Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Monday, 23 February 2015

آزاديءَ جي احساس جـﻫـڙو شخص، جي ايم سيد



ورسيءَ جي مناسبت سان
  آزاديءَ جي احساس جـﻫـڙو شخص، جي ايم سيد
مولائي ملاح
معصوميت ۾ ۽ ئي يتيميءَ جو بار پنـﻫـنجن ڪلـﻫـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـﻫـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـﻫـنجي سموري حياتي داع تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـﻫـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـﻫـريون پيار پنـﻫـنجي محبوب پوءِ ان جي پاڙي پوءِ انجي ٻوليءَ ۽ پوءِ ڌرتيءَ سان ڪيو.ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـﻫـڻ لڳو جنـﻫـن عشق کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـﻫـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـﻫـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته:
تنـﻫـنجو  عشق  اتا  هون  سيد،  هر  جابر  جي  ذات  اڳيان،
تنـﻫـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـﻫـن ڀي لات منات اڳيان.
 سيد، سنڌي قوم کي پنـﻫـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـﻫـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـﻫـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو.  
جيڏي ڌرتي ديس جي،  جيڏو  هي  آڪاس،
جيڏو ماڻـﻫـونءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس ،
ايڏوئي  وشواس،  منـﻫـنجو  سيد  سنڌ  ۾.
سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جئين ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـﻫـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـﻫـنجي محبوب قوم کي پنـﻫـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـﻫـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريت ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـﻫـوريت ۾ به سندس قيد …!!  سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو.
هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـﻫـن نه ڪنـﻫـن طرح سان ڪائي سـﻫـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي ، قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن سبب نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد  سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـﻫـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـﻫـن سان وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي کوکلو ڪندو رهيو. سيد، پنـﻫـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءَ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، ٺڳ حڪمرانن پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته:  
مون ڏات  انوکي آندي  آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٿا ڀاري  تنـﻫـنجا برج  لڏن،
        تون هيڻو آن، هٿيارن سان.    اياز.
وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـﻫـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـﻫـن کي اکيون مـﻫـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـﻫـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي ته: 
سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو،
ســﻫــندو   ڪـير مـيار  او  يـار،
نيـٺ  وڍينـدڙ  وڍ جـي  ويـندا،
      ڪـرنـدا  ڪـنڌ  هـزار  او  يـار.    اياز.
سيد پنـﻫـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـﻫـد ڪندي گھاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو. سندس زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾گذرندڙ قيد جي  عڪاسي ڪندي سنڌ جي سٻاجھي شاعر ماڻڪ ملاح پنـﻫـنجن لفظن ۾ لکيو هو ته:
اهـو  نـاتو  تـوســان  نڀـائـي  ڇـڏيـنـدي،
لڳي ٿو ته تنـﻫـنجي قبر کي حڪومت،
سـزا ڏيئـي ســب جـيل ٺـاهـي ڇـڏينـدي.
سيد اعظم پنـﻫـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ، باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـﻫـن پيغام کي اياز پنـﻫـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـﻫـچايو ته:
جوت ٻرندي رهي
رات ٺرندي  رهي
باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان !
اڄ چئي ٿو وڃان
مڌ ريٽي جيان
نيٺ سنڌوءَ مٿان
اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان.
سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين جي بند ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـﻫـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو جنـﻫـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هو ان جي  مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـﻫـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين.
سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـﻫـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته:“سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي جنـﻫـن تي ڪنـﻫـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـﻫـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـﻫـن کي پنـﻫـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.”
اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـﻫـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـﻫـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـﻫـڙي پياري ماڻـﻫـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي  پيروڪارن جون، “واٽون ويـﻫـ ٿيون، ڪـﻫـ ڄاڻا ڪـﻫـڙا پرين!” واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـﻫـڙي پياري ماڻـﻫـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـﻫـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـﻫـاڙيل هئي.
اڄ سن کي سنڌ تي  سوچڻ گھرجي
اڄ ڌرتي ڌڻين جو سنڌ جي سياسي ڪعبه سن ۾ گڏجڻ جو ڏڻ آهي، سيد جا سڀئي فڪري وارث سندس مزار ڀيڙا آهن؛ (ان موقعي مان اسين فائدو وٺندي ) سيد جي پيرانديءَ کان ويٺل سڀني قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪريون ته سيد جي مُحابي پاڻ ۾ پيداٿيل سڀ رنجشون، ويڇا وساري سنڌ جيامن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي پئو. سيد اعظم جي فڪر کي  تڪميل ڏيڻ واري واٽ تي اتفاق ڪري هنن حالتن ۾ قوم جو اُتساهه بڻجي پئو. اهو نه وسارڻ گھرجي ته اڄ بلوچستان ۽ سنڌ جون حالتون هڪ جـﻫـڙيون آهن. ۽ اسين اڃان تائين به ڇڙ و ڇڙ لڳاپيا آهيون؛ ان تي ئي، اڄ سن ۾ سنڌ تي سوچڻ گھرجي. شال! قوم جي اها صدا قبول پوي.

 ( روزاني عبرت حيدر آباد ، 25 اپريل 2013ع )





  

No comments:

Post a Comment