Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Monday, 23 February 2015

ڀڳت ڪنور رام، جنـﻫـن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو!



 2- نومبر ، ورسيءَ جي مناسبت سان
ڀڳت ڪنور رام، جنـﻫـن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو!
مولائي ملاح
اڄ  سنڌ جي امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جي ورسي آهي، سندس ياد ور ور ڪري وري اچي ٿي ۽ سندس ڪهاڻي ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳي ٿي؛ جنهن ۾ ڪنور رام اسان کي مرڪندڙ چهري سان  نظر اچي ٿو؛ ان ڪهاڻيءَ جي شروعات هئين ٿئي ته: ڪنور جا وڏڙا غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ هيا، کين گذر سفر لاءِ ٻنيءَ جو ٽڪرو ۽ خصيص ريزڪي دوڪان هيو. جتي هو خالص ديسي گيـﻫـ، ان ۽ ٻين وکرن جو وڪرو ڪري حق حلال جي ڪمائيءَ سان پيٽ گذر ڪندا هيا. کين پيٽ پالڻ لاءِ ٻنيءَ جا ٻه ٻارا هيا  جنـﻫـن جي پوکي راهي هو  پاڻ ڪندا هيا.   
ڪنور ڀڳت جي والد جو نالو تارا رام ۽ سندس امڙ جو نانءُ تيرٿ ٻائي هيو،  جنـﻫـن کي پٽ جو اولاد نه هيو، هو اولاد جا سڪايل هئا. چون ٿا ته:“هڪ ڏهاڙي سندس مرشد سائين سترام داس اچي سندس مـﻫـمان ٿيو هن ان جي ڏاڍي دل سان خدمت ڪئي. اهڙي خدمت تي سندس مرشد کانئس پچيو ته: تارا رام! توکي ڇا گھر جي؟ جنـﻫـن تي ڀائي تارارام کيس هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين! آئون اولاد جو سڪايل آهيان، منـﻫـنجي جھولي خالي آهي. سندس مرشد کيس دعا ڏني جنـﻫـن بعد کيس ڪنول گل جـﻫـڙو مرڪندڙ، ڪنور هنج ۾ مليو؛ اهڙي آس پوري ٿيڻ تي سندس سڪايل ساهه خوشيءَ وچان ٻـﻫـڪي پيو. تيرٿ ٻائي ننڍڙي ڪنور کي هنج ڪري پيار وچان لولي ، ڪوي‘ ڄيٺل ’ جي لفظن ۾  هئين ڏيندي چوندي هئي ته:
ڪنــور   لعـل   لـولـي!   جيئـي   شــال   لــولــي،
ڏيـانءِ  لال  لـولـي !  مـان  گـولـن  جـي  گـولـي،
وٽي  پينگھ  پٽ  جي ! هيرن   جـو   هنـدورو،
ڏوري  سان   ڏکـين    جـي !  ڏلايانءِ   ڏولـــي ،
سنگت  ۾  ٿي  سـرهو!  گھمين گھوٽ  بڻجي،
ڪري  سينڌ سرمو!  چميان  تنـﻫـنجي  چوٽي،
وڏو   ٿي  کٽي  ڏين !  ڪرين    سنت  سيوا،
وســڻ ڏي  وڃـيـن شــال !  وٺـي  ســـاڻ  ٽـولـي.
ڪنور ڀڳت جو جنم 13 اپريل سنه 1885ع ۾ ميرپور ماٿيلو اسٽيشن کان 8 ڪلوميٽر پري ڳوٺ جروارن ‘ واهڻ ’ ۾ ٿيو. ڪنور ڀڳت جي جنم کانپوءِ سندس ماتا تيرٿ ٻائي، پتا تارارام کيس دعا لاءِ مرشد جي درٻا رهڙڪي صاحب سائين سترام داس وٽ خوشيءَ سان کڻي آيا.  
ڪنور جڏهن 5 سالن جو ٿيو ته کيس هندي، سنڌي اکر پڙهڻ لاءِ ماستر ڏائو مل وٽ ويـﻫـاريو ويو. هن جي دل جي تار ته اصل کان ئي پنـﻫـجي مالڪ حقيقيءَ سان جڙيل هئي. هي ننڍ پڻ کان ئي الله لوڪ، انسان دوست ۽ فقير منش ماڻـﻫـون هيو. هي زماني جي ريتن رسمن ۽ مذهبي مت ڀيد کان بلا تر هيو. هن جو هڪ ئي مذهب هيو اهو هيو الله جي خلق ڪيل مخلوق سان پيار ڪرڻ ۽ انـﻫـن جي اوکي سوکيءَ ۾ وس وت آهر مدد ڪرڻ. انـﻫـن جي دلِ خلوص سان خدمت ڪرڻ ان اميد سان ته من سندس مالڪ مٿس راضي ٿي پوي، ڪا ٻاجھ ڪري. سندس دنبوري جـﻫـڙيءَ دل مان هر وقت اهائي صدا ٻرندي هئي ته :
نالي الک جي ٻيڙو تار منـﻫـنجو،
نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منـﻫـنجو،
آهيان ننڍر نماڻي آڌار تنـﻫـنجي ،
ڏاڍو  آ سـتايو  دنيـا  جي  دردن ،
 سواءِ تو ڌڻيءَ جي ناهي ڪو مٽ مائٽ منـﻫـنجو.
ڪنور جي آواز ۾ اهڙو ته مٺاس هيو جو ڄڻ ته سندس ڳلي ۾ ڪو ڀڳواڻ وسندو هجي. هن کي ڳائڻ سان ننڍ پڻ کان ئي چاھ هيو. جروارن جي ڳوٺ ۾ ڪابه اهڙي پاٺشالا ڪانه هئي جتي عربي لپيءَ ۾ پڙهايو وڃي. ان ڪري ڪنور کي ميرپور ماٿيلو ۾ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ويـﻫـاريو ويو جتي گرنٿي هاسارام مشـﻫـور راڳيندڙ هو جنـﻫـن ڪنور کي ڳائن وديا سيکاري هوشيار ڪيو. هي جڏهن به ڳائيندو هيو ته ان وقت هي ڪنـﻫـن ٻئي جـﻫـان ۾ پـﻫـتل محسوس ٿيندو هيو. سندس اهو قصو مشـﻫـور آهي ته:“ هڪ ڀيري فصل پچي تيار ٿيا ته – جھارِ لاءِ سندس پيءُ ڪنور کي ويـﻫـاري ويو ٻنيءَ تي. ڪنور جن پيـﻫـي تي مٿي چڙھي ويٺا ته سندن ڌيان مالڪ ڏانـﻫـن هليو ويو جھارِ وساري ويٺا ۽ مٺڙي آواز ۾ پنـﻫـنجي رمز ۾ اچي راڳ تلنگ مان هي ڀڄن چوڻ لڳا ته:
ڪيئن ريجھائيان توکي ڪيئن پرچائيان،
ڏس ڪو ڏانءُ ، ڏس  ڪو  ڏانءُ !
ان ويل پاڻ مالڪ جي عشق ۾ اهڙا ته مست ٿي ويا جو کين ٻاهرين دنيا جي ڪائي خبر ئي ڪانه پئي. اوچتو فصل ۾ ماڪڙ به اچي لٿي ٻيا سڀ ماڻـﻫـون پنـﻫـنجي زمين، کيت ۾ سنڀال لاءِ ويٺا هيا انـﻫـن جي رڙين واڪن ڪرڻ تي ماڪڙ کان بي ڌيان ويٺل ٻالڪ ڪنور جون اکيون کليون ۽ ڏٺائون ته جنـﻫـن کيت تي پاڻ سنڀالڻ لاءِ ويٺا هيا ان تي ماڪڙ اصل ڪان هئي؛ باقي ٻيا جيڪي کيت جي سنڀال لاءِ ويٺا هيا انـﻫـن ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي تنـﻫـن هوندي به انـﻫـن جا کيت ماڪڙ کائي وئي.
هيڏانـﻫـن جنـﻫـن وقت ماڪڙ جا ڪٽڪ ڳاڙهن پرن سان اڏامندا جروارن جي بلڪل ويجھو آيا ته آسمان سڄو مڪڙن سان رڱجي ويو، مڪڙن جي کنڀڙاٽين جي ڦرڙاٽن سڄي شـﻫـر کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو ان وقت هر هڪ هاريءَ جي حالت قياس جوڳي هئي.
تاراچند جڏهن اها حالت ڏٺي ته سڌو ٻنيءَ ڏانـﻫـن ڀڳو دل ۾ خيال آيس ته ننڍڙو ڪنور جوئر جي فصل کي ڪيئن بچائي سگھيو هوندو. هي ڊوڙندو ٻنيءَ تي پـﻫـتو ته : ڇا ڏسي ڪنـﻫـن جو به فصل باقي ناهي رهيو هن ڪنور کي سڏ ڪيو. ڪنور ! او ڪنور! ڪنور…! ڪو به جواب ڪونه آيو ته هي ويتر پريشان ٿيو. خيال ٿيس ته ڇا ڪٿي ماڪڙ پيـﻫـي تي ننڍڙي ڪنور کي به کائي پورو ڪري ڇڏيو ڇا …! اِلاهي اسرار ڏسڻ وٽان هيو. ڀائي تارا چند جي حيرت جي ڪائي حد نه رهي هن ڏٺو ته سندس ٻنيءَ ۾ هڪڙو به مڪڙ نالي ماتر به ڪونه هيو.!!
ڪنور جڏهن 18هن سالن جي عمر کي چڙهي، جوانيءَ جي جوڀن کي ڇـﻫـڻ لڳو ته سندس امڙ جي من ۾ سندس سر تي سـﻫـرا سجائڻ جي آس جنم ورتو. ماءُ ڪنور کي گھوٽ بڻائڻ لاءِ سندس شاديءَ جو سعيو ڪيو ته سندس لاءِ منگھرياڻين جي ڳوٺ مان ڀائي نوتو مل مکي (زميندار) جي ڪنيا (ڇوڪريءَ) جو رشتو آيو. جنـﻫـن سان سنبت ڦڳڻ جي مـﻫـيني 1860ع ۾ سندس شادي ٿي جنـﻫـن جو وڏو وهانءُ رچايو ويو.
ڪنور ڀڳت، پـﻫـرين ڌرم پتنيءَ جي وفات بعد ڪيترن ئي دل وارن دوستن ۽ عزيزن جي اسرار ڪرڻ ۽ زور ڀرڻ تي ٻي شادي گنگا ديويءَ سان ڪئي جنـﻫـن مان کيس هڪ پٽ پيسورام ۽  ٽي نياڻيون ڪلا، شيلا، ستلس هيس.
گر هست جي گلشن انـدر! گـل ڦـل مـثل گـلذار هـو،
پريم ۽  پرڀو جي  جنـﻫـن  ۾! پتنگ جـﻫـڙو پيار هو،
ڀنـور   وانـگر  ڀــا و  ڀـڳتــي !   ۾   ســـدا   ٽــمـٽار  هــو،
‘ڄيٺل’ غريـبـن  ۽  انـاٿـن ! جـي گلــي  جــو  هــار  هــو.
هن صوفي منش ماڻـﻫـونءَ وٽ ذات پات، رنگ ۽ نسل، مذهب جو ڪوبه فرق نه هيو. بس هي پيار ڪندو هيو ته هڪ الله ۽ ان جي بندن سان ان عشق ۾ ئي هن سڄي حياتي ميٺ محبت سان گذاري ڇڏي، هن ڪڏهن به ڪنـﻫـن کي رنج نه پـﻫـچايو. هي اهڙي حسنِ اخلاق ۽ انسانيت جو علمبردار هيو جو سندس من ۾ ڪڏهن به مذهب جو ڪوبه مِيرُ نظر نه آيو.“ اتمچند پيسومل شاستري پنـﻫـنجي ڪتاب: ڀڳت ڪنوررام ۾ هڪ هنڌ لکيوآهي ته: جڏهن ڪوئيٽا جي زلزلي وقت ڪنور ڀڳت جن جيڪب آباد ۾ ترسيل هئا ته اهي  روزانو اسٽيشن تي پنـﻫـنجن ساٿين ۽ پينچائت سان گڏ ايندا هئا. جڏهن زخمين جون ٽرينون اينديون هيون تڏهن انـﻫـن کي خاطري ڏيڻ لاءِ انـﻫـن کي کاڌي پيتي ۽ دوا درمل جو سامان ڏئي انـﻫـن جي مدد ڪندا هيا.”
ڪنور! اڙيلن جو آڌار هيو. هن بنا ڪنـﻫـن ذات پاٽ ، ڀيد ڀاوَ جي هر گھرجائوءَ جي مدد ڪئي. آڌي، مانجھي سندس وٽ جڏهن به ڪوئي سوالي ڊيڍ، برهمڻ، باگڙي ۽ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ڪـﻫـي آيو ته هن ان کان ڪڏهن به ذات، مذهب معلوم نه ڪيو. هي انـﻫـن کي ڳل لڳائي انـﻫـن جي مدد ڪندو هيو. هن وٽ ڪيتريون ئي وڌ وائون، اناٿ، يتيم ايندا هيا جن جي هي مدد ڪندو هيو. هي ڪيترن ئي اناٿن، معذورن، بيواهن، جو ڪارج به پاڻ پنـﻫـنجن هٿن سان ڪندو هيو. سندس اهڙي ئي ادا ڪيل ڪردار کي قوي ‘ڄيٺل’ پنـﻫـنجن لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته:
انـڌن   ۽   منـڊن   جــــو!   اَجھـــو   آســــرو   ٿـــي،
بکين کي ڏيندين ڍءُ! وَڃائين گھول گھولي،
ڄـمي   ڄــام   ‘ڄيٺل’ !    امـر انـت   ٿيـنـديــن،
ايندي خلق ات لـک ! ڏسـڻ تنــﻫـنجـي ڏولـي .
ها! اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ڪنور شهادت ماڻي ته:  سندس ڏولي جنهن به شهر مان گذري پئي ته اتي ماڻهن جا ڪٽڪ ، ڪيولين جيان ميڙ مڙي ٿي ويا. جنهن ۾ خلق جا مٿا اگھاڙا ۽ اکين ۾ لڙ ڪ ۽ هٿن ۾ ڪارا جھنڊا هيا. سندس ڏولي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جي رش ايتري هئي جو  تِرَ ڇٽڻ جيتري به جاءِ ڪانه هئي ، ڪافي ماڻهون  ڏولهيءَ کي ڏسڻ لاءِ گھرن، ڪوٺن جي ڇت  تي چڙهي انتظار  ڪندا رهيا. جڏهن ڪنور جي ڏولهي گذري ته انهن مٿان اجرڪ، رومال ،لنگيون ۽ گل  ( اڇلائي  ) وڌا ، ۽ زارو قطار روئيندا رهيا.
ڪنور! اڪيلي سر جيڪا جفاڪشي، انسان ذات جي خلوص سان خدمت ڪئي سا سندس ڀڳتي تاريخ جو هڪ ساراهه جوڳو باب بڻيل آهي. سندس زندگي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا شامل آهن جن جا حوالا ڪتابن، ڪچـﻫـرين ۾ ٻڌايل ڪـﻫـاڻين ۽ روايتن ۾ سينه به سينه ملن ٿا. جيڪي هاڻ هڪ تاريخ بڻجي چڪا آهن.
ڪنور! ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هيو هن ۾ ڀڳتين واري هڪ خوبي اها به هئي ته  هو درويشن سان ڏاڍي محبت ڪندو هيو. پاڻ انـﻫـن سان صحبت درلنگھي ڪندا هيا، پاڻ جتي به ڪوئي درويش صفت انسان ٻڌاندا هيا ته عمر جي احساس کان هٽي ڪري ان سان صحبت ڪرڻ لاءِ ان وٽ ڪـﻫـي ويندا هئا پوءِ ڇو نه کڻي اهو 107 سالن جو ٻڍڙو هجي. جئين ان وقت جي ڳوٺ پلـﻫـ تارڪي تعلقه روهڙيءَ ۾ هڪڙو درويش غوث علي شاهه نالي 107 سالن جو بذرگ رهندو هو جنـﻫـن سان سندن تمام گھڻو پريم هين جنـﻫـن وٽ پاڻ اڪثر هلي وڃي امرت رس رهاڻ رچائيندا هيا. اهڙا ڪيترائي درويش، بذرگ سندن دل جي فـﻫـرست ۾ شامل هيا.
ڪنور وٽ راڳ ويراڳ ۽ ڀڳتين کانپوءِ جيڪو فارغ وقت بچندو هيو ته انـﻫـيءَ وقت ۾ هو جروارن، پنـﻫـنجي ڳوٺ ۾ ويـﻫـي پنـﻫـنجي ڀاءُ جاڙا رام سان گڏ سودي سامان جو هٽڙو هلائي پگھر جي پورهيي مان گھر جو گذران ڪندا هيا. هو گيـﻫـ ۽ اَن جي واپار کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن کجين ۽ زمينن جا ٺيڪا به ٻولي کڻندا هيا. 
 ڪنور جي آواز ۾ ايترو ته مٺاس هيو جو هن پنـﻫـنجي مڌر آلاپ سان رڳو سنڌ ۽ هند ۾ ئي نه پر بلوچستان ۽ ستلج درياءَ کان پار جنگلپور ضلعي ملتان ۽ ديري نواب بـﻫـاولپور، تائين هنڌين ماڳـﻫـين پاڻ ملـﻫـايو ۽ مڃايو، هن جي پر سوز آواز ۾ ايترو ته اثر هيو جو سندس ‘ آ ’۽ ‘سا ’ جي آلاپن ٻُرڻ سان ئي چئوڏس ماٺار ڇانئجي ويندي هئي. ڀڳت ٻڌڻ کان اڳ ڇو نه کڻي ڪيترو به گوڙ هجي، پر جڏهن ڪنور پنـﻫـنجي من موﻫـڻي آواز ۾ آلاپ شروع ڪندو هيو ته هر طرف سانت ئي سانت ڇانئجي ويندي هئي. جئين هڪ ڀيري سکر ۾: مـﻫـاتما گانڌيءَ جي ملاقات ڪرڻ وقت اهڙو ماحول جڙي ويو جو ليڊرن جي ڪيترين ئي اپيلن ڪرڻ جي باوجود به ماٺ نه ٿي ۽ جڏهن ڀڳت ڀڄن چوڻ شروع ڪيو ته هر ماڻـﻫـون چپ ٿي ويو هر طرف سانت ٿي وئي ڄڻ گوڙ الائي ڪاڏي گم ٿي ويو.  
جن  پريـم  جــي  پـنڪي  پيتـي  آ،
تن  جوڳ  جڳت  سڀ  جيتي آ،
تن کي پنڊتن جو نه وکيان وڻي،
نـڪـي  مـايـا  مـوهه مسـاڻ   وڻـي.
سنڌ، هند جي هن امن جي سفير کي ان ڪڌيءَ سوچ 2 آڪٽوبر 1939ع جي اڀاڳي ڏهاڙي تي رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي سکر ايندي کيس اڻ ڪيل گناهه تي گوليءَ جو کاڄ بڻايو جنـﻫـن جو هي گنـﻫـگار، سزاوار ئي نه هيو. “زيب سنڌيءَ جي لفظن ۾ ته: 4 آڪٽوبر 1939ع تي سکر شـﻫـر ۾ ڀرچونڊيءَ وارن پيرن جي هڪ نوجوان ميان عبدالرحيم جو ڪنـﻫـن هندو دوڪاندار سان جھيڙو ٿي پيو جنـﻫـن جي نتيجي ۾ ميان عبدالرحيم کي مارڪٽ ڪئي وئي. ڀرچونڊي پير جي مريدن ۾ ان واقعي سبب تاءُ پکڙجي ويو ۽ انـﻫـن هندن کان انتقام وٺڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت سڄي تر ۾ ڪنور ڀڳت ئي سڀ کان مقبول ۽ وڏي شخصيت جو مالڪ هو. جنـﻫـن ڪري مت جي موڙهيل ماڻـﻫـن بنا ڪنـﻫـن ڏوهه جي کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. غلط قبيلائي خيالن جي شڪار ٿيل جان محمد جلباڻيءَ بي گناهه ڀڳت ڪنور رام کي 2 نومبر 1939ع تي رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي گوليءَ جو نشانو بڻايو”. ڀڳت ته، هر ڀيد ڀاوَ کان بالاتر هوندا آهن پر هن کي الاءِ ڇو ان اڻ ڪيل گناهه جي سزا طور سنڌ، هند کان هميشه جي لاءِ جدا ڪيو ويو.
  moulaiem@yahoo.com

 (روزاني عبرت حيدرآباد : پهرين نومبر 2013 ع تي شايع ٿيو)










No comments:

Post a Comment