Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Wednesday, 25 February 2015

شير ميربحر: ملهه جي ‘عالمي رانديگر’ واري اعزاز کان محروم ڇو؟!



ايڏو ساڙ سڳنڌ سان ..!!
شير ميربحر: ملهه جي ‘عالمي رانديگر’ واري اعزاز کان محروم ڇو؟!
مولائي ملاح
ڪجھ سال اڳ ARY چئنل تي صبح جو نشر ٿيندڙ پروگرام ‘صبح بخير پاڪستان’ جي ميزبان ڊاڪٽر شائسته واحدي کي پروگرام ۾ ڪرنٽ نيوز:‘ڪرڪيٽ راند ۾ پاڪستان پاران هندستان کي شڪست’ ملڻ واري خبر پڙهڻ کانپوءِ، (کيس گدگد ٿيندي ڏٺم) هٿن جون ٻئي مٺيون بند ڪري ٻئي ٻانهون ڪلهن تائين مٿي کڻي هوا ۾ لوڏيندي ۽ چهري تي مرڪ آڻي چئي رهي هئي ته: “پاڪستان جب انڊيا ڪو شڪست ديتا هئي تو مزا هي ڪچهه اور آتا هئي” گول چهري، وڏي وات واري سنهڙي ۽ سهڻي شائسته واحديءَ جي واتان اهڙا لفظ اچارجڻ مهل سندس چهري جي چاشنيءَ جو رنگ اڃا به گهِرو ۽ لڀائيندڙ ٿيندو ٿي ويو. مون ان مهل محسوس ڪيو ته پاڙيسري ملڪ سان مهاڏو اٽڪائڻ، فتح ماڻڻ مهل پوءِ ڀلي اهو راند جو ميدان هجي يا جنگ جو محاذ، ان تي اسانجي ملڪ جي مرد مجاهدن کان ويندي ٻارڙن ۽ عورتن تائين سڀ ماڻهو ڪيڏا گد گد ٿين ٿا. ڇا ؟ هي نسل ان وقت به ائين ئي گد گد ٿيو هو جڏهن سنڌ جي قومي رانديگر شير ميربحر 1966ع ۾ هندستان جي سِکَ پهلوان گرنام سنگھ کي ملهه جي ميدان ۾ شڪست ڏني هئي......؟!!! مون اهو به ڏٺو آهي ته پاڪستان جا رانديگر جڏهن عالمي راند ‘ورلڊ ڪپ’ ۾ کيڏندا، کٽيندا آهن ته انهن جي اتساهه لاءِ شهر جي گھرن ۽ گھٽين ۾ 65 ۽ 71ع جي جنگ جهڙو اُتساهيندڙ ماحول نظر ايندو آهي. محبِ وطن عوام گھرن کان ٻاهر روڊن تي نڪري ايندو آهي؛ ۽ سندن ڪاميابيءَ لاءِ ڪي دعائون ته ڪي خير خيراتون به باسيندا، ڪندا آهن. سندن فتح سان ئي دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ۽ ڳاٽ اوچو ٿيندو. جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. دنيا ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ڪندڙ انهن فاتح رانديگرن ۽ انهن جي پوري ٽيم کي اڳواڻ سميت، اهڙي ڪاميابي ماڻڻ تي، مبارڪن سان گڏ بنا ڪنهن فرق جي سندن قدر ڪندي اسانجي وفاقي سرڪار کين وڏن وڏن اعزازن ۽ (سنڌ ۾ زمين ڏيڻ واري) انعام سان نوازيندي آهي، جيڪو پڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي ۽ سنڌ جي بين الاقوامي رانديگر کي سڄي حياتي بنا ڪنهن فرق جي اهڙن اعزازن ۽ انعامن کان محروم رکيو ويندو آهي.
مان جڏهن سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ‘ملهه’ جي عالمي رانديگر شير ميربحر جي زندگيءَ تي پهريون ڀيرو لکڻ لاءِ قلم کڻڻ کان اڳ سندس زندگيءَ، ڪارنامن ۽ ڪردار کي پڙهڻ شروع ڪيم ته، سندس سوانح حيات پڙهي دنگ رهجي ويم ۽ بي ساخته زبان مان نڪتو ته: “اهڙو ڪو انڌير، سرتيون جهڙو سنڌ ۾! ”شيرِ سنڌ سان وفاق جي مهندارن پاران سڄي حياتي ساڙ جو انداز به شاهه جي هن سٽ جهڙو نظر آيم ته: ‘اهڙو ساڙ سڳنڌ سان...!!’ 
  شير، جي تاريخ پڙهڻ کانپوءِ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويون. سندس شخصيت ۽ فن سان انصاف ٿيڻ بابت سچ ته اهو آهي؛ جو آمريتي سوچ کيس هميشه ديوار سان لڳائي رکيو ۽ عوامي سوچ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ساڻس انصاف ڪيو.
اهو هيئن ته عوامي سوچ جي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سندس فن جو قدر ڪندي  سهائتا لاءِ کيس 1974ع ۾ سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ‘ملهه’ جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو،  رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس لاءِ وظيفو مقرر ڪيو. جنهن کي جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو جيڪو پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ بحال ڪيو. جنرل ايوب کان ويندي جنرل ضياءُ الحق تائين ساڻس نا انصافيءَ جو سلسلو جاري رهيو، آمريتي سوچ سندس فن ۽ شخصيت سان وري ناانصافي اها ڪئي جو جڏهن طالب المولى پاران سنه 1962ع ’هالا دنگل‘ ۾ هن چيڪوسلاويڪيا جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي دنيا جي مڃيل پهلوان تي راند جي ميدان ۾ فتح حاصل ڪئي ته سرڪار کيس ڪنهن به وڏي انعام ۽ اعزاز سان نوازڻ بجاءِ ڪجھ سالن کانپوءِ سندس شخصيت، فن جي حيثيت کي گھٽائڻ، زيرو ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه پاران کيس بدنام زمانه ڪيس قلم 110 تحت چالان ڪيو ويو. جيڪا سندس شخصيت ۽ فن سان کلئي ناانصافي هئي. اها سزا کيس صرف سنڌ ڄائو، پ پ پ جو ورڪر ۽ شهيد ڀٽي جو سچو ساٿي هئڻ ڪري ئي ڏني وئي. جنرل ضياءُ الحق کيس شهيد ڀٽي جي عوامي حڪومت پاران ملندڙ وظيفو زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ بند ڪيو جنهن کي پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ بحال ڪيو.
شير ميربحر، جڏهن دنيا جي مڃيل پهلوان جاپان، آسٽريليا جي آسٽن ۽ چيڪوسلاويڪيا جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي پاڪستان جو نالو (پهلواني- راند ) جي ميدان ۾ دنيا جي فاتح ملڪن ۾ شامل ڪيو ته اهڙي فتح تي کيس ڇا مليو؟! هن مهل تائين ته ڪجھ به نه .....!! چون ٿا ته: چيڪو سلاويڪيا جي بهادر پهلوان جارج زيبسڪو پوري دنيا جي پهلوانن کي پاڻ سان ڪهڙي به راند وڙهڻ جو چئلينج ڏيندي چيو هيو ته: جيڪڏهن سندس ڏنل آخري تاريخ تائين دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو رانديگر ساڻس نه وڙهيو ته هو پاڻ کي دنيا جو فاتح رانديگر قرار ڏيندو. اهو چئليج پوري دنيا مان صرف سنڌ ڄائي شير ميربحر ئي قبول ڪيس؛ جنهن کيس شڪست ڏئي دنيا جي فاتح رانديگر جو اعزاز ماڻي ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته: سندس اهڙي فتح ماڻڻ تي ٿيڻ ته ائين کپندو هيو جو اسان جا حڪمران کيس وڏن، انعامن ۽ اعزازن سان نوازين ها، ائين جيئن ڌارين راندين ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٻين صوبن جي رانديگرن کي ترت نوازيو وڃي ٿو. پر هن سنڌ ڄائي سان ائين نه ٿيو. کيس ايڏي وڏي ڪاميابي ماڻڻ تي به مايوس ڪيو ويو. کيس ‘عالمي رانديگر’ جو لقب ڏيڻ بجاءِ کيس صرف سنڌ تائين محدود رکڻ لاءِ ‘رستمِ سنڌ ’ جي لقب ۾ سڄي حياتي رکيو ويو. هن ان لقب کي به فراخ دليءَ سان قبوليندي چيو ته: ‘مون لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي ته مان ‘رستمِ سنڌ’ آهيان ۽ منهنجي سڃاڻپ سنڌ سان آهي’. وري ان لقب جي هنن پاڻ ئي لڄ نه رکي. ٿيو هيئن ته هن فقير منش ماڻهوءَ جڏهن فراخ دليءَ سان ان ‘رستمِ سنڌ’ واري خطاب کي مرڪندي قبوليو ته اها فتح، شهريت به کانئن برداشت ٿي نه سگھي. پوءِ هنن سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين پهلوانن کي به ان ئي لقب ‘رستم’ سان نوازڻ شروع ڪيو. (جن مان ڪيترائي شير کان شڪست کاڌل هيا.) جيئن رستم بهاولپور دوست علي ولاڻو، هن جو اصل ڳوٺ لڳ صادق آباد بهاولپور ڊويزن آهي. نئون رستم سيد سمن شاهه اصل ڳوٺ پليجا ضلع خيرپور، رستم خيرپور ڊويزن در محمد عالماڻي، ضلع نواب شاهه ( شهيد بينظير آباد) جو رهواسي آهي. رستم ٺٽو بکر شيدي، سندس اصل نالو غلام حسين آهي پاڻ مشهور پهلوان انب شيديءَ جو پٽ آهي. رستم دادو غلام قادر لغاري، ڀان سعيد آباد ضلع دادو جو رهواسي هيو. رستم رياست رمضان ميتلو، خيرپور ضلعي ڳوٺ پير شهبازيءَ جو ويٺل آهي. رستم جيڪب آباد غلام حيدر بڙدي، ڳوٺ صحبت پور گولو ضلع جيڪب آباد . رستم حيدرآباد ڊويزن جمعدار محمد رحيم، پوليس ۾ جمعدار هئڻ جي باوجود به ملهه جو شوق هيس ڀلو ملهه هيو ملهه جي شوق ۾ نوڪري کي به ڇڏي ڏنائين، پاڻ ضلعي ٺٽي جو رهواسي هيو. رستم ٽنڊو محمد خان نواز علي رند. رستم ٺري غلام محمد شر، ڳوٺ مينگھو فقير شر تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ميرس. وغيره شامل آهن. اسانجا هي سڀ پهلوان سنڌي ڪلچر جي سونهن ۽ سنڌ جا هيروز آهن هنن سان انصاف ڪندي کين ‘رستم’ جو لقب اگر نيڪ نيت سان سندن اعزاز طور ڏنو وڃي ها ته اها ساراهه جوڳي ڳالهه ٿئي هان؛ پر هنن کي اهي لقب صرف ’شيرِ سنڌ‘  جي اعزاز کي گھٽائڻ لاءِ ڏنا ويا هيا جيڪا هڪ آمريتي چال هئي. جيڪا اڄ به هن (ميان نواز شريف جي) حڪومت تائين تسلسل سان هلندي اچي پئي.
شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻيءَ  کان پوءِ، سنڌ ڄائي شير ميربحر، جي شخصيت ۽ فن سان انصاف ڪرڻ لاءِ پ پ پ جي موجوده حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ ان جي عوامي درد رکندڙ هر دل عزيز ۽ سنڌي ڪلچر سان گهرو چاهه رکندڙ نوجوان صوبائي وزير محترم ضياءُ الحسن لنجار صاحب پاران ورتل ڪوششن جي باوجود به کيس 14 هين آگسٽ 2014ع تي صدارتي ايوارڊ نه ملي سگھيو؛ جيڪا ‘مٿين سرڪار’ پاران، سنڌ، سنڌي ڪلچر ۽ شيرِ سنڌ سان سڌي سنئين آمريتي دور جهڙي ناانصافي آهي.    
رستم سنڌ، شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت سان انصاف ڪرڻ لاءِ، ٿيڻ ته ائين گھربو هيو جو جئين پنجاب ۽ ‘پنڊ’ جي پهلوانن کي راندين ۽ عهدن تان لهڻ مهل، رٽائرڊ ٿيڻ تي وڏن انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو وڃي ٿو. ائين ئي هن سنڌ جي عالمي معيار جي رانديگر کي به اهڙن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو وڃي ها پر ائين نه ٿيو.؟!
هاڻ اهڙي عمل ۾ دير جو سبب اهو ئي سمجھو وڃي ٿو ته: آمريت جي پوڄارين، سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر سان صدين کان وير رکندڙن، شيرِ سنڌ  کي صدارتي ايوارڊ ان ڪري نه ڏنو جو سندس تعلق سنڌ سان هو. هنن اڳ کيس طاقت جي زور تي بيروزگار ڪيو ۽ اڄ کيس صدارتي ۽ عالمي رانديگر وارو حق ڏيڻ کان به محروم ڪيو، جنهن جي خاص وجهه سندس شهيد ڀٽي جو ويجھو ساٿي ۽ سنڌ ڄائو هجڻ ئي آهي. هنن جئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ورتاءُ ڪيو، شهيد ڀٽي ٽٽل، ڦٽل ملڪ کي جوڙي ائٽم بم ڏئي عالمي قوتن اڳيان، دنيا جي طاقتور ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ جهڙو بڻايو؛ ته کيس اعزاز ڏيڻ بجاءِ سندس شخصيت کي زيرو ڪرڻ لاءِ کيس قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪائي کيس قاتلن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو. پر وقت گذرڻ کانپوءِ تاريخ ساڻس انصاف ڪندي سندس قتل کي عدالتي قتل قرار ڏيندي کيس بي ڏوهي ثابت ڪندي قوم کان معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو. ائين ئي شيرِ سنڌ، شير ميربحر جي شخصيت ۽ فن سان به هڪ ڏهاڙي تاريخ انصاف ڪندي. اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ‘ميان’ جي موجوده سرڪار ساڻس انصاف ڪندي کيس ‘ملهه راند جي عالمي رانديگر’ وارو اعزاز ڏئي ته بهتر آهي. نه ته: تاريخ جا انتقام ڏاڍا بي رحم ۽ ڀيانڪ ٿيندا آهن .....!!
( END )

شمشير- جنم جنم جو جوڳي !

 

شمشير- جنم جنم جو جوڳي !
مولائي ملاح
اَڄُ شمشير جـﻫـڙي جوڳيءَ، مست الست، قلندريءَ جـﻫـڙي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪنـﻫـن ڪتاب جي ضرورت ناهي؛ ڇوته هو پاڻ سڄي حياتي کليل ڪتاب رهيو آهي. جيڪڏهن ڪائي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته اُها اِها ته سندس زندگيءَ ۾ ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين کي سـﻫـيڙ جي! جيڪا وقت جي ضرورت ۽ اسانجي قومي ذميواري آهي. کيس مفلسيءَ سبب سڄي حياتي ڄڻ ته اهو ڀؤ هيو ته متان ڪٿي ويسر جي واءَ جي وَرِ نه چڙهي وڃان؛ جيئن سندس هي شعر آهي ته:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تو
                       اُهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون       (شمشير )
اڄ، توڙي شمشير اسانجي وچ ۾ ناهي، پراسان ائين چونداسين ته شمشير وڇڙيو آهي پر وسريو ناهي؛ ان لاءِ ته سندس ڪيل ڪمن کي سـﻫـيڙڻ وارو ڪم جاري آهي. جيستائين هي جاکوڙي ماڻهو ڊاڪٽر ايوب شيخ، زُهير حسين حيدري، ادي مـﻫـرالنساءِ لاڙڪ، ايازجاني (ايڊيٽر پندرنهن وار همرچو)، همسفرگاڏهي (ايڊيٽر ماهوار افيئر)، ادي ثمينا ميمڻ (ايڊيٽر ٽماهي مـﻫـراڻ)، عبدالعزيزعقيلي (سيڪريٽري ثقافت)، ميڊم ياسمين ميمڻ (چيف ايڊيٽر ماهوار پيغام) ساڃاھوَند روپ ۾ ڪنـﻫـن ادارن ۾ آهن تيستائين شمشير جـﻫـڙا جاکوڙي ۽ مزاحمتي ڪردار زنده رهندا. انـﻫـن ماڻهن مان ڪن ڪتاب آندو ته ڪن وري پنـﻫـنجي رسالي ۾ شمشير جي شاعريءَ تي مضمون ۽ انٽريو، خاص نمبر، وغيره آڻي کيس زنده رکيو. اهڙا باشعور ماڻهو جيستائين انـﻫـن ادارن ۾ موجود آهن ۽ شمشير کي ججھي انداز ۾ پڙهندڙ ۽ لکندڙن جو حلقو موجود آهي، تيستائين شمشير ڪنـﻫـن کان به وسري نه ٿو سگھي. بيشڪ، هو پنـﻫـنجي ڪم ۽ ڪردار ۾ هميشه زنده رهندو.
هن سنڌي ادب ۾ جدت جي جيڪا جوت جڳائي، اُها ئي جديد صنف اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻي؛ جيڪا کيس شاعريءَ جي کيتر ۾ جيئاريندي رهندي. جيستائين سنڌي ادب ۾ ‘ آزاد نظم’ جا لکندڙ، آزاد نظم کي لکندا رهندا ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ پاڙهو نوجوان آزاد نظم کي چاھ سان پڙهندا رهندا، تيستائين تاريخ جي ورقن مان شمشير کي ڪوبه ميساري ۽ وساري نه ٿو سگھي.
شمشير، جنـﻫـن انداز سان ۽ جن حالتن ۾ آزاد نظم جي صنف کي متعارف ڪرايو، اُها هڪ نثري خيال کي نظمائڻ واري ٽيڪنڪ هئي، جنـﻫـن اڳتي هلي آزاد نظم جي صورت اختيار ڪئي. شمشير، جي سرجيل ‘آزاد نظمن’ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ نظم ۽ آزاد نظم سرجڻ لڳو. آزاد نظم جي رواج اچڻ کان پوءِ ڪيترائي شاعر پيدا ٿي پيا.
شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ تجربو ڪري سنڌي شاعريءَ جي مکيه فني، تاريخي، مسئلن کي ڇيڙي ان ۾ سنڌي شاعريءَ جي “ڪُل”  ۾ آزاد نظم جي “جُز” کي پيش ڪيو آهي؛ جيڪو تجربو سندس ڪامياب ثابت ٿيو. اهو سندس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏو ڪارنامو هيو.
شمشير چواڻي ته: آزاد نظم’ جديد شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي، جنـﻫـن کي سمجھڻ لاءِ جديد دور جي پس منظر کي الڳ نٿو ڪري سگھجي. نون تجربن جي سلسلي ۾ هيءَ صنف به هڪ شعوري ڪوشش آهي. آزاد نظم جيئن ته سنڌيءَ جي ‘جديد شاعريءَ’جو ئي جُز آهي ليڪن جيڪي ان تي اعتراض ٿيا سي شاعريءَ جي هڪ صنف طور نه، بلڪ گھڻو ڪري جديد شاعريءَ سان اختلاف ڪرڻ واري رويي  هيٺ ڪيا ويا.
فرينچ ۽ انگريزي ٻولين ۾ آزاد نظم جو تاريخي پسمنظر، جنـﻫـن کي شمشير پنـﻫـنجي ڪتاب : ‘سنڌي شاعريءَ جو اڀياس’ ۾ لکيو آهي ته: آزاد نظم’ فرانسيسي ادب جي  ‘علامت نگاريءَ’ واري دور جي پيدائش آهي. حقيقت ۾، ان جو باني فرانسس ويلي گرئفن(Francis Viele Graffin)  نالي آمريڪي شاعر آهي، جيڪو 19هين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري پئرس ۾ رهندو هو ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو هو. شاعريءَ ۾ پنـﻫـنجي ان نئين تجربي سبب ئي کيس اڄ به هڪ اهم شاعر مڃيو وڃي ٿو. دراصل اهو هڪ اهڙو حيرت جـﻫـڙو ڪم هو، جيڪو ڪنـﻫـن به فرانسيسيءَ جي وس کان ٻاهر هو. فرانسيسي روايتون ايتريون پراڻيون ۽ ايڏيون سخت گير هيون، جو انـﻫـن کي ٽوڙڻ نـﻫـايت مشڪل هو. فرانسيسي ماڻهو مصوريءَ ۾ ڳوڙهن رنگن ۽ شاعريءَ ۾ نون لفظن جي استعمال جا عادي ڪونه هئا؛ بلڪ سندن عروضي قائدا ان وقت جي انگريزي شاعرن کان به سخت هئا. ويلي گرئفن نه رڳو فرينچ ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعريءَ جي روايتن کي قطعي طور ختم ڪري ڇڏيو، بلڪ انـﻫـن ۾ انگريزي بحر وزن جو استعمال به شروع ڪري ڏنائين. پنـﻫـنجي تصنيف: “جئائيز” جي ديباچي ۾ هن فرانس ۾ رائج هڪڙيءَ صنف کي پنـﻫـنجن انوکن عروضي اصولن سان ’Le Verse  est Libre‘ جو نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن کي‘Verse Libre’جو نالو ڏنو. فرانس وارا سندس انهيءَ قسم جي بحرن کي verse libre’’ (آزاد شاعري) چوندا هئا. دراصل سندس شاعري رڳو ايتريقدر آزاد هئي، جو ان جي بحرن جا رڪن سڀني مصراعن ۾ هڪ جيترا نه هئا.
فرينچ ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ وانگر مقرر پدن (syllables) تي زور (Stress) نٿو ڏنو وڃي: ۽ 1880ع جي زماني تائين عروضدان ماترائن جي تعداد کي فرانسيسي نظم جو بنيادي اصول سمجھندا هئا، جنـﻫـن تي عام طرح ڪلاسيڪي (Alexandrine) شاعرن عمل ڪيو. وڪٽر هيوگو ڪلاسيڪي سختيءَ کي نرم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ علامت نگار شاعرن سندس پوئواري ڪئي.
انگريزي شاعرن مان جيڪي پـﻫـرين آزاد نظم کان متاثر ٿيا، سي فرينچ شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪندڙ شخص آهن، جن مان ٽي. اِي. هيوم (T.A.Hume)، فلنٽ (F.  S. Flint)   ، رچرڊ آلڊنگٽن ( (Richard Aldington، ايزرا پائونڊ  (Ezra Pound) ۽ ٽي. ايس. ايلئٽ                 (T. S. Eliot)  مکيه آهن.
ڊاڪٽر سحر امداد، پنـﻫـنجي ڪتاب ’شعور، شاعر ۽ شاعري‘ ۾ لکيو آهي ته: اٽڪل هڪ صدي اڳ شايع ٿيل. وٽمئن جي ڪلام جو مجموعو،’ليوز آف گراس‘  (Leaves of Grass) آزاد نظم جي جڳ مشـﻫـور تصنيف آهي ۽ غالباً وٽمئن ئي اڪيلو شاعر آهي، جنـﻫـن ڪُلي طرح آزاد نظم کي پنـﻫـنجي اظـﻫـار جو وسيلو بنايو.
شمشير جي مالي مفلسيءَ جي ته هر ڪنـﻫـن ڳالهه ڪئي آهي پر ان جي مالي سـﻫـائتا جي ته ڪنـﻫـن به ڳالهه ناهي ڪئي...!! جن مـﻫـربان دوستن هن جي مفسليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، انـﻫـن پاران سندن مالي سـﻫـائتا نه ڪرڻ وارو عمل به تاريخ جو ورق ٿيڻ گھرجي. هن جي مسڪيني حال جي هر ڪنهن کي خبر هئي، هن کان گھُريو نه ٿيو ۽ ڪنهن کان ڪرڻ نه پُڳو. شمشير دل جو ڪيڏو نه امير ماڻهو هيو، جنـﻫـن پنـﻫـنجي ڪمال مفلسيءَ جي ڳالهه پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪري سڀني کي حيران ڪري ويو آهي:  
اهڙو مفلس نه ڪنـﻫـن ڏٺو هوندو
                         هڪ دل، سا به ڪٿ وساري ويو        (شمشير)
شمشير، سٺ جي ڏهاڪي ۾ پنـﻫـنجي شاعريءَ جو 80 صفحن جو ڪتاب سـﻫـيڙيو، پر ان کي ڇپرائڻ جي نه ته ان وٽ سگھ هئي، ۽ نه ئي سندس دوستن ۽ ادبي بورڊ جي ڪا نيت هئي. ان کي پوءِ، غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف قريشيءَ جن پنـﻫـنجي قائم ڪيل اداري ‘ادارا ادب’ پبليڪيشن پاران ڇپرايو. ان اداري جي قيام جي ڪـﻫـاڻي به عجيب آهي. ادي غلام نبي مغل پئي ٻڌايو ته:“ اسان وٽ سرمايو ڪونه هيو، پوءِ هڪ وي. سي رکي سين، جنـﻫـن مان اسان کي 400 روپيه هٿ آيا، جنـﻫـن مان شمشير جو شاعري مجموعو‘ لاٽ’  جي نالي سان 1963- 1962ع ۾ ڇپايو سين.” ان ئي ڪتاب جو ٻيون ڇاپو سندس پٽ سليم حيدريءَ سهيڙيو؛ جيڪو ڊاڪٽر ايوب شيخ، شمشير جي زندگيءَ ۾ئي جولاءِ 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو؛ جيڪو جلد وڪري ٿيڻ سبب وري ٽيون ڀيرو آگسٽ 2012ع ۾ ڇپرايو ويو آهي.
اهڙي عمل تي جس لـﻫـڻن، غلام نبي مغل، طارق اشرف، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ثقافت کاتي جا سرواڻ ميڊم سسُئي پليجو (وزيرثقافت کاتو)، عبدالعزيز عقيلي، زُهير حسين حيدري، همسفرگاڏهي، اياز جاني، ميڊم ياسمين ميمڻ، ادي ثمينا ميمڻ، مـﻫـرالنساءِ لاڙڪ، جن ذاتي ڪوششون وٺي شمشير جي زندگيءَ تي ڪتاب، ڪالم ۽ سندس انٽرويو ڇاپي عوام آڏو آندا آهن. شمشير تي اڃا ڪن ادارن ۾ ڪم هلندڙ آهي، جيڪو وقت اچڻ تي عيان ٿيندو.
شمشير، سدابـﻫـار شاعر هيو جنـﻫـن کي پڙهندي، ٻڌندي ڪڏهن به ڪنـﻫـن کي بوريت يا ٿڪاوٽ جو ڪو احساس ڪونه ٿيندو آهي؛ سندس شاعريءَ ۾ اهڙي ته محبت جي مٺاس آهي، جو جنـﻫـن کيس هڪ ڀيرو پڙهيو يا ٻڌو، اهو سندس مداح بڻجي ويو؛ ڇو ته هن جو شاعراڻو اسلوب نرالو آهي. هن جي نظمن ۾ لفظن سان گڏ تخيل جي به نواڻ آهي. سندس مقبول‘ آزاد نظم’ همسفرو!، پيشڪش، ڪاڪ محل، الوداع، پيدائش، آرزوجو سفر،   … آهن، جن کي هڪ ئي ساهيءَ ۾ ماڻهو پڙهي وڃي ٿو.
شمشير، نظم، آزاد نظم کان علاوه گيت به لکيا. جن تي عوام کيس ڀرپور موٽ ڏني. سندس شاعري، شخصيت جي اها مهانتا، مقبوليت آهي؛ جو هن جيڪو ڪجھ لکيو، ان کي عوام دل سان قبول ڪيو. جيئن شازيه خشڪ جي آواز ۾ چيل سندس هن گيت جي ٻُولَ ٻُرَڻَ تي هر عمر جو ماڻهون گد گد ٿي جھومي پوندو هو. ته:
حسينه  پـوپَــري آهــي ، عجب جــي ڇوڪــري آهــي
                        ڇوڪري ڙي توکي ڪير ماڻيندو ڀاڳن وارو ماڻيندو.  (شمشير)
شمشير مفلس ماڻهو، پنـﻫـنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ ۾ تمام وڏو ماڻهو هو. هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به شاعري سرجي، تنـﻫـن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو. شاعري هڪ قدرتي ڏات آهي، جنـﻫـن جي سرجڻ کي هي اٽڪل چوندو هو. ميڊم مـﻫـتاب اڪبر راشديءَ چواڻي ته: “خبر ناهي ته اُها ڪهڙي اٽڪل هئي جنـﻫـن کيس وڏو شاعر بڻائي ڇڏيو.” شمشير، شاعريءَ ۾ لفظ ڏانءَ جي جاءِ تي ’اٽڪل‘ استعمال ڪندو هو. شاعريءَ جي ڏانءَ بابت کانئس پڇڻ تي جواب ڏيندو هيو ته: “مون شاعري ڪرڻ واري اٽڪل سکي ورتي آهي.”
شمشير، جي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سرجيل شاعريءَ جي هنن سٽن ۾ تخيل جي ڪيڏي نه گـﻫـرائي ۽ فن جي ڪيڏي نه اٽڪل رکيل آهي:
جـﻫـــانِ عشــق جــو ســــردار آخــري آهــيان
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان
ملنــگ مســت الســـتي قلنــــدري آهــيان
عجيب آهيــان هـزارن ۾ حيـدري آهيان
شمشير، پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ حسن بانوءَ جو ذڪر ڪيو آهي؛  حسن بانو، جيڪا حياتيءَ جو روپ ڌاري مٿس وارد ٿي هئي، تنـﻫـنجي وارن جي واس جو ذڪر به هن ڪيڏي نه ڪمال جي اٽڪل سان ڪيو آهي ته:
تنـﻫـنجي وارن جو واس جنـﻫـن ورتو
وقـت جـي سيـنڌ کــي  سنــواري ويــو
شمشير، جي سڄي شاعريءَ ۾ اسان کي رومانويت، جماليات کان وڌ مزاحمت وارو پاسو سگھارو نظر اچي ٿو؛ هو پنـﻫـنجي مزاجن جيان پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ به مزاحمتي هو، جيئن سندس هڪ شعر آهي ته:
سـدا ظلم جي مـات چونـدا رهيـا سـين
سرِ عــام هــر بـات چونـدا رهيــا سـيـن
اوهــان ڪـيـتــرو ئــــي ڌتــاريـو دٻــايــو
اسان رات کي رات چوندا رهيا سين
شمشير، سجاڳ ذهن ۽ روشن خيال ماڻهو هيو، هن پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ به قوم کي اهڙو ئي  پيغام ڏنو آهي؛ جيئن پنـﻫـنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿو ته:
اُٿو جو هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪني ڪـڍي
اُٿو جو هاڻـي هـڪ نئـون جـﻫــان پيو جـنم وٺـي
ڏسـو ته هـو روايتن جـا ڪـاڪ مـحل پيـا ڪـرن
ڏسـو ته هُـــو غــلامـين جــا ڪــوٽ ڍير پيـا ٿـيـن
اُٿـو جـوهـاڻ پـنـﻫـنـجي هـيءَ ، جنـگ آهـي آخـري
سـنڀـالـيو پـنـﻫـنـجا مـورچـا، مـحاذ تي وري وري
شمشير، پنـﻫـنجي ٽـﻫـيءَ جو، سنڌ جو اُهو يگانو شاعر آهي، جنـﻫـن وڏن ميڙاڪن ۾ عام ماڻهن توڙي پنـﻫـنجن پرستارن کان علاوه، هم عصر شاعرن کان جتي پنـﻫـنجي لکيل شعرن تي داد حاصل ڪيو، اُتي هن 1967ع ۾ پنـﻫـنجي نظرياتي استاد محمد ابراهيم جوئي کان به ڀرپور داد حاصل ڪيو. ابراهيم جوئي چواڻي ته: “مون کي ته شمشير جي هنن لفظن ۾، شايد کانئس به زياده ، اعتماد آهي.”
حقيقتن کي  طبيعت جي روشـني پــﻫـتي
اڄو ڪـي دور جو دانا ڪـري پيــو محنت
زمانـو طـي ڪـري آيـو خيــال جي بـســتي
نرالي نور کي روڪي نٿي سگھي طاقت
شمشير، عام زندگيءَ ۾ جيترو سادو ۽ محبتي ماڻهو هيو، عمل ۽ ارادن ۾ به اوتروئي سگھارو ۽ ارڏو ماڻهو هيو. هن ڏکين حالتن ۾ به ارڏائپ جي عَلم کي بلند رکيو، آمريت اڳيان آڻ نه مڃي؛ هن ضيائي آمريت جي دور ۾ به صحافت جي سگھ کي جاري رکيو. هن 1984ع ۾ ابراهيم جوئي سان گڏ “ هدايت ” جي نالي سان اخبار جاري ڪري، ان ۾ ضياءَ شاهيءَ خلاف ڀرپور آرٽيڪل، ايڊيٽوريل لکيا؛ جيڪا جون کان جاري ٿي ۽ ڊسمبر تائين مس هلي سگھي؛ آمريت سان اختلاف سبب ان تي سرڪاري پابندي پئجي وئي.
شمشير، جنم جنم جو جوڳي ۽ سنڌ جو روڳي آهي. سنڌ سان سلهاڙيل اُها  ڪـﻫـڙي شيءِ آهي، جنـﻫـن تي شمشير کليل نموني پنـﻫـنجي راءِ نه ڏني هجي؛ هن سنڌ جي يگاني عاشق، سنڌ جي حقن جي ڳالهه هر دؤر ۾ ڀير تي ڏونڪو هڻي ڪئي آهي. سندس شعر جو هڪ بند آهي ته:
ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿيا سين
زنـجــيـر کـــان وڌ پنـهنـجـو دمـسـاز نه آهــي
شمشير پنـﻫـنجي وس، وت ۽ ڄاڻ آهر، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي تاريخي ڪم ڪري، اعزاز ماڻيا آهن. سنڌي ادب ۾ هن جي سڃاڻپ: آزاد نظم جو خالق، ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ پـﻫـريون سنڌي ڊرامو“زينت ” جي لکڻ کان وٺي پـﻫـريون سنڌي ڪمپيئر ٿيڻ واري رهي آهي، جنـﻫـن تي  کيس اعزاز حاصل ٿيا آهن.

( پورو ٿيو)

  ( ڪتاب : شمشير، فن ۽ شخصيت _ سهيڙيندڙ: مهرالنساءِ لاڙڪ؛ 2013ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بور حيدرآباد )




Tuesday, 24 February 2015



مهاڳ: اعجاز منگي
سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي
جهڙي طرح شيخ اياز پنهنجي نثري نظم ۾ لکيو هو ته: ”سازندي جو انت، ساز جو به موت هوندو آهي“ تهڙي طرح هن سان گڏ هن ڌرتيءَ تي اهو فن به دفن ٿي ويو، جيڪو سنڌ جي سڃاڻ هو. هو جيڪو سنڌ جي مرداڻي سونهن جو مجسمو هو. جنهن جا ڏيا ڀريل نيڻ ۽ هن جا وٽيل شهپر ۽ ان جي پيشانيءَ مٿان بوسڪيءَ جو پٽڪو ۽ هن جي صحتمند ڪايا مٿان ململ جو ڪڙتو ۽ ان تي جرڪندڙ سونا ٻيڙا ۽ سندس ڪارائيءَ ۾ پيل واچ ۽ هن جو هلڻ جو مخصوص انداز، هاڻي هن ديس ۾ جيڪڏهن اکين جا ڏيئا ٻاري تلاش ڪجي ته اسان کي مشڪل ملي. اهو شخص جنهن سنڌو درياهه جي ڪناري تي جنم ورتو ۽ پنهنجي ديس جي درياهه وانگر جنهن سمنڊن کان پراهان سفر ڪيا ۽ هو جتي به ويو اتي هن جي سڃاڻ هڪ شخص طور نه پر سنڌ جي ان روايتي ماڻهوءَ جي روپ ۾ ٿي، جيڪو مقابلن جو مشتاق هو. جنهن هر للڪار کي پنهنجي طرف هڪ اهڙي دعوت طور قبول ڪيو جنهن کان صرف ڪانئر ئي منهن موڙيندا آهن. هو جيڪو پڙ جو پهلوان هو. هڪ اهڙو ڪونڌر مڙس جنهن کي خليفي نبي بخش جي انهن سٽن جي حوالي سان ساري سگهجي ٿو ته:
”ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پاهڻ نه چري“
هو سچ پچ به ته اهڙو هو. هو جڏهن به ميدان تي لٿو تڏهن هن جي خاموشيءَ ۾ به اها گجگوڙ هئي، جيڪا سانت ۾ ويڙهيل ٻيلن کي ٻاري ڇڏيندي آهي. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي چوڌاري هڪ اهڙو لقاءُ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي ڏک جو اظهار ڪندي اياز لکيو هو ته:
”ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان وٽ، ناهي ڪئي گجگوڙ“
ان کان پوءِ اسان همت، بهادري ۽ بي خوفيءَ جي هڪ پوري دور کي پاڻ کان پري ٿيندي ڏٺو. هو ان ڏينهن جو آخري سج هو، جنهن کان پوءِ هيءَ نڀاڳي رات کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. جهڙي طرح بدقسمت قومون پنهنجي تاريخ کي وساري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙ جي وينديون آهن، تهڙي طرح اسان کي ويسر جي انهن سنگهرن سوگهو ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ اسان کي اهو به ياد نه ٿو اچي ته هيءَ ڌرتي سدائين اهڙي نه هوندي هئي. هن ديس ۾ ڪڏهن دليري به هئي. اها دليري صرف جنگ جي ميدان ۾ نه ڏٺي ويندي هئي پر ان بهادريءَ جا درشن راند جي ميدان ۾ به ٿيندا هئا. اها ڳالهه اسان کي ان شخص جي زندگيءَ مان چٽي طرح معلوم ٿي ته جيڪي قومون راندين جي ميدان ۾ مقابلا نه ڪري سگهنديون آهن اهي جنگين جي ميدان ۾ به پير جهلي نه وڙهي سگهنديون آهن. هو جيڪو پنهنجي طرح جو هڪ جوڌو رانديگر هو، تنهن جيترو وقت به سنڌ ۾ ساهه کنيو ايترو وقت پنهنجي سورهيائيءَ جي ساک قائم رکي ويٺو پر اها اسان جي تمام وڏي بدقسمتي آهي جو اسان ان شخص کي اوتري مڃتا نه ڏني، جنهن مڃتا جو هو مالڪ هو. جيڪڏهن هي ديس پنهنجي روح ۾ آزاد هجي ها ته هن جو آرٽ ان انسان کي هرگز نه وساري سگهي ها، جنهن جو خوبصورت مجسمو اسان کي قومي راندين جي اسٽيڊيم ۾ نظر اچي ها. جنهن جي حوالي سان اسان جا ٻار اسڪولن ۾ سليس سبق پڙهائين ها ۽ جيڪو اسان جي لکڻين ۾ زندگيءَ جي خوبصورت ۽ متحرڪ علامت بڻجي پيش ٿئي ها. اهو شخص جنهن کي سنڌ هاڻي ائين فراموش ڪري ڇڏيو آهي، جيئن هن پنهنجي آزاد اتهاس کي وساري ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن يادگيري هڪ وڏي اذيت بڻجي ويندي آهي. اسان پنهنجن سٺن ڏينهن ۽ مثبت ڪردارن کي ان ڪري به ياد نه ڪندا آهيون جو انهن جي ياد اسان جي دل ۾ احساس جرم جو هڪ اذيت ناڪ زخم پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري اسان پنهنجو سٺو وقت ۽ ان وقت ۾ موجود سٺا نالا ۽ حوالا ڄاڻي واڻي فراموش ڪرڻ چاهيندا آهيون. اهڙي فراموشيءَ واري گيلريءَ ۾ هڪ خوبصورت تصوير ان شخص جي به آهي، جيڪو سهڻي سنڌ جو سهڻو ماڻهو هو. هو جيڪو پنهنجي صورت ۾ نه پر سيرت ۾ به موهيندڙ هو. ڇو ته اهو ميلاپ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي ته جڏهن ڪا شئي سهڻي به هجي ۽ سٺي به هجي. هو اهڙن ڏکين ميلاپن مان جڙيل ماڻهو هو. هو جيڪو خانداني طور تي ملهه پهلوان نه هو پر هن جي رڳ رڳ ۾ هڪ طوفاني بيچيني موجود هئي، جيڪا هن کي ٻين شعبن ۾ وٺي وڃڻ بدران ان ميدان تي کڻي وئي، جتي مڙسن جا هٿ سندرن ۾ پوندا آهن. جتي بهادر بهادرن سان گڏبا آهن. اها هوندي ته راند آهي پر ان ۾ به رڻ گجندو آهي ۽ راڙا ٿيندا آهن. اهي مقابلا جيڪي دوستاڻا هوندا آهن پر انهن کي ڏسي دشمن دهشت ۾ ايندا آهن ۽ اهڙن مقابلن جا تماشبين هڪ طرح جو اتساهه حاصل ڪندا آهن انهن کي انهن مقابلن معرفت اهو سبق ملندو آهي ته زندگي هر وک تي هڪ آزمائش، هڪ مقابلو ۽ هڪ جنگ آهي. اسان ان راند کي پنهنجي ذهن تان ميساري ڇڏيو، جيڪا اسان کي مقابلي جي بهادريءَ جو سبق سيکاريندي هئي. جيڪا اسان کي پنهنجي هڪ هڪ انداز سان اهو سمجهائيندي هئي ته هر مسئلي سان ماڻهوءَ کي ور وجهي وڙهڻ گهرجي. جيڪڏهن آمريڪا جو نوبل انعام يافته اديب ارنيسٽ هيمنگوي هڪ پوڙهي مهاڻي سنتياگو جي زندگيءَ جو آخري شڪار بيان ڪندي پوري دنيا کي ويڙهه جو عظيم سبق ڏيئي سگهي ٿو ته ڇا اسان جي سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي اها جنگ نه ٿي جوٽي سگهي، جنهن کان پري ٿي اسان بنا مقابلي جي هارائجي وياسين. جڏهن ته فيض احمد فيض زندگيءَ جي پوئين موڙ تي به ان للڪار کي لفظ ڏيندو رهيو، ۽ چوندو رهيو ته:
”تم يه ڪهتي هو ڪه وه جنگ هو ڀي چڪي،
جس مين رکا نهين اب تڪ هم ني قدم،
ڪوئي ميدان ۾ اترا نه دشمن نه هم،
ڪوئي صف بن پائي نه ڪوئي علم
اجنبي دشمنون ڪا پته دي سڪا،
منتشر دوستون ڪو صدا دي سڪا.“
مون اڪثر ان ڳالهه تي ويچار ڪيو آهي ۽ مون کي هميشه اها حقيقت پنهنجي پوري روپ سروپ ۾ ان سچائيءَ جي ساک ڏيندي محسوس ٿي آهي، جنهن جو اظهار ڪرو کيتر جي ميدان ۾ ڪرشن ارجن سان مخاطب ٿيندي ڪيو هو ۽ کيس چيو هو ته: ”وڙهه، ويڙهه ئي تنهنجو ڌرم آهي.“ اهڙي طرح شير ميربحر جو ڌرم مسلسل مقابلو هو. جيئن ڀٽائيءَ لکيو آهي ته:
کرکڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.“
اهڙي طرح شير ميربحر ننڊ ۾ به ڪو اهڙو سپنو نه ڏٺو، جنهن ۾ هن کي سندرو ٻڌل نه هجي.
هو جيڪو سنڌ جو سچو پچو مڙس ماڻهو هو. جنهن مقابلا صرف سوڀ کي سوچي نه ڪيا. هن پنهجي زندگيءَ جو مقصد مقابلا ڪرڻ کي قرار ڏنو ۽ سوڀون هن جي مٿان گهور جي سڪن وانگر پسنديون رهيون. اهڙا مهندار ماڻهو جڏهن منهن مٽي وڃن ۽ مٽيءَ ۾ پنهنجا آشيانا جوڙين تڏهن هي جڳ جهان اونداهيءَ جو آستانو ٿي ويندو آهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ يونان جي جادوگر ناول نگار ڪازانت زاڪس لکيو هو ته: ”اي ڌرتي! هر ماڻهوءَ کي مرڻ نه گهرجي. بلڪل ائين جيئن پهاڙ نه مرندا آهن. جيئن درياهه نه مرندا آهن. جيئن اهي انسان نه مرندا آهن، جيڪي ڌرتي جون ٿوڻيون ۽ آسمان جا ٿنڀا هوندا آهن.
اي ڌرتي! تون هڪ ازل کان وٺي ازدها نانگ آهين. جيڪو پنهنجا ٻچا پاڻ ڳڙڪائيندو آهي. تون ڀلي کاءُ اهي ڪانئر، ڪم ظرف، بزدل ۽ ڀاڙيا! پر توکي ڪو حق ڪونهي جو تون پنهنجي ظالم ڏاٺن سان چٻاڙين انهن انسانن کي جيڪي سورهيه ۽ سرويچ هئا.“ اهڙا انسان ضرور ناهي ته سياست جي اسٽيج تي پيدا ٿين. اهڙا انسان صرف آرٽ جي دنيا ۾ جنم نه وٺندا آهن. اهڙا انسان صرف موسيقيءَ ۽ مصوريءَ جي شعبن ۾ موزاٽ ۽ مائيڪل اينجيلو بڻجي ظاهر نه ٿيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن قدرت جي انتهائي پراسرار اسڪيم اهڙن انسانن کي اهڙو ڪردار به ڏيندي آهي، جو هو بزدل سماجن کي روپ مٽي تعليم ڏيندا آهن.  جڏهن قدرت ڏسندي آهي ته ڪا قوم بنهه بزدل ٿي وئي آهي ۽ ان جو وجود خطري جون آخري حدون ڇهي رهيو آهي تڏهن هو اهڙن انسانن کي به ڌرتيءَ جي اسٽيج تي اماڻيندي آهي، جيڪي راندين جي روپ ۾ جنگين جو فن سيکاريندا آهن. منهنجي نظر ۾ شير ميربحر سنڌ جو اهو سورهيه ڪوچ هو جنهن قوم کي ملهه جي روپ ۾ جنگ جو فن ٿي سيکاريو. جنهن راند جي شڪل ۾ وجود جي قائم رکڻ جو آرٽ ٿي سمجهايو. جيڪڏهن اسان جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف واقعن ۽ معاملن ۾ مسئلن سان ملهه وڙهن ته اسان انفرادي سوڀن جا اهي سلسلا قائم ڪري وڃون جيڪي اجتماعي حاصلات جو عظيم اعلان هوندا آهن. هتي ماڻهن سان مسئلو اهو آهي ته ماڻهو وڙهن نه ٿا. ماڻهو مقابلو نه ٿا ڪن. ماڻهو پڙ جا پٿر نه ٿا ٿين. ماڻهو ڀڄي ٿا وڃن. رفو چڪر ٿيڻ جا رستا ڳولهين ٿا ۽ انهن کي شرم لڪائيندي شارٽ ڪٽ چون ٿا. ماڻهو جيڪڏهن خوف جي باوجود پنهنجي پيرن تي بيهي رهن ۽ مسئلن جي سندرن ۾ هٿ ٻڌي پنهنجا پير ڌرتيءَ جي گهرائيءَ ۾ گهيڙي ۽ مخالف قوت کي ڀنواٽي ڏيڻ جي لاءِ هوا ۾ ڦيرائين ته جيڪر اسان سوڀ جا ساٿي بڻجي وڃون. شير ميربحر اسان کي راند راند ۾ ويڙهه جو سبق سمجهائيندو رهيو. بلڪل ائين جيئن انگريزي اسڪولن ۾ ايجوڪيشنل گيمز کيڏايون وينديون آهن. تيئن اسان کي رانديون پنهنجي زندگيءَ  جي راهن ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي مات ڪرڻ سيکارينديون آهن ۽ ملهه انهن راندين جي مهندار راند آهي. اها پهلوانيءَ جي سڀ کان وڌيڪ پرامن مقابلي واري راند آهي جنهن ۾ رانديگر هڪ ٻئي جو رت نه هاريندا آهن. هو صرف پنهنجي سگهه ۽ پنهنجي مهارت جي معرفت پنهنجي مخالف کي مات ڪندا آهن. جيڪي چاهيندا آهن ته صرف هو پنهنجي دشمن کي دسين. پر هتي ماڻهو دردن جي هٿان دسجي وڃن ٿا.  دردن جي هٿان دسجڻ جو اهو سلسلو اسان جي تاريخ آهي. اها تاريخ جنهن لطيف جي گلي مان اها چيخ بلند ڪئي ته:
”دردن دسي آهيان، درد منهنجا دس“
اهو شخص جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو هو، اهو دشمن کي دسڻ جو فن سيکاريندو هو. اهو فن جيڪو اسان جي من ۽ ذهن جي ڦرهيءَ تان ميسارجي ويو. اسان کان وسري ويو ته مقابلي جي تياري ڪئين ڪبي آهي؟ پڃريون کڻي پنهنجا ڪمزور ڏورا ڏاري نئون بت ڪيئن بڻائبو آهي؟ ڪيئن روزانو ميدان ۾ پنهنجي ساهه کي سوگهو ڪبو آهي. پنهنجي پگهر ۾ تڙ ڪيئن ڪبو آهي؟ رڳو مقابلي جي لاءِ تياري جي محنت ڇا هوندي آهي اهو صرف آکاڙن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تن سازيءَ جو اهڙو آرٽ جيڪو سماجي زندگيءَ جي پوتا ميل ۾ تاريخ ساز ڪلچر بڻجي ويندو آهي.
شير ميربحر هڪ شخص نه، هڪ علامت آهي. پنهنجي وٽيل سٽيل وجود ۾ هڪ اهڙو سبق آهي، جيڪو اسان کي باعزت جياپي جو مڙساڻو هنر سيکاري ٿو.
اڄ اسان جي قومي زندگي اياز جي ان شعر جهڙي آهي ته:
”هي جو وڻ ڪجهه ٿڪجي پيو آ،
ملهه وڙهي ڄڻ واچوڙي سان دسجي پيو آ
تنهن کي سج ڄنڊن کان ڄڻ ته ڇڪي ٿو
ڄڻ ته چوي ٿو:
”تڪڙو اٿ، طوفان اچي ٿو
ڪو اوکو امڪان اچي ٿو.“
ائين ملهن جي مقابلن ۾ ملهه دسجي پوندا آهن ۽ وري پنهنجي پوري انا جي احساس سان اٿندا آهن ۽ وري پنهنجا ڏورا ڏاري مقابلن جي لاءِ تيار ٿيندا آهن ۽ وري دهل وڄندا آهن شرنائيون بلند ٿينديون آهن. تماشائي هوڪارا ڪندا آهن ۽ ملهه ميدان ۾ جهمر پائيندي داخل ٿيندا آهن.
شير ميربحر اهڙن مقابلن جو خوب صورت مثال هو. هو شهر جو بي وفا بابو نه هو. هو سنڌ جو روايتي رڄ مڙس هو. جنهن لاءِ صرف پنهنجي دامن تي داغ لڳائڻ ناقابل قبول نه هو پر قومي ڪڙتي جي مٿان ڪنهن ڪني مثال جو لينگهو لڳي، اهو به هن لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙو نه هو ان ڪري هن عالمي آکاڙن ۾ مقابلا ڪيا ۽ کٽي ڏيکاريا ۽ هن پاڳل قوم کي اهو پيغام ڏنو ته جاپان کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. آمريڪا دسي سگهجي ٿو. يورپ جي پٺي پٽ سان لڳائي سگهجي ٿي. هو سنڌ جو سٻاجهو انسان صرف ملهه جي صورت ۾ قومي زندگيءَ جي هر انسان کي شير ميربحر وانگر وڙهندي ۽ جيت کي ماڻيندي جو تمنائي هو.
اها ڳالهه تمام ٿورن بلڪه صفا ناموجود ماڻهن جي انگ کي معلوم آهي ته بهادر ۽ سورهيه ۽ سگهارا ۽ ٻلوان پنهنجن پهاڙن جهڙن پختن سينن جي پٺيان مکڙين جهڙو نازڪ من رکندا آهن. مان هن ڪتاب کي ڪڏهن به مڪمل سمجهي نه ٿو سمجهان جيستائين هن ڪتاب ۾ اهو مضمون شامل نه ٿو ٿئي جيڪو صرف اهو نه ٻڌائي ته هن جو بت ڪيترو پڪو ۽ پختو هو، جيڪو صرف ان ڳالهه جو اظهار نه ڪري ته هو ماڻهوءَ جي شڪل ۾ ماس نما پٿرن جو جڙيل جوڌو هو. جيڪو صرف ان ڳالهه جي نشاندهي نه ڪري ته هن جي هٿ جو زور لوهه کي ڪيئن ميڻ وانگر موڙي سگهندو هو پر اهم ترين آهي اهو مضمون جيڪو شير ميربحر جي زندگيءَ جو اهو پهلو پسائي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترو حساس، ڪيترو ڪومل ۽ ڪيترو نازڪ انسان هو. هڪ فارسي شاعر چيو آهي ته:
”ميدان ڪارزار ۾ اسان روهه پهاڙ جا پٿر آهيون پر محبت جي ميدان ۾ اسان جو من ان مکڙيءَ جهڙو آهي، جيڪا پرهه جي هير تي به ڏڪي ويندي آهي.“ هن جي ان حساس پڻي هن جي شخصيت جي ان نازڪيت جو ادراڪ صرف ان جي اولاد کي ٿي سگهي ٿو. انهن کي معلوم هوندو ته هو پنهنجي ٻچن جي ننڍي تڪليف تي ڪيئن تڙپي پوندو هو جڏهن هن جا ٻار بڊي جي راتين ۾ بخار سبب سمهي نه سگهندا هئا ۽ کير پيئڻ بدران روئيندا رهندا هئا تڏهن اهو شير ميربحر پاڻ کي ڪيترو ڪمزور محسوس ڪندو هو!
شيون سدائين ابتڙن جو ميلاپ هونديون آهن. شير ميربحر ابتڙن جو سنگم هو. هڪ طرف مقابلا ۽ انهن ۾ سر ڌڙ تي ۽ ٻئي طرف محبتون ۽ لڄارا نيڻ سدائين ڌرتيءَ جي تور ماپ ڪندا ۽ نه معلوم ڪهڙي طرف تڪيندا رهندا. هڪ طرف هو مخالفن جي لاءِ مقابلو هو ۽ ٻئي طرف محبتن جي لاءِ هڪ اهڙي اوطاق هيو، جنهن ۾ سدائين محبتن جي ميزباني جاري رهندي رهي. هن جا يار، هن جا دوست، هن جون محبتون، هن جا ناتا ۽ هن جا رشتا سنڌ جي موسم خزان ۾ سڪل پنن وانگر ڪڏهن ڇڻيا ۽ ڪڏهن هوا جي هٿن هٿان نامعلوم طرفن طرف روانا ٿيا. اهو سڄو درد جو داستان به شير ميربحر جي بهادري وارن ڪارنامن جي ماٿي تي تلڪ وانگر سججڻ گهرجي.
اهو لطيف لکيو هو ته:
”اڄ گهرجين يار، بڊاماني پنرا،
ڪاڇي ٻنهي پار، ويرين واٽون لايون.“
ساڳي طرح سان زندگي جي هر ميدان ۾ مقابلي دوران اسان کي هڪ نه، هزارين نه، لکين نه پر ڪروڙين شير ميربحر کپن. پر اسان وٽ هڪڙو به ناهي. اهو به ناهي جنهن جي اکين کي ڏسي اهو سنڌي لوڪ گيت ياد ايندو هو ته:
”اکيون ادل جون، ٻرن مشالا“
مون کي ان ڳالهه جو فخر آهي ته هي علامتي مهاڳ مان ان ماڻهوءَ جي اصرار تي لکي رهيو آهيان جنهن جو تعلق سنڌ جي معنيٰ خيز شهرڙي محرابپور سان آهي. اهو شخص جيڪو مولائي آهي ۽ جيڪو ملاح آهي. پر سنڌ کي ڪير سمجهائي ته جيڪو مولائي ناهي سو ملاح ناهي ۽ جيڪو ملاح ناهي سو مولائي ناهي.
هي ڪتاب، هڪ خواب آهي. هڪ وسري ويل خواب ۽ ان کي ياد ڪرڻ جي جستجو!
هي ڪتاب هڪ ميار آهي. هڪ مهڻو آهي. هڪ اهڙي شڪايت آهي، جيڪا نه ڪندي به ڪئي ويندي آهي. اکين جي التجا وانگر! هي ڪتاب جن ماڻهن جي دل جي تمنا آهي اهي ماڻهو شير ميربحر جي ان آخري وصيت تي عمل ڪري رهيا آهن جيڪا هو ريڪارڊ ڪرائي نه سگهيو.
شير ميربحر هڪ اهڙي ديس جو باشندو هو، جيڪي سدائين مقابلا ڪندا آهن. جڏهن هو ريٽائر ٿيندا آهن تڏهن هو ڪوچ بڻبا آهن ۽ پوڙهن عقابن وانگر ٻچن کي آسمانن ۾ اڏارڻ سيکاريندا آهن. اهو ديس شير ميربحر وانگر تاريخ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويو آهي. شير ميربحر جي ياد ان ديس جي دريافت جو آغاز ٿي سگهي ٿي، جيڪو ديس اسان کان نوجواني ۾ ڪيل پهرين محبت وانگر وسري رهيو آهي. وسري ويو آهي!!

اعجاز منگي،
ڪراچي

(مولائي ملاح جي مرتب ڪيل ڪتاب: شير ميربحر فن ۽ شخصيت)