درپن
حامد تي حملو؛ آئينو ڪوڙ نٿو
ڳالهائي سگھي!
مولائي ملاح
روزاني عبرت ۾ ٻيهر مستقل طورتي هفتيوار ڪالم
لکڻ لاءِ حالتن جي حساب سان ڪنهن سِري/ عنوان جي تلاش، سوچ ۾ سرگردان هيس ته؛ اوچتو موبائل جي اسڪرين ٻرڻ
لڳي جنهن تي اسانجي سينئر ليکڪ شهاب الدين ملاح جو ميسج اچي ويو جنهن منهنجي سوچ
جو رخ موڙي ڇڏيو، سندس ميسج جي خوبصورت سٽن مان مونکي پنهنجن ڪالمن لاءِ عنوان ملي
ويو. ميسج هيئن هيو ته: “پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙن دوستن کي شامل ڪريو جيڪي ڪڏهن
آئينو ته ڪڏهن پاڇو ٿي رهن؛ ڇو ته:‘ آئينو ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو’ ۽ پاڇو
ڪڏهن به ساٿ ناهي ڇڏيندو.” مان آئيني جي ڪارج ۽ ڪردار تي ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ
چيم ته: ها! شهاب سائين، ‘آئينو ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي سگھي.’ ۽ نه ئي وري ڪو ان کان
پاڻ لڪائي سگھي ٿو ڇو ته: ‘درپن’ جي ديد سدائين سگھاري رهي آهي. آئيني کان پاڻ لڪائڻ لوڪ کان لڄ لڪائڻ
آهي. ائين ممڪن ئي ناهي ته جنهن معاشري ۾ ماڻهون رهندو هجي ۽ ان معاشري کان پنهنجون
چڱايون ۽ اوڻايون لڪائي سگھي.
انسان کي جڏهن پنهنجي جوڀن جا سُندر جذبا
محسوس ٿيڻ لڳندا آهن ته، هو پنهنجن احساسن کي سمجھڻ ۽ سنوارڻ لاءِ آئيني جو ساٿ حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي. هنجي
دوستي آئيني سان جڙي ويندي آهي. جنهن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ؛پاڻ کي سهڻو پسڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو
پنهنجي هر ناز، انداز کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ؛ پهرين راءِ پاڻ بابت آئيني کان
ئي وٺندو آهي. آئينو جيڪو هن کي ڪنهن به رک رکاءَ ۽ ڪنهن به دٻاءَ جي سڀ ڪجهه سچ، صحيح
رُخ ۾ ڏسيندو آهي.
آئيني ۾ هر چهرو جيئن جو تيئن نظر ايندو آهي.
ڪارو مُنهن، اّڇو مُنهن، چڱو منهن ۽ موچارو مُنهن، نقاب پوش ۽ ميڪ اپ وارو منهن بنا
ڪنهن فرق ۽ وڌاءَ جي جيئن جو تيئن نظر ايندو آهي. آئيني جي اّڇاڻ ۾ ڪير به پاڻ کي
لڪائي نٿو سگھي. سماج هڪ آئيني مثل آهي ان ۾ پاڻ کي سماج جو خوبصورت چهرو بڻائڻ
لاءِ اسين آئيني جي ڏيکاريل اصل چهري تي اعتبار ڪري ان جي ڏنل صحيح جواب، راءِ تي
عمل ڪندي پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. جيڪي ماڻهون ان حقيقت کان انڪار
ڪندي منهن موڙي پنهنجي داغدار چهري تي ميڪ اپ جي ملم ملي عوام اڳيان اُجرا ٿي
ايندا آهن ته اُهي سماج جي آئيني ۾ پاڻ ئي پنهنجي ڪريل ڪردار ۾ پڌرا ٿي پوندا آهن.
جيڪي سادا ۽ سچا ماڻهون منهن کي سڻڀو رکڻ لاءِ ڄانڀي جو تيل مکي، اجري ڪردار سان
عوام اڳيان ايندا آهن ته انهن تي ڪير به آڱرناهي کڻندو نه عوام ۽ نه آئينو. اهڙيءَ
ريت اسان جي پهريون اصلاح ڪندڙ اسانجو آئينو ئي آهي. گھر مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ
ٻيو استاد سماج وارو آئينو آهي؛ جيڪو ماڻهون گھر جي آئيني اڳيان بيهڻ جي قابل ناهي
هوندو اهو ماڻهون سماج جي آئيني اڳيان مطمعن ٿي اچي، بيهي ناهي سگھندو. اگر نڪ
جي پڪائيءَسان اچي به ويوته پوءِ اتي بيهي
پنهنجي موچاري منهن کي گھڻيءَ دير تائين لڪائي ناهي سگھندو. وقتي طور تي آئيني تي
سڻڀ ملڻ سان ان جي روشني ته جھيڻي ٿي پوندي، پر ان جي ڏسڻ ۽ پرکڻ واري سگھ ۽ ڪسوٽي
ڪڏهن به ڌنڌلي نه ٿي سگھندي آهي. ڪي تنگ نظر ماڻهون آئيني کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري
ڇڏيندا آهن، پر تڏهن به ان جي سئو ٽڪڙن جي هر هڪ ٽڪڙيءَ مان هڪ ئي تصويرنظرايندي
آهي جيڪي ان جي اڳيان هوندي آهي. گھر جي آئيني ۾ اسان کي رڳو پنهنجو ڪردار ئي جيئن
جو تيئن نظر ايندو آهي. پر سماج جي آئيني ۾ به اسان کي پنهنجو ڪردار جيئن جو تيئن
ئي نظر ايندو آهي؛ پر بد ڪردار ماڻهو سماج جي آئيني جي اڳيان اچڻ کان ائين لنوائندو
آهي جئين ڪانءُ ڪمان کان...!!
ميڊيا، صحافت سماج جو هڪ آئينو
آهي جنهن ۾ اسان کي ان جون سڀ اوڻايون ۽ سٺايون نظر اچن ٿيون. هن آئيني ۾ چڱا مُنهن ۽ موچارا مُنهن پاڻ کي
لڪائي ناهن سگھندا، ڪي صورت جي حوالي سان ته ڪي سيرت جي حوالي سان هن جي اڳيان اچڻ
کان پوءِ ماڻهونءَ جو هر روپ، ٻهروپ عوام اڳيان ظاهر ٿي پوي ٿو. موچارا مُنهن
آئيني اڳيان اچڻ کان اڳ ئي ان کي لڪائڻ، ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن آئيني ڪڏهن به
اونده جي چٻرن کي ’چانڊوڪيءَ رات ۾ چنڊ جوعاشق‘ چّڪور’ ناهي چيو، ۽ چور کي ڪڏهن به
ساڌ ناهي چيو، هن مظلوم کي ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو، آئيني ڪڏهن به رهزن، دهشتگرد
تي پنهنجي پناه جو پردو ناهي رکيو اِهائي ان جي وڏي خاصيت آهي جنهن ڪري هو هر ڀيري
هر ڏاڍي جي لٺ هيٺان ايندو رهيو آهي. جيڪڏهن آئينو پنهنجو اهڙو ذميواراڻو، صاف
شفاف ڪردار ادا نه ڪندو رهي ها ته: اڄ هن سماج ۾ ظالم ۽ مظلوم جي پرک نه ٿي سگھي ها.
آئينو ڏيکاريندڙ ماڻهون ڪڏهن بمن ته ڪڏهن کولين ۽ گولين جي زد، ڀاڪر ۾ رهيا آهن.
سوال چهرا جواب چهرا،
عوام جا سڀئي گھاوَ گـﻫـرا.
ٻه ڏهاڙا اڳ ( ڇنڇر، 19 1پريل تي
) بااثر ٽي وي چينل جيونيوز جي اينڪر حامد مير تي حملو ٿيو آهي جنهن سازش جا پيرا به
بااثر ادارن ڏانهن وڃن ٿا. حاميد مير ڪجھ وقت کان بلوچستان جي اشوز، ڳجھن ادارن
پاران گم ڪيل ماڻهن ۽ آمر (ر) جنرل پرويز مشرف جي اشو کي کنيو هيو؛ جنهن جي سزا
کيس اڄ هن حالت ۾ ڀوڳڻي پئجي رهي آهي. هي حملو در اصل حامد مير تي ناهي پر اظهار راءِ
جي آزاديءَ تي ئي حملو آهي جيڪو ڏاڍين ڌرين پاران عوام جي آواز کي دٻائڻ ۽ انهن تي
پنهنجي لٺ بانٺي واري پاور، حق حڪمرانيءَ کي محسوس ڪرائڻ ۽ پنهنجي طاقت کي عوام مٿان برقرار
رکڻ لاءِ ئي ڪرايو ويو آهي. ڇو ته جھموريت اسان وٽ نالي ماتر جو رهي آهي. هت هر
شئي تي هر وقت هنن جو ئي راج رهيو آهي؛ پر هنن کي هڪ ڏهاڙي قلم ۽ ڪمان جي سگھ کي
پروين شاڪر جي هنن سٽن ۾ ضرور سمجھڻو پوندو ته:
هماري سوچ ڪوڀي تم ني اپني،
راج ڌاني ڪا ڪوئي حصه سمجھ ليا
هئي،
قلم ڪا ڇيننا آسان نهين هي. پروين شاڪر .
حامد تي حملي جو مطلب: سگھارا ادارا پنهنجي سگھ کي
اڄ به عوام اڳيان باور، محسوس ڪرائي رهيا آهن. اسانجي اياز اهڙي ئي ڪيفيت لاءِ
لکيو هيو ته:
روڪ جي روڪي سگھين ٿو، وقت جي
آواز کي !
حامد مير مٿان هليل گولي اصل ۾
وقت جي آواز تي وار آهي هت اڄ فيض جي هنن سٽن جهڙي ڪيفيت آهي ته: “چلي هئي رسم ڪي
، ڪوئي ڀي سر اٺاڪي نه چلي! ” صحافت سماج جو آئينو آهي جيڪو سج بڻجي اهو سڀ ڪجھ
ڏيکاريندو آهي جيڪو ڪوڙ جي رات ۾ لڪل هوندو آهي. هت جيڪو ماڻهون اهڙو ڪردار ادا
ڪندو آهي پوءِ ان کي سعيد سومرو جي هنن سٽن جيان: جان ۽ دوڪان کي رات جو جوکم
کڻڻو، کاٽُ سهڻو پوندو آهي ته:
شهر وارن کي ڏئي ٿو آئينا،
رات هن جو دوڪان ڊاهي ڇڏ .
سماج جي ذميوار ماڻهن کي اگر آئيني
اڳيان بيهڻ جي عادت هجي ها ته اڄ هن مهذب سماج ۾ غيرمهذب روايتون ۽ اهڙا غيرمهذب
عمل هرگز نه ٿين ها، ڪڏهن به اهڙا انسانيت کي شرمائيندڙ واقعا جنم نه وٺن ها جن جي
رونما ٿيڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪي وڃي ٿو. ڪجھ سال اڳ اسان وٽ حاڪمن جي
دروازن تي توا ٽنگڻ جي هڪ مهم هلي هئي ان جيان اڄ به اگر سماج جي ذميوار، سجاڳ
فردن پاران ڪم چور چونڊيل نمائيدن ۽ سرڪاري ڪارندن جي گھرن، گھٽين ۽ آفيسن جي درن
اڳيان آئينو جھلي بيهڻ جي مهم هلي ته منهنجي خيال ۾ سنڌ جي لاوارث عوام جي ڪا واهر
ٿي سگھي ٿي. عوا م اڳيان اهي ماڻهون، چونڊيل نمائيندا ۽ ڪمدار ڪامورا به پڌرا ٿي
پوندا، اهڙي عمل سان ڀلا ٻيو ڪجھ نه سهي پر گھٽ ۾ گھٽ عوام جي اندر جي ڪجھ باهه ته جھڪي ٿي پوندي، ڇو ته اهي وري به
سڀاڻي انهن جي ئي درن تي وري ايندا ڪنهن نئين ڪهاڻيءَ سان. اهڙن سڀني ماڻهن جا منهن
هيڊا نظر ايندا هن آئيني ۾ جن جو سماج
۾ ڪو به ڪردار ادا ڪيل نه هوندو. جيئن ڪبير چيو ته: جس ڪو ديا ڌرم نهين دل ۾
وه مکڙا
ڪيا ديکي درپن ۾.
درپن جي
ديد سگھاري آهي ان جي اڳيان هر ڪردار وائکو آهي.آئيني پاران وائکا ڪيل ڪردار عوام
اڳيان ئي رهندا آهن. هن ‘درپن’ جي ديد ان سڄي گند تي هوندي جنهنجي ڦهلجڻ سان
ماڻهون سماجي براين جي وَرِ چڙهي وڃي ٿو. غيرت جي بي غيرت تصور، ڪهاڙيءَ جي ڦرهي
هيٺ آڻي ڪاريون ڪري ماريل سنڌ جون نماڻيون ناريون /سج جي روشنيءَ ۾عوام جا غضب
ٿيندڙ حق، هر آئي ڏهاڙي مهانگائيءَ ۾ ٿيندڙ واڌ، بيروز گارن جي بٽالين ۾ وڌندڙ واڌ،
بک ۽ بيمارين سبب بنا علاج جي مرجھائيندڙ معصوم مکڙيون به هن عوامي ‘درپن’ کان
اوجھل نه رهنديون. اهو نه وسارڻ گھرجي ته آئينو سئو ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿيڻ کان پوءِ به
پنهنجي حقيقت پسنداڻي راءِ کان رڪجي ناهي سگھندو. موچارن مُنهن لاءِ صحافت وارو اُجرو
آئينو ئي موچارن مُنهن لاءِ وڏو احتساب آهي، ان جي سهاري سان سماج جي سموري گند کي
ميڙي، سماج کي سنواري سگھجي ٿو. اچو ته اڄ انهن ڪم چور عوامي نمائيندن ڪرپشن جي بادشاهه
ڪامورن جي گھرن، گھٽين ۽ آفيسن جي دروازن تي هڪ ڀيرو ٻيهر سندن ڪڌن ڪرتوتن تي ڪالم
جا آئينا ٽنگي اَچئون. جڏهن آئينو هنن کي ڊيڄارڻ لڳندو ته پوءِ هي پاڻهي، سڌو عوام
جي درن ڏانهن رُخ ڪندا.
درپن
تمهين جب ڊراني لگي، تو ميري پاس آنا،
ميرا در
کُلا هئي کُلا هي رهي گا......
( روزاني
عبرت حيدر آباد ، 21 اپريل 2014ع )
No comments:
Post a Comment