سنڌ کي وزيرستان
بڻجڻ کان بچايو
مولائي ملاح
دنيا جي ڌڪاريل
دهشتگردن جڏهن کان صوفين جي سرزمين سنڌ تي قدم رکيو آهي ته تڏهن کان وٺي سنڌ محبت
بجاءِ انسانيت جو مقتل گاهه بڻجي وئي آهي. ان جون ذميوار اهي قوتون آهن جن پنهنجا
ڇسا مفاد ماڻڻ لاءِ سون ورني سنڌ سندن حوالي ڪئي. جنهن کي سنڌ دشمني به چئي سگھجي
ٿو. سنڌ جي امن کي تاراج ڪرڻ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي نڙيءَ تي لت ڏيڻ آهي.
سنڌ جي امن ۽
پيار، پنهنجائپ جي هاڪ ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ مشهور آهي جنهن جي گواهي نبين جي دور
کان وٺي هن وقت تائين هر انسان دوست ڏيندو اچي ٿو. چون ٿا حضرت آدم عليه السلام جن
جي آمد جي سرزمين به سنڌ هئي، سنڌ کي نه رڳو باب السلام هجڻ جو شرف حاصل آهي پر
سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليه السلام جي پٽ، هن جي ڀاءُ ’سند‘ جي نالي سان هجڻ
جو پڻ شرف حاصل آهي.“ آمريڪي ليکڪا مورار چواڻي ته: ”سنڌ سڀني مذهبن جي ماءُ آهي“.
هن ڌرتيءَ تي جنهن پرڏيهي ماڻهوءَ قدم رکيا ته اهي به سنڌ جي محب ۾ رڱجي سنڌ جو
سڏائڻ لڳا. جيئن جرمن عالم عورت ڊاڪٽرائنيمري شمل سنڌ جي صوفي رنگ ۾ اهڙو رڱجي وئي
جو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌ کي پنهنجي ڌرتي سڏڻ لڳي. هن پنهنجي ڪتاب CRIENT AND OCCIDENT ) ) ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: مونکي پنهنجيءَ سنڌ ( MY SINDH ) سان عشق آهي.
مون ان جا گھڻا ڳوٺ ڏٺا آهن ۽ سنڌ جي اوليائن ۽ درويشن جي روضن تي حاضري ڏني آهي
سنڌي ڳائڻن ۽ موسيقارن سان منهنجي دل ٿي وئي آهي. مون چوڏهينءَ جي رات ٻيڙين ۾
سندن ڪلام ٻڌا آهن.“ هن ڌرتيءَ تي هندو مسلم، سک عيسائي ڀڳت ڪنور جا ڪلام گڏجي
ويهي ٻڌندا هئا. ۽ اسر ويل اذان ٻڌڻ کانپوءِ هرڪو پنهنجي عبادت گاهه ڏانهن رخ
رکندو هو.
سنڌ جي صوفين،
بذرگن ۽ اوليائن جي درگاهن تي راڳ ويراگ ۽ قلندري ڌمال دوران به اهڙو ئي ساڳيو
منظر ڏسڻ ۾ ايندو هيو ، آهي جتي هر ڪنهن کي هڪ جهڙو لنگر ۽ عزت ملندي آهي. پر جڏهن
کان هن امن جي سرزمين تي هي انسانيت جا ويري دنيا جا ڌڪاريل شيطان آيا آهن ته تڏهن
کان هيءَ ڌرتي دوزخ جهڙي بڻجندي وڃي پئي. هي دهشتگردي ڀلي دنيا جو مسئلو هجي پر،
هن واقعي کي اسين سنڌ جي صوفيت واري سڃاڻپ ۽ وحدت تي وار سمجھون ٿا. هي دهشتگرد هن
سرزمين تي ڪنهنجي آشيرواد سان آيا هئا ۽ انهن جي نرسرين جي سرپرستي ڪنهن ڪيئن ڇو ۽
ڇا لاءِ ٿي ڪئي، اها ڳالهه هاڻ ڪنهن کان لڪل ناهي رهي، پر سنڌ ۾ انهن جي نيٽ ورڪ
تي نظر نه رکڻ ۽ انهن کي ايڏي وڏي ڇوٽ ڏيڻ جو مطلب به سمجھ ۾ اچي ٿو. مطلب ته
ايندڙ ڪجھ وقت ۾ سنڌ وزيرستان جو ڏيک ڏيندي ...!!!!
سنڌ بدامنيءَ جي
سٽ نه سهي سگھندي ۽ ٻيو ته ان جي پويان جيڪي مقصد ڏسجي رهيا آهن انهن جو سيڪ پوري
ملڪ تي پوندو. ڇو ته جتي رت وهندو آهي اتي انقلابن جا سلا نسرندا آهن جيڪي وقت جي
طاغوتي قوتن کي نابود ڪري ڇڏيندا آهن. هي رت جو وهايل درياهه وسارڻ جهڙو عمل ناهي
جيڪو سنڌ جي قديم تهذيب، ڪلچر ۽ امن ۽ آرٽ تي وار آهي. سنڌ صوفين ۽ محبتي ماڻهن جي
ڌرتي آهي هن کي مظلومن جي مقتل گاهه نه بڻايو. سرڪار کي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽
مدرسن ۾ معصوم ٻارن کي پڙهايو ويندڙ نصاب تي نظر رکڻ گھرجي ۽ پرڏيهي امداد تي
جوڙيل انڊر گرائونڊ شيش محل مسجد ۽ مدرسن جي ماحول تي نظر رکڻ گھرجي. سرڪار جي
اهڙي عمل سان انسانيت جو بيگناهه وهندڙ رت جو درياهه رکجي سگھي ٿو.
سنڌ جو خوبصورت
شهر شڪارپور (جيڪو اڄ جو مقتل گاهه بڻيل آهي) جيڪو ڪيترن ئي حوالن سان تاريخي شهر
آهي، اتي جي لکي در واري امام بارگاهه جي مسجد ۾ جمع جي نماز ختم ٿيڻ کانپوءِ
مولوي صاحب پاران مصائب پڙهڻ دوران خودڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هي ڪالم لکجڻ تائين
60 کان مٿي نمازي عزادار شهيد، ۽ 60 نمازي سخت زخمي ٿي پيا آهن. شڪارپور جيڪو
ڪيترن ئي حوالن سان مشهور شهر آهي عالمن، اديبن، آرٽ، موسيقي،سياست، مذهبي محبت۽
روا داريءَ واري سڃاڻپ کان علاوه ساميءَ، استاد منظور علي خان ۽ شيخ اياز کان
اعجاز منگيءَ ۽ جي جنم ڀومي رهيو آهي. مولانا عبدالڪريم سومرو (مرحوم) ۽ مولانا
منظور حسين سومرو (مرحوم) جهڙين شخصيتن به هت جنم ورتو آهي. پر اهڙي واردات اڳ
ڪڏهن نه ٿي آهي جهڙي اڄ ٿي آهي. هيءَ سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي مٽائڻ جي گھري سازش
آهي جنهن لاءِ هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن کي هن سازش خلاف مڙي مٺ ٿيڻ گھرجي. جيڪڏهن اڄ
به اسين هنن حڪمرانن جي آسري تي رهياسين ته پوءِ هڪ ڏهاڙي شهيد راڻيءَ محترمه
بينظير ڀٽو جهڙو نقصان ڪري ويهنداسين.
هن واقعي تي وقت
جي حاڪمن وٽان اسانکي اهو ئي جواب ملندو ته: هيءَ دهشتگردي دنيا جو مسئلو آهي،
خيبر پختون خواهه کان فاٽا تائين هنن جون ڪاررويون جاري آهن. سنڌ حڪومت جيڪا خود
(اندروني طور) ان دهشتگرديءَ جي زد ۾ آيل آهي. جنهنجي قائد شهيد راڻيءَ جو خون اڃا
قاتلن جي تلاش ۾ آهي انهن کان هن واقعي تي ڪهڙي اميد ڪجي جيڪي پنهنجا عوامي پلاند
به ناهن ڪري سگھيا. انهيءَ لاءِ ان مسئلي تي سنڌ جي صوفين جي درگاهن جي گادي
نشينن، سماجي، صحافتي تنظيمن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ
گھرجي. جنهن سان سنڌ ۾ ڦهليل دهشت جي راڪاس جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو.
هي مظلومن جو
خون انقلاب برپا ڪندو، مون هن دهشتگريءَ جي ٿيل واقعي تي ان وقت ئي فيس بڪ تي هيءَ
سٽون لکيون ته: هيءَ دهشتگردي اڄ نه پر سوين سال اڳ کان انسانيت جي ويرين انسانيت
جي علمبردار خلاف شروع ڪئي هئي جنهن جا پوڄاري اڄ تائين انسانيت جي محسن جي
پيروڪارن کي ماريندا اچن پيا پر مقصدِ انسانيت تي فتح ماڻي ناهن سگھيا. دنيا جي
ڌڪاريل ماڻهن کي الله جي ڌرتيءَ تي ڪٿي به پناهه نه ٿي ملي جيڪي گڏهن ۽ خچرن جيان
پنهنجن پٺن تي صبح ،شام بارود جو بار کنيو وتن ٿا ڦرندا.... جن کي پنهنجي منزل جي
خبر ناهي. دنيا ۾ دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجا مقصد ماڻي ناهن سگھيا.
صوفين ۽ صالحن
جي سرزمين تي هي قهرام برپا ڪندڙ جلد قانون جي گرفت ۾ اچڻ گھرجن. پر اهري وقت جو
انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي پنهنجون صفون سڌيون ڪرڻ گھرجن، جيڪڏهن اسان هن دهشتگرديءَ
خلاف صوفين ۽ ساڃاهه وندن ڌرين کي ان دهشت خلاف عمل ۾ آندوسين ته پوءِ ڪنهن به
مسجد، مندر، امام بارگاهه ۽ درگاهه تان ڪنهن ماءُ کي بارود ۾ سڙيل لاش نه ملندو،
جوانيءَ جي بهارن واري موسم ۾ پوڙهن پيئرن کي پٽن جا لاشا ڪلهن تي نه کڻڻا پوندا.
moulaiem@yahoo.com
( روزاني عبرت حيدرآباد ، روزاني سوڀ ڪراچي ، پهرين
فيبروري، 2015ع )
No comments:
Post a Comment