندي چيو ته: ‘مون لاءِ اها وڏي ڳالهه
آهي ته مان ‘رستمِ سنڌ’ آهيان ۽ منهنجي سڃاڻپ سنڌ سان آهي’. وري ان لقب جي هنن پاڻ
ئي لڄ نه رکي. ٿيو هيئن ته هن فقير منش ماڻهوءَ جڏهن فراخ دليءَ سان ان ‘رستمِ
سنڌ’ واري خطاب کي مرڪندي قبوليو ته اها فتح، شهريت به کانئن برداشت ٿي نه سگھي. پوءِ
هنن سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين پهلوانن کي به ان ئي لقب ‘رستم’ سان نوازڻ شروع ڪيو. (جن
مان ڪيترائي شير کان شڪست کاڌل هيا.) جيئن رستم بهاولپور دوست علي ولاڻو، هن جو
اصل ڳوٺ لڳ صادق آباد بهاولپور ڊويزن آهي. نئون رستم سيد سمن شاهه اصل ڳوٺ پليجا
ضلع خيرپور، رستم خيرپور ڊويزن در محمد عالماڻي، ضلع نواب شاهه ( شهيد بينظير
آباد) جو رهواسي آهي. رستم ٺٽو بکر شيدي، سندس اصل نالو غلام حسين آهي پاڻ مشهور
پهلوان انب شيديءَ جو پٽ آهي. رستم دادو غلام قادر لغاري، ڀان سعيد آباد ضلع دادو
جو رهواسي هيو. رستم رياست رمضان ميتلو، خيرپور ضلعي ڳوٺ پير شهبازيءَ جو ويٺل
آهي. رستم جيڪب آباد غلام حيدر بڙدي، ڳوٺ صحبت پور گولو ضلع جيڪب آباد . رستم
حيدرآباد ڊويزن جمعدار محمد رحيم، پوليس ۾ جمعدار هئڻ جي باوجود به ملهه جو شوق
هيس ڀلو ملهه هيو ملهه جي شوق ۾ نوڪري کي به ڇڏي ڏنائين، پاڻ ضلعي ٺٽي جو رهواسي
هيو. رستم ٽنڊو محمد خان نواز علي رند. رستم ٺري غلام محمد شر، ڳوٺ مينگھو فقير شر
تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ميرس. وغيره شامل آهن. اسانجا هي سڀ پهلوان سنڌي
ڪلچر جي سونهن ۽ سنڌ جا هيروز آهن هنن سان انصاف ڪندي کين ‘رستم’ جو لقب اگر نيڪ
نيت سان سندن اعزاز طور ڏنو وڃي ها ته اها ساراهه جوڳي ڳالهه ٿئي هان؛ پر هنن کي
اهي لقب صرف ’شيرِ سنڌ‘ جي اعزاز کي
گھٽائڻ لاءِ ڏنا ويا هيا جيڪا هڪ آمريتي چال هئي. جيڪا اڄ به هن (ميان نواز شريف
جي) حڪومت تائين تسلسل سان هلندي اچي پئي.
شهيد ڀٽو ۽ شهيد
راڻيءَ کان پوءِ، سنڌ ڄائي شير ميربحر، جي
شخصيت ۽ فن سان انصاف ڪرڻ لاءِ پ پ پ جي موجوده حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ان جي عوامي
درد رکندڙ هر دل عزيز ۽ سنڌي ڪلچر سان گهرو چاهه رکندڙ نوجوان صوبائي وزير محترم ضياءُ
الحسن لنجار صاحب پاران ورتل ڪوششن جي باوجود به کيس 14 هين آگسٽ 2014ع تي صدارتي
ايوارڊ نه ملي سگھيو؛ جيڪا ‘مٿين سرڪار’ پاران، سنڌ، سنڌي ڪلچر ۽ شيرِ سنڌ سان سڌي
سنئين آمريتي دور جهڙي ناانصافي آهي.
رستم سنڌ، شير
ميربحر جي فن ۽ شخصيت سان انصاف ڪرڻ لاءِ، ٿيڻ ته ائين گھربو هيو جو جئين پنجاب ۽ ‘پنڊ’
جي پهلوانن کي راندين ۽ عهدن تان لهڻ مهل، رٽائرڊ ٿيڻ تي وڏن انعامن ۽ اعزازن سان
نوازيو وڃي ٿو. ائين ئي هن سنڌ جي عالمي معيار جي رانديگر کي به اهڙن ئي انعامن ۽ اعزازن
سان نوازيو وڃي ها پر ائين نه ٿيو.؟!
هاڻ اهڙي عمل ۾
دير جو سبب اهو ئي سمجھو وڃي ٿو ته: آمريت جي پوڄارين، سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر سان صدين
کان وير رکندڙن، شيرِ سنڌ کي صدارتي
ايوارڊ ان ڪري نه ڏنو جو سندس تعلق سنڌ سان هو. هنن اڳ کيس طاقت جي زور تي
بيروزگار ڪيو ۽ اڄ کيس صدارتي ۽ عالمي رانديگر وارو حق ڏيڻ کان به محروم ڪيو، جنهن
جي خاص وجهه سندس شهيد ڀٽي جو ويجھو ساٿي ۽ سنڌ ڄائو هجڻ ئي آهي. هنن جئين شهيد
ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ورتاءُ ڪيو، شهيد ڀٽي ٽٽل، ڦٽل
ملڪ کي جوڙي ائٽم بم ڏئي عالمي قوتن اڳيان، دنيا جي طاقتور ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان
ملائي بيهڻ جهڙو بڻايو؛ ته کيس اعزاز ڏيڻ بجاءِ سندس شخصيت کي زيرو ڪرڻ لاءِ کيس
قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪائي کيس قاتلن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو. پر وقت
گذرڻ کانپوءِ تاريخ ساڻس انصاف ڪندي سندس قتل کي عدالتي قتل قرار ڏيندي کيس بي
ڏوهي ثابت ڪندي قوم کان معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو. ائين ئي شيرِ سنڌ، شير ميربحر جي
شخصيت ۽ فن سان به هڪ ڏهاڙي تاريخ انصاف ڪندي. اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ‘ميان’ جي موجوده
سرڪار ساڻس انصاف ڪندي کيس ‘ملهه راند جي عالمي رانديگر’ وارو اعزاز ڏئي ته بهتر
آهي. نه ته: تاريخ جا انتقام ڏاڍا بي رحم ۽ ڀيانڪ ٿيندا آهن .....!!
( END )
thankx jon sain
ReplyDelete