Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

ويندڙ سال جي چُنريءَ تان خوابن جا شيشا ٽُٽي پيا!



آئون نه گڏي پرينءَ کي،  تون ٿو لهين سج!
 ويندڙ سال جي چُنريءَ تان خوابن جا شيشا ٽُٽي پيا!
مولائي ملاح
 انسان کي هر شئي جي ليکي چوکي رکڻ سان ان جي فائدي ۽ نقصان جي خبر پوندي آهي. زندگيءَ ۾ ٿيندڙ نقصان کان اڳواٽ بچڻ لاءِ، اهڙو حساب رکڻ تمام ضروري هوندو آهي. هر روز جي ڏهاڙن جيان سڄي سال جو حساب ڪتاب رکڻ جو به هڪ ڏهاڙو ٿيندو  آهي جنهن کي اسين ويندڙ سال جو آخري ڏهاڙو چئون ٿا. گذريل سال 2012ع اسان کي ڇا ڏنو ۽ هي ويندڙ سال 2013ع اسان کي ڇا ڏئي ٿو وڃي؛ ان تي غور ڪرڻ ائين ضروري آهي جئين هڪ سياڻو واپاري پاڻ کي نقصان کان بچائڻ ۽ فائدي کان آگاهه ٿيڻ لاءِ سال جي آخر ۾ پنهنجي کاتي جي ڪاغذن ۾ پنهنجي سڄي سال جي ڪمائيءَ جو پوتا ميل لڳائيندو آهي. ائين ئي اڄ اسانجي سال جي گذريل زندگيءَ جي پوتا ميل جو ڏڻ آهي. اسان کي هن گذرندڙ سال 2013ع  ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو.
اسين آسرن، اميدن تي جيئڻ وارا ماڻهون هر ويندڙ حڪومت کي برو ڀلو چئي، ايندڙ حڪومت جي چنريءَ جي پاند ۾ پنهنجين آسن ۽ اميدن جا شيشا ٽاڪي ويهي رهندا آهيون. ائين ئي اسين اميدن جي ناوَ جا مسافر نئين سال جي آمد واري ڏهاڙي تي به هڪ ڀيرو وري اميدن ڀريا بڻبا آهيون. پوءِ ويندڙ سال جي ڏئي ويندڙ وڍن تي چهڪڻ کان پوءِ ايندڙ سال جي چولي تي وري پنهنجون سڀ اميدون ساڀيائن جي شيشن سان ٽاڪي ڇڏيندا آهيون؛ ۽ پوءِ اهو سال به ائين ئي احساس محروميءَ ۾ گذري ويندو آهي، ائين جئين هي سال 2013ع به گذري ويو.!
هن ويندڙ سال جو هر ڏهاڙو به ائين ئي حسرتن ۾ ئي گذري ويو. جنهن جي وڃڻ وقت اسانجي جھول ۾ رڳو ارمانن جا آنسو پيل هيا، ائين ئي هن ديس ۾ جمهوريت جي بحاليءَ سان سلهاڙيل اسانجي زندگيءَ جا پورا ڇهه سال گذريا آهن ۽ اسين پنهنجي محبت عيوض گلن بجاءِ ڪنڊن جي جھول ڀريندا رهيا آهيون. اسين اياڻا ماڻهون مسئلن جي ريل جي ڦيٿي سان ائين ڦرندا رهيا آهيون جئين چاڪيءَ جي گھاڻي ۾ اکين تي پٽي ٻڌل ڏاند ڦرندا آهن. اسان عوام مفاد پرست ليڊرن جي مفادن سبب مسئلن، مهانگائيءَ هيٺ دٻبا رهيا آهيون. اڄ جڏهن هن جمهوريت ۾زندگيءَ جي گذريل هڪ سال جو ويهي پوتا ميل ڪجي ٿو ته: اسانجي حالت اردوءَ جي هن شعر جهڙي بيهي ٿي ته:
گذرا سال تو احساس يي هوا،
هر ماهه حسرتون ڪا لهو چوس تا رها.
ويندڙ سال 2013ع مجموعي طور تي خوشين گاڏڙ غمن جو سال رهيو. هن سال ۾ به عوام کي اهو ڪجھ حاصل نه ٿيو جيترو عوام هنن ليڊرن پويان وڃايو آهي. جيڪا پاڇي آهي اُها صرف دعائن جي آهي جيڪا هڪ اُميد جي صورت ۾ اڃان زنده آهي جا 2014ع جي اُڀرندڙ سج سنهري ڪرڻن ۾ رکيل آهي. اها ته : هي سال اسان لاءِ سک، سلامتيءَ جو ثابت ٿيندو.
اڄ اسين 2013ع جي لهندڙ سج کان، اهڙي ڪيفيت ۾ موڪلائينداسين جهڙي ڪيفيت ماتمي جلوسن ۾ شبير جي عزادارن جي هوندي آهي. سال 2013ع جو آهستي لهندڙ سج،  آسرن ۽ اميدن سان اڀريو ۽ اڄ خيرن سان ڀڳي ٽوڙهي جي هنج ۾ الوپ ٿي ماضي بڻجي رهيو آهي؛ پر ساڻس سلهاڙيل اسانجون اميدون ساڀيان ماڻڻ لاءِ       سسئيءَ جي سفر جيان رستي تي رُلنديون رهيون شاهه چوڻي ته:
“ آئون نه گڏي پرينءَ کي تون ٿو لهين سج! ” 
يا وري .
آئون نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيو پساهه،
سڪان ٿي سڪرات ۾، رويون پڇان راهه،
شال مَ وڃيم ساهه، ڌاران پسڻ پرينءَ جي!  (شاهه)
هن 2013ع اسان کي اليڪشن ، جمهوريت جي بحالي ڏني، ان جمهوريت اسانکي خوشحالي اها ڏني جنهن ۾ زندگي سستي ۽ اٽومهانگو، راڄن کي روڊن تي رڙندو، نوجوانن کي نوڪرين لاءِ رلندو ڏٺو سين ته ڪٿي بيمارن کي بسترين تي تڙپندو ڏٺو سين. اسانجي نوجوانن نئين سال جي اکين ۾ جيڪي سپنا اُڻيا هيا اهي به ڀورا ڀورا ٿيندي ڏٺا سين. هنن جا جمهوريت ۾ رکيل خواب اڄ اياز جي هنن سٽن جيان ننڊ ۾ به کين ٻارن بکايل جيان ڇرڪ ڀرائي رهيا آهن ته: س
ٻار بکايل خواب لڌو آ،
پٿر ان جو داڻو ٿي پيو آ.
2013ع جي هن ويندڙ سال جي لهندڙ شام خبر ناهي ته اڃا اسانکي ويندي ويندي ڪهڙا گھاو ڏئي ويندي، گذريل سال جي شامن ۾ به اسانجي من جي آسمان تي ڪارين شامن جي ڪاهه رهي. سنڌ جي نيڻن مان نير ڪونجن جي قطارن جيان ٽمندا رهيا زندگي ڄڻ ته اونداهي غار رهي، صبح هوندي به ڪڏهن سوجھري جو ڪوئي احساس نه رهيو. اهي ئي مارو ماڻهون پيرين اگھاڙي، نه نوجوانن کي نوڪريون مليون ۽ نه محترمه جي خون سان انصاف ٿيو. ابرار ملاح جهڙا ڪيترائي پ پ پ جا سرفرش ڪارڪن  سرڪار ڏانهن سهائتا لاءِ ڏسندا رهيا. پر گذرندڙ سال پنهنجي رفتار سان ماضي بڻجي صدين ۾ سمائجي ويو.
 سنڌ ۽ پ پ پ جي هنن  جيءَ جيارن جيالن جا درد اهي ئي رهيا. هاڻ سوال اهو آهي ته: ڇا اسان پنهنجين اميدن جا شيشا ايندڙ سال جي چُنريءَ تي ساڀيائن جي سُئيءَ سان وري به سجائي، ٽاڪي رکون؟! باقي 2013ع جو ويندڙ سج ته:  اسانجي زندگيءَ ۾ سسئيءَ تي سفر ۾ لهندڙ سج جهڙو ئي رهيو آهي.
لڙيو سج لڪن ۾، راتيون راسائين،
مونکي ماريائين، اديون اونداهي ڪري. (شاه)
اسانکي هاڻ اهو سمجھڻ گھرجي ته هي دور آسرن، اميدن ۽ دعائن تي جيئڻ جو ناهي، ۽ نه ئي وري آزمايلن کي آزمائڻ جو آهي، پر هي دور جستجو، مستقبل لاءِ نيون راهون تلاش ڪرڻ جو دور آهي. پنهنجا رستا پاڻ تلاش ڪرڻ جو دور آهي. استاد جيان ته:
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾، جستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو سندرا ٻڌي ، هلندا هلو وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي. (بخاري)
                                                                             moulaiem@yahoo.com                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                       
                       
   
(روزاني عبرت حيدر آباد ،  پهرين جنوري 2014ع )

No comments:

Post a Comment