هوشوءَ جي للڪار
بلاول!
مولائي ملاح
حالتون قيادتن
کي جنم ڏينديون آهن ائين جيئن ڪالهه جي حالتن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي
جنم ڏنو ۽ ان جي شهادت سنڌ راڻي بينظير ڀٽو کي جنم ڏنو، ائين ئي محترمه جي ناحق
خون وارين حالتن مان هڪ ٻئي قيادت بلاول ڀٽو جي روپ ۾ جنم ورتو آهي. جنهن جي هوشوءَ
جي ڌرتيءَ تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل لکين ماڻهن اياز جي لفظن ۾ آجيان ڪئي.
ڪڏهن به توتي
دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ،
ٻه لڙڪ آلا تڏهن
به هوندا، متان چوين آجيان نه ٿيندي. (اياز)
بلاول ڀٽو جي اعلان کانپوءِ 18هين آڪٽوبر ملڪ جي
سياسي تاريخ ۾ تاريخ ساز ڏڻ بڻجي ويو آهي. اڄ کان ست سال اڳ 2007ع تي محترمه
جلاوطني ختم ڪري ڏيهه وري ته کيس شهيد ڪرڻ لاءِ بم ڌماڪا ڪيا ويا جنهن ۾ معجزانه
طور محفوظ رهي، اڄ سندس بهادر فرزند بلاول ڀٽو ان ئي مقام ۽ ان ئي مقصد کان پنهنجي
سياسي سفر جي شروعات ڪري چڪو آهي. ملڪ ساڳيو، ماڻهو ساڳيا مقصد ساڳيو ۽ مسئلا
ساڳيا هجڻ جي باوجود به ڏسڻو اهو آهي ته سندس اعلان ڪهڙا اثر ڇڏي ٿو.
اڄ هن ملڪ جون
اهي ئي حالتون آهن جيڪي ڪالهه محترمه بينظير جي آمد وقت هيون، سرحدن تي جنگ جهڙو
منظر تاري آهي دهشتگرد جمهوريت کي پٽريءَ تان لاهڻ لاءِ سرگرم آهن، آمريت جي ڇانوَ
۾ ويهي نئين پاڪستان جي تعمير جا نعرا هڻي نوجوانن کي بيوقوف بڻائڻ وارو عمل اڃا
به جاري آهي؛ ائين جئين ڪالهه عوام جي غربت تي، ڪي تنگ نظر ماڻهو پنهنجا مفاد ماڻڻ
لاءِ انهن جي زندگين کي چند نوٽن عيوض ته ڪي غازي ۽ شهادت جي شوق ۾ خريد ڪري
پنهنجا مفاد ماڻيندا هيا. اڄ به عوام ساڳئي ئي موت ۽ مصيبت جي منهن ۾ آهي. اهڙين
حالتن ۾ بلاول ڀٽو جي آمد عوام لاءِ ڪيتريقدر فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي.!
سنڌ مسئلن جي
منهن ۾ آهي. عوام جي ڪٿي به ڪائي مالڪي نظر نه ٿي اچي، اهڙين حالتن ۾ بلاول ڀٽو جو
سياسي سفر هڪ اميد جيان آهي. اها ميد جنهن کي عوام جي اهڙين حالتن ۾ 27هين ڊسمبر
تي قتل ڪيو ويو هو. محترمه جي ناحق خون وارين حالتن مان جنم ورتل هي نوجوان اڳواڻ
بلاول ڀٽو عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ کيس سازشن جا ڪيترائي سمونڊ اُڪارڻا
پوندا. اهڙين حالتن ۾ سندس مقصد جي ناوَ کي اهڙن ناکئن جي ضرورت آهي جهڙا سندس
ناني ۽ امڙ سان گڏ هئا.
بلاول ڀٽو جي
سياسي سفر جي شروعاتي تقرير ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي جنهن تي ڪيترن ئي ڏهاڙن
تائين بحث جاري رهندو. سندس تقرير تي جيالا خوش ۽ آمريت جي پوڄارين جا منهن هيڊا
ٿيا آهن. مان سوچيندو آهيان ته ڀٽوز کي برداشت نه ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگھن ٿا.
هنن ته سدائين ملڪ بچائڻ ۽ عوام جي خوشحاليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪالهه شهيد ڀٽو ۽
شهيد بينظير ڀٽو به اها ئي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا اڄ پ پ پ جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو
ڪئي آهي. بلاول ڀٽو جي ڪالهوڪي تقرير مان ڀلي سنڌ غائب ٿيل هجي پر کيس سوات سان گڏ
ڪراچي ياد آهي، محترمه بينظير ڀٽو بدين واري پنهنجي يادگار تقرير ۾ جن ملڪ دشمن
قوتن جي نشاندهي ڪندي چيو هيو ته :”هو چاهين ٿا ته سوات ۾ پاڪستان جو سبز پرچم نه
ڦڙڪي“ بلاول جو به اشارو انهن ڏانهن هيو، هن کي ڪراچيءَ جي ڪٺن حالتن جو ادراڪ آهي.
سندس تقرير ۾ سنڌ سڀني جي آهي واري ڳالهه به سمجھڻ جهڙي آهي !
بلاول ڀٽو جو
اهڙي وقت تي سياسي سفر جو آغاز ڪرڻ ۽ پيپلس پارٽي پاران ماٺار واري ماحول ۾ ايڏي
طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگھي ٿو؟ اهو سوچڻ جهڙو سوال آهي. ڪجھ ڏهاڙن
کان ڪاغذي شينهن ۽ لٺ هٿ ۾ کڻي ليڊر سڏائيندڙ سياستدانن پاران پ پ پ قيادت کي اهي
مهڻا ملي رهيا هيا ته سندن پارٽي هاڻ اها عوام جي مقبول پارٽي ناهي رهي جنهنجي
اعلان تي عوام جھومندو ايندو هو. اها به حقيت آهي ته عوام جي اميد تي پنجن سالن ۾
پارٽي پوري ناهي لٿي، مسئلا منجھيل رهيا آهن اعتزاز احسن جي لفظن ۾ ته: ’اسان
ڪالهه به اپوزيشن ۾ هيا سين، ته اڄ به اپوزيشن ۾ آهيون.‘ ان ئي رخ ۾ هن ڪالهوڪي
جلسي ۾ به واضع اشاري ۾ بلاول کي مشورو ڏيندي چئي ڏنو ته:” پارٽيءَ جي پراڻي قيادت
کي پٺتي رکي نوجوان قيادت کي اڳيان آڻي“ پ پ پ پاران ان مظاهري جو مقصد انهن قوتن
کي جواب ڏيڻ هيو جيڪي سمجھي رهيا آهن ته پ پ پ هاڻ عوام جي مقبول پارٽي ناهي رهي.
ٻيون انهن مقتدر ڌرين ڏانهن به پيغام سمجھيو وڃي ٿو جيڪي اقتدار جي’ونڊ ورڇ‘پنهنجن
هٿن سان ڪندا آهن؛ ڇو جو 2018ع ۾ نيون چونڊون به ٿيڻيون آهن ان لاءِ قيادت جي ريهر
سل به هئڻ لازمي آهي ته جيئن ٽن صوبن وارو وڃايل ٽارگيٽ به پورو ڪري سگھجي. بلاول ڀٽو
پاران الطاف حسين کي ڪراچيءَ جو ليڊر چوڻ انهن قوتن ڏانهن اهو پيغام سمجھجي ٿو
جيڪي الطاف مهاجر کي سنڌ کي جام ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ سمجھن ٿا. يا اها نورا ڪشتي
به ٿي سگھي ٿي. ڇو جو ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ اهڙو اياڻو به ناهي جو اقتدار جي پلئه
مان هٿ ڪڍي بيهي ......!!!
بهرحال بلاول
ڀٽو جي ڪالهوڪي جلسي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ جو 20 ڪروڙ عوام اڄ به ڀٽوز سان
ائين ئي پيار ڪري ٿو جئين پيار ڪرڻ جو حق هوندو آهي. هن پارٽيءَ جون پاڙون اڄ به
عوام جي دلين ۾ شهيدن جي رت جي ڏنل ريج سان
دل جي ڌرتيءَ تي محبت جي سلن جي صورت ۾ سايون آهن. جنهن جي سڙي ختم ٿيڻ وارو سوال
اجايو آهي.
هاڻ جڏهن عوامي
پارٽيءَ کي بلاول ڀٽو جي روپ ۾ نوجوان قيادت ملي آهي ته ان جي سوچن ۽ عملن ۾ به ڪا
تبديلي اچڻ گھرجي نه ته 18هين آڪٽوبر واري طاقت عوام ۽ مخالفن ۾ پنهنجي ساک وڃائي
ويهندي .....!!!
هوشوءَ جي للڪار
بلاول!
تنهنجي ايجنڊا تي سنڌ سرِفهرست هئڻ گھرجي، ڇو ته
محترمه جي آخري آمد ۽ تنهنجي سياسي سفر جي ابتدا ۽ واپسيءَ واري ڌرتي به سنڌ آهي.
تنهنجو بار بار ورجايل نعرو، ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون،‘ آهي. ان جي لچ رکجان.
تون ئي هن دکي ديس جي عوام جي اميد آهين.
بلاول ڀٽو جي
آجيان تي آيل عوام، ۽ سندس للڪار ڀري تقرير کي ڏسي مونکي حسن مجتبى جو محترمه جي
لاءِ لکيل نظم جون هي سٽون ساڀيان نظر آيون جيڪي بلاول ڏانهن لکان ٿو ته:
”تم ڪتني ڀٽو
ماروگي،
هر گھر سي ڀٽو
نڪلي گا،
وه دريا ديس
سمندر ٿي،
جو تيري ميري
اندر ٿي،
وه سوندي مٽي
سنڌڙي ڪي،
وه لڙڪي لال
قلندر ٿي،
(روزاني عبرت
حيدر آباد ، 20 آڪٽوبر 2014ع )
moulaiem@yahoo.com
No comments:
Post a Comment