مولائي ملاح
نظم ۽ آزاد نظم
جو سگھارو شاعر: شمشير الحيدري
سنڌي ادب ۾سنڌ جي ٻـﻫـڳڻي شاعر
شمشيرالحيدريءَ جي شخصيت گھڻ پاسائين رهي آهي. هو هڪ ئي وقت اديب، صحافي، نقاد،
سماج شيوَڪ، ترقي پسند مذهبي ۽ قومي ڪارڪن هيو. انـﻫـن سڀني پاسن مان سندس نمايان
پاسو ادب وارو رهيو آهي؛ جنـﻫـن سان هن زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين ساٿ نڀائيندو
رهيو..
شمشير الحيدري، سنڌي ادب ۾ ٻين
صنفن تي طبع آزمائيءَ کان علاوه خاص ڪري جديد سنڌي ‘ آزاد نظم’ تي سگھاري انداز ۾ طبع
آزمائي ڪئي اٿائين. ڪافي نقادن جو خيال آهي ته: هن ئي سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏئي ‘
آزاد نظم’ جي صنف کي متعارف ڪرايو. ان بنياد تي ائين کڻي چئجي ته سنڌي ادب ۾‘ آزاد
نظم’ جو پايو وجھندڙ ئي شمشير رهيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي مختلف پاسن جا
موضوع ملن ٿا، جن ۾ رومانويت، جماليات، مزاحمت، جدّت، ترقي پسندي وغيره شامل آهن.
فـﻫـميده حسين پنـﻫـنجي هڪ مضمون
۾ ڄاڻائي ٿي ته: “آزاد نظم جي حوالي سان شمشير الحيدريءَ جي باري ۾ سنڌ جو هڪ شاعر
قمر شـﻫـباز لکي ٿو ته: مان کيس سنڌي آزاد شاعريءَ جو ابو چوندس. شايد پـﻫـريون
ڀيرو سنڌي ادب کي سُريلي آزاد نظم جو تحفو شمشير ئي ڏنو.” (فـﻫـميده، 2012: 64- 71)
زُهير حسين حيدري هڪ مـﻫـاڳ ۾ لکي
ٿو ته: “شمشير سنڌي آزاد نظم جو خالق آهي.” (زُهير، 2012: 7- 9)
شمشير چواڻي ته: آزاد نظم جيئن ته
سنڌيءَ جي ’جديد شاعريءَ‘ جوئي جُز آهي. ۽ ان تي شاعريءَ جي هڪ صنف طور نه بلڪ گھڻو ڪري
جديد شاعريءَ سان اختلاف ڪرڻ واري رويي هيٺ اعتراز ڪيا وڃن ٿا. ( شمشير، 2012 ب: 12)
آزاد نظم
جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيو ويو ته اهو اٿندي ئي اختلافن جي ور چڙهي ويو ۽ ڪافي شاعرن
۽ نقادن ان کي ’ڇڙواڳ نظم‘ جو نالو ڏئي رد ڪري ڇڏيو؛ پر شمشير ان جي دفاع لاءِ
انجي ڀرپور وڪالت ڪئي. اهڙو اظـﻫـار پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪيو اٿائين ته: ”جديد
نظم اسان کي يورپي ٻولين وٽان مليو آهي. انگريزيءَ جي سانيٽ ۾ چوڏهن سٽن جي
مقرريءَ کانسواءِ ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي، جيڪا سنڌيءَ ۾ نه ايندي هجي؛ البته،
ترائيل ۾ ڪافي تجربا سنڌي شاعرن ڪيا آهن. آزاد نظم. جيڪو اڳي اختلافن جي ور چڙهيل
هو، تنـﻫـن کي هاڻي نظم جي مُستند صورت مڃيو ويو آهي. (شمشير، 2012
الف: 12)
هو ٻئي
هنڌ اهڙو اظـﻫـار هيئن ڪري ٿو ته: ” آزاد نظم جديد شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي.
جنـﻫـن کي سمجھڻ لاءِ جديد دور جي پس منظر کي الڳ نٿو ڪري سگھجي. نون تجربن جي
سلسلي ۾ هيءَ صنف به هڪ شعوري ڪوشش آهي.“ ( شمشير: 2012 ب: 28)
حقيت ۾ شمشير،
آزاد نظم جي ڀرپور انداز ۾ وڪالت ڪري سنڌي ادب ۾ آزاد نظم جي حيثيت مڃائي. حفيظ
ڪنڀر پنـﻫـنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ شمشير لاءِ لکيو آهي ته:“ شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد
نظم جي بچاءَ جو شروعاتي وڪيل هو. جڏهن آزاد نظم بابت سنڌي ادبي ميدان تي بحث ڇڙي
پيا هئا، روايتي ۽ تقليدي ليکڪن، شاعريءَ جي ان صنف کي به ڪفر يا ڪافراڻي صنف جو
ٺپو هڻي ڇڏيو هو ته شمشير 1964ع ۾ ‘سنڌي آزاد نظم ۽ ان جو مستقبل’ لکي انـﻫـن
اديبن کي دونڌاڙيو هو ۽ اهو ساڳيو مواد ڊگھي عرصي کانپوءِ ‘سنڌي آزاد نظم جي اوسر’
جي عنوان هيٺ ڪتابي شڪل ۾ ماڻهن جي هٿن تائين پـﻫـتو.” (حفيظ، 2012: 125- 129)
شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ تجربو ڪري
سنڌي شاعريءَ جي مکيه فني، تاريخي مسئلن کي ڇيڙي ان ۾ سنڌي شاعريءَ جي ‘ڪُل’ ۾ آزاد نظم جي ‘جُز’ کي پيش
ڪيو آهي. جيڪو سندس ڪامياب ثابت ٿيو. اهو سندس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏو ڪارنامو هيو.
رکيل مورائي پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن چيو ته:“ سنڌي ٻوليءَ جي نـﻫـايت تخليقي شاعريءَ
جو، شمشير ڏانـﻫـن اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن سنڌ ۾ آزاد نظم کي نه رڳو هڪ مظبوط
بنياد فراهم ڪيو، پر سنڌيءَ ۾ جيڪي آزاد نظم هن لکيا، اهي اهڙي ته شاهدي ڏين ٿا ته
آزاد نظم سنڌ ۾ پنـﻫـنجون پاڙون پختيون ڪري چڪوآهي” (مورائي، 2012: 130- 133)
موجوده
حالتن موجب آزاد نظم ۾ تخيل جي وسعت سبب انجي هيئت قافين ۽ هٿ
ڪڙين جي حد بندين کان آجو آهي. هن ۾ ڪــﻫـاڻيءَ جيان شروعات، وچ ۽ اوج هجڻ لازمي آهي. اهڙي ريت تسلسل سان ئي خيال جز
مان قل ۾ سمائجي ٿو. اهڙين حدبندين کان آزاد سرجيل نظم جي آزادي عوام سان رشتي
جوڙڻ ۾ مدد ڏئي ٿي: سحر امداد چواڻي ته :“ گدائي، اياز، امداد، تنوير، بشير، نياز،
ذوالفقار، بردو، استاد، فتاح، شمشير، سحر
۽ انور جديد دور جا اهي سر موڙ شاعر آهن. جن انسان ذات جي دکن ۽ دردن کي پنـﻫـنجي
شاعريءَ ۾ سمايو ۽ انساني آسن ۽ اميدن کي ڀرپور نموني اظـﻫـاريو. رسول بخش پليجي
نئين دور جي انـﻫـن پيغامبرن بابت چيو: نئين زماني جي شاعرن، اديبن، ۽ دانشورن سڄي
حياتي انسان ذات جي دکن ۽ دردن، آسن ۽ اميدن، احساسن ۽ جذبن جا داستان لکيا. ” (سحر، 2008: 385)
شمشير جي
سڄي شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور انساني زندگي ۽ انسان دوستي ئي رهيو آهي. هن پنـﻫـنجن
سگھارن نظمن ذريعي مظلومن ۾ مزاحمت جو روح ڦوڪي سندن آواز کي اتساه ڏئي احتجاج جي
ميدان عمل ۾ آندو. هن جي شاعريءَ ۾ هر ڏاڍ جي ڏونگر کي ڏارڻ جي للڪار جھـلڪندي نظر
اچي ٿي. هن پنـﻫـنجن سگھارن نظمن ذريعي جتي سنڌي ادب کي جلا، جوت بخشي، اتي هن پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي قوم کي شعور ڏئي انسان
دوستيءَ جي فڪر ۾ پوئي ڇڏيو. جيئن سندس هي نظم آهي ته:
اُٿو
اُٿو، بکن جا ماريل اُٿو!
اُٿو
اُٿو، ڏکن جا ڏاڙهيل اُٿو!
اي
ڳڻتين جا
ڳاريل، مصيبتن جا ماريل،
صدين جي
ساز باز سان، صليب تي سمهاريل،
اُٿو اي
وقت جا وساريل اُٿو!
اُٿو جو
هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪَني ڪڍي،
اُٿو جو
هاڻ هڪ نئون جـﻫـان پيو جنم وٺي،
اُٿو
نصيب جا ڌڪاريل اُٿو!
ڏسو ته
هو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن،
ڏسو ته
هو غلامين جا ڪوٽ ڍير پيا ٿين،
اُٿو مصيبتن
جا ماريل اٿو!
اُٿو جو
هاڻ پنـﻫـنجي هيءَ جنگ آهي آخري،
سنڀاليو
پنـﻫـنجا مورچا، محاذ تي وري وري،
اُٿو اي
ڳڻتين جا ڳاريل اُٿو!
هر جدت
جو تخليقڪار کي پاڻ ڏانـﻫـن متوجه ڪرڻ، هڪ قدرتي عمل سمجھيو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته هڪ
سٺو تخليقڪار نواڻ چاهيندو، جنـﻫـن لاءِ هو يقيناً جاکوڙ ڪندي، مطالعو ۽ مشاهدو
ڪري تخيل جي دنيا ۾ نيون راهون تلاش ڪندو رهندو. پوءِ اهڙي ڪوشش ۽ جستجو کيس تخليق،
تخيل جي دنيا ۾ امرتا، سڦلتا بخشيندي آهي. ائين ئي شمشير به تخليق جي دنيا ۾ نيون
راهون تلاش ڪيون. نيون راهون تلاش ڪرڻ سان ئي هڪ تخليقڪار کي نئون فڪر، نئين سوچ ۽
لوچ، نئون احساس ۽ ادراڪ ملندو آهي. اهڙي جاکوڙ ۽ جستجو کانپوءِ ئي هڪ تخليقڪار جي
ٻن آڱرين جي وچ ۾ ڦاٿل قلم جي نيري نب مان نيون صنفون، نوان خيال ۽ نون لفظن جا
ريشمي تاڪيا کلڻ شروع ٿيندا آهن؛ اهڙي جدت ئي هڪ ڪويءَ کي مـﻫـان بڻائيندي آهي .
محترمه سحر
امداد ، وري نظم جي وضاحت پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪئي آهي ته: ”مغربي ادب جي مطالعي
سنڌي ادب کي ڪيتريون ئي نيون صنفون ڏنيون. نظم جون انيڪ صورتون: آزاد نظم، بي قافيا
نظم، نثري نظم، مغربي ادب جو اثر سنڌي ادب تي ظاهر ڪن ٿيون. نظم جديد سنڌي شاعريءَ
جي هڪ انتـﻫـائي اهم صنف آهي. نظم جي صنف شاعر کي اظـﻫـار لاءِ وسيع ميدان مـﻫـيا
ڪري ٿي. نظم جي روايتي هيئتن سان گڏ مختصر نظم، طويل نظم، بي قافيا نظم، آزاد نظم
۽ نثري نظم شاعرن کي ڪيتريون جدتون ۽ آزاديون بخشين ٿيون … نظم ۽ ٻين صنفن جي ڀيٽ
۾ تجربي جي وڌيڪ گنجائش آهي … نظم جي صنف شاعر کي گھڻي کان گھڻي آزادي به مـﻫـيا
ڪري ٿي. ان ڪري اها آزادي عوام سان رشتي جوڙڻ ۾ واهر پڻ ڪري ٿي.“ (سحر، 2008: 381- 382)
شمشير به
پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي عوام سان پنـﻫـنجي محبت جي اظـﻫـار جو رشتو جوڙيو. هن لوڪ
جي لڙڪن، ڏکن، ڏولاون، دردن، دانـﻫـن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍائيءَ تي پنـﻫـنجي قلم کي جنبش
۾ آندو. هو ڌرتيءَ جي دردن کان وٺي عوام جي ڏکن تائين ورچي ويـﻫـڻ بجاءِ، شاه لطيفؒ
جي لفظن جيان ’ويـﻫـڻ مون نه وڙاءُ‘ جي مصداق بڻيو. جڏهن ملڪ جي ايوبي آمريت جي
راڄ ۾ سنڌ جي نازڪ ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ وڌو وڃي ٿو، تڏهن سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو
دؤر شروع ٿئي ٿو. جڏهن هر گيدي سياستدان ۽ ويڪائو شاعر يا اديب خاموش رهي ٿو ۽ ڪير
به آمريت جي ڪاريءَ رات کي ڏاڍ جي رات چوڻ لاءِ تيار ناهي ته اتي شمشيرالحيدريءَ جـﻫـڙا
باضميرشاعر ئي هيا، جن ٻوليءَ ۽ ادب جي ان محاذ تي سنڌ جي حقن جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ
آمر آڏو ڳاٽ اوچو ۽ سينو سپر ڪري، سندس آمريت کي للڪار ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي.
هن پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي وقت جي آمر تي وڏا وار ڪيا؛ جيئن سندس هڪ نظم آهي ته:
اڄ وري
تاريخ جا دفتر کليا
اڄ وري
انسان جا جوهر کليا
اڄ وري
جاڳيو زماني جو ضمير
اڄ وري
انصاف تي ڏمريو اسير
اڄ وري
زنجير سان سرچاءُ ٿيو
اڄ وري
زندان جو ٺـﻫـراءُ ٿيو
اڄ وري
اظـﻫـار تي پـﻫـرو لڳو
اڄ وري منصور ڦاهيءَ تي
چڙهيو ( شمشير )
آزاد نظم سرجڻ کانپوءِ اها صنف شمشير جي شاعريءَ جي سڃاڻپ
بڻجي وئي؛ پوءِ ان کي ٻين شاعرن به لکڻ شروع ڪيو، جيڪو پوءِ جديد شاعريءَ جي صنف
سڏجڻ لڳو. ائين هلندي هلندي شمشير جا آزاد
نظم جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جا منفرد نظم سڏجڻ لڳا؛ جن مان سندس هي ڪجھ چونڊ
نظم آهن: ’همسفرو‘، ’مشورا‘، ’پيشڪش‘، ’آرزو جو سفر‘، ’لطيفي لات‘، ’ڪاڪ محل‘، ’پيدائش‘،
’سنڌ جو ضمير‘ ۽ ’پيشڪش‘. سندس منفرد تخيل: ‘حُسن بانوءَ’ وارو نظم ‘پيشڪش’ آهي جنـﻫـن
جا هي ٻه بند آهن ته :
وقت جو
مالهي عجيب
ڪنـﻫـن
عجب اڻڄاڻ شـﻫـزاديءَ جي لاءِ منتظر
دل کي
اکين ۾ سمائي
درد جو
دريا وهائي
پيو سدا
پوکي محبت جا نوان تازا گلاب _
پيشڪش جي
لاءِ خوشبو جو ثمر
مدتن کان
پوءِ ڪڏهين اوچتو
شورشن ۽
حادثن جي سلطنت جي شـﻫـزادي
زندگيءَ
جي حسن بانو
وقت جي
اَڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر:
دل ئي دل
۾ مسڪرائي
قرب جون
ٻانـﻫـون وڌائي
پيار سان
پنـﻫـنجو بنائي
ٿي ڪري
درد جو
تحفو قبول ! ( شمشير )
شمشير
آزاد نظم کي اهڙي ته اٽڪل سان سرجي ٿو جو پڙهندڙ کي ڪٿي به ڪائي رنڊڪ محسوس نه ٿي
ٿئي. ۽ هو هڪ ئي ساهيءَ ۾ آسانيءَ سان سندس سڄو نظم پڙهي وڃي ٿو. جيئن سندس هي
آزاد نظم ‘مشورا’ آهي ته:
چوي ڪير
ٿو ،
ته تون
ڪجھ نه ڪر؟
ڀلا ڪير
ٿو توکي روڪي،
ته تون پنـﻫـنجي
حسن دو روزه تي نازان نه ٿي
جوانيءَ
جي دولت تي شادان نه ٿي ؟
چوي ڪير
ٿو،
ته تون پنـﻫـنجي
جوڀن جياريل. بـﻫـارن جي بخشيل. سُريلي ۽
شفاف،
نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن تي.
سدا صاف
ريشم۽ ڪمخواب و مخمل جي زرتار پوشاڪ پـﻫـرڻ
ڇڏي ڏي:
نه ڪر
سينڌ سرمو،
۽ پنـﻫـنجن
خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي
تبسم جي
چپڙن تي شوخيءَ جي سُرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي؟
چوي ڪير ٿو زماني کي قائل بنائڻ ڇڏي ڏي؟ ( حيدري،
2012 الف: 76 )
شمشير جي
آزاد نظم ’مشورا‘ لاءِ محترمه سحر امداد، پنـﻫـنجي
ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هيئن لکيو آهي ته: ”شمشير جو
آزاد نظم ’مشورا‘ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. سندس آزاد نظم جي سٽن مان
سٽون ائين ڦٽن ٿيون جو سندس آزاد نظمن کي پڙهندي ماڻهوءَ کي ساهه کڻڻ لاءِ وٿي نه
ٿي ملي ۽ لڳي ٿو نظم جي شروعات کان آخر تائين هڪڙي ئي سٽ آهي جا بنا ڪنـﻫـن وٿيءَ
جي مسلسل هلي پئي. آزاد نظم جو اهو ئي ڪمال آهي ۽ اسانجي جديد شاعرن اهو ڪمال ڪري
ڏيکاريو.“ (سحر، 2008: 392)
شمشير جو
نظم ’لطيفي لات‘، شاهه لطيف کي، جنـﻫـن جي دل ۾ روشنيءَ جو راڄ آهي، جديد انداز ۾
ڀيٽا آهي؛ جيڪو تخيل جي دنيا ۾هڪ منفرد، نرالو
۽ نمايان نظر اچي رهيو آهي.
وقت تي
حالات جا پاڇا پيا
چوطرف
خاموشين شورش ڪئي
ظلمتن کي
رقص جو موقعو مليو
روشني چپ
چاپ منـﻫـن موڙي وئي
روح کي
بيچينيون گھيري ويون
دانـﻫـن
کان مايوس ٿي. سُڏڪا ڀري
زندگي
قيديءَ جيان روئندي رهي :
ڪيئي
صديون ، ڪيئي سال
عقل جي
تاريخ موٽي پئي وئي
تنـﻫـن
گھڙيءَ
وقت جي
شاعر جي دل تڙڦي اُٿي !
هر طرح
جون نعمتون موٽي ويون ٺڪرائجي
هار کائي
ويا زمانا جا فريب
آخر ڀڙ
ڪي اُٿي دوزخ جي آڳ
يعني
مرڪي پيئي جنت جي ڪنيز :
ظلمتن جي
ڇا خبر
وقت جو
شاعر مگر مصروف هو
جنـﻫـن
جي دل ۾
روشنيءَ
جو راڄ هو، سوراج هو
وقت تي
حالات جا پاڇا پيا
چوطرف
خاموشين شورش ڪئي
ظلمتن کي
رقص جو موقعو مليو
ڪيئي
صديون. ڪيئي سال :
وقت جو
شاعر اڃان جاڳي پيو
زندگيءَ
جي ساز تي
پنـﻫـنجي لطيفي لات کي ! (حيدري: 2012 الف: 27- 28)
شمشير
اهڙن ڪميٽيڊ شاعرن، اديبن منجھان هو؛ جن ادب کي واندڪائيءَ جي وندر، پيسي ڪمائڻ جو
ذريعو سمجھڻ بجاءِ ان جي اهميت کي سمجھي، ان وسيلي قوم ۾ سمجھ ، شعور پکيڙڻ لاءِ علم
جي هڪ اهڙي لاٽ روشن ڪئي. جنـﻫـن کي هن پنـﻫـنجي
مقدر جو فيصلو سمڌو؛ جيئن سندس شعر جو هڪ بند آهي ته:
ڏيئي جي
لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم
اهو ئي منـﻫـنجي
مقدر جو فيصلو آهي
شمشير توڙي جو آزاد نظم جو سگھارو شاعرهيو. پر سندس غزل تي
به دسترس ڪمال جي ڏسجي ٿي. جيئن سندس‘ٽِماهي مـﻫـراڻ’ جي ٻئي دور(1955ع) جي پـﻫـرين
پرچي ۾ مليل غزل جو هي هڪ بند آهي. ته :
اي دوست
! منـﻫـنجي تشنگيء ديد کي ته ڏس .
دامن ڪشِ نگاه ، نگارن جي ڳالهه ڪر .
( شمشير )
(سحر، 2008: 306)
شاعر جي
جنـﻫـن شعر ۾ حقيقت جون ڏياٽيون بکن ته اها ئي سندس روح جي گـﻫـرائيءَ سان سرجيل سچي
۽ سگھاري شاعري آهي. شمشير جي شاعريءَ جي هر هڪ شعر، لفظ ۾ حقيقت ليئا پائيندي نظر
اچي ٿي. جنـﻫـن ۾ مظلوم سان ٿيل انياءُ جي ڳالهه ٿيل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جتي ’حُسن
بانوءَ‘ جو ذڪر ٿيل آهي. اُتي انسان دوستيءَ جي به ڳالهه ٿيل آهي. سندس شاعريءَ ۾
مزدور۽ محڪوم کي پنـﻫـنجي حقن جي حاصلات لاءِ اُتساهه ڏيڻ جي به ڳالهه ٿيل آهي؛ جيئن
پنـﻫـنجي هڪ غزل جي بند ۾ چيو اٿس ته :
ماحول جي
مستيءَ ۾، مرڪن سان مليون سُرڪيون .
رُوحن جا اهي ريلا ، چانڊاڻ
گھرن
شايد !
خالي به ڪريو جلدي ، انصاف
جي مسند کي
مظلوم
اچي پـﻫـتا
، حقدار هجن شايد
! ( شمشير )
(
سحر، 2008: 330)
شمشير جو
60 جي ڏهاڪي ۾ لکيل هي ڪلاسيڪل نظم ‘ڪاڪ محل’ تخليق سان ڀرپور، نظم جي مقصد کي
اُڀاري ٿو؛ جنـﻫـن جا آخري هي بند آهن ته :
ڪير منزل
کي رسي ؟ ڪير ٿو ماڻي مومل ؟
جان
جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سـﻫـي !
ڪوئي
لاهوتي لنگھي اڳتي. وڃي مقصد ڏانـﻫـن
ڇال
ڇورين جا ڏسي. ڪوئي لنوائي ته سـﻫـي !
ها. مگر مينڌرا منزل کي رسي ئي رهندا
جادو
نگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا
عقل ۽ عزم
جا راڻا ويا اڳتي
ڌوڪي
پنـﻫـنجي
حالات جي مومل کي پسي ئي رهندا !
مال موهي
نه سگھيو ، ڪاڪ کان جھلجي نه سگھيا ،
ڇال
ڇورين جا لنگھي ، ڪاپڙي وڌنـدا ئي رهيا .
مونکي
شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي
پنـﻫـنجي مومل سان ملڻ جي آ وري
اڄ وائي . (شمشير، 2012 الف: 29)
شمشير هونءَ
ته گھڻو ڪجھ لکيو، پر هن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ جيڪي چند گيت لکيا، انـﻫـن ۾ انتـﻫـائي
مـﻫـارت رکيل اٿس. گيت جي صنف جي گھرجن تي به پورو لٿل آهي ۽ ان حوالي سان جيڪي به
گيت سرجيا تن جو شمار ’ڪمال جي تخليق‘ ۾ ٿئي ٿو. سندس اسلوب ئي سندس ٽيڪنڪ ڄاتي
وئي، جيڪا اهڙي سگھاري انداز ۾ ڪنـﻫـن ٻئي کي هٿ نه اچي سگھي آهي. سندس لکيل ڪي ئي
اهڙا گيت ترقي پسند خيالن سان ڀرپور ۽ ڳوڙهي مقصد ۽ اهميت کي اجاگر ڪن ٿا، اهڙن
گيتن بيشڪ عوام ۾ وڏي مڃتا ماڻي؛ جيئن سندس هڪ لوڪ گيت ’جبل مٿي جھڙ‘ آهي.
شمشير
عوامي سطح جو ماڻهو هو، ان اهڙا گيت به لکيا جن مان لوڪ رنگ جي خوشبو جھلڪندي نظر اچي ٿي ۽ انهن عوام ۾
ڀرپور مقبوليت ماڻي؛ جيئن سندس گيت ’جبل
مٿي جُھڙ‘ آهي:
جبل مٿي
جُھڙ
ڙي ڇورا
جبل مٿي جُھڙ
جھُڙ ته
مونکي جھوري ڙي سڄڻ !
وار
ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي ڍولڻ
مُند ڏسي تون مُڙ
دنيا جي روشن خيال فڪر، انسان کي فطري حق جي بنياد تي،
انسان تسليم ڪيو. اهڙي روشن خيال فڪر، جتي دنيا جي هر اديب کي متاثر ڪيو، اتي
شمشير به اهڙي عالمي روشن خيال فڪر جو اثر ورتو. اگر ڪٿي ڪنـﻫـن انسان ذات کي ڪائي
تڪليف آئي ٿي ته اتي روشن خيال اديب ان تي رڙ ڪري ، انسانيت کي بيدار ڪري پنـﻫـنجي
دفاع، حقن جي حاصلات لاءِ مڙي مُٺ ٿيڻ لاءِ اُتساهيو. طبقاتي نظام جي پيڙهيل
انسانن کي اُتساهڻ لاءِ هن به ڀرپور لکيوآهي؛ جيئن هي شعر اٿس ته :
آڌي مانجھي سنجھ سواري.
رڙهندڙ رهجئين پير
وڌاري. (غفور، 2002: 487)
شمشير جي
شاعري فڪري حوالي سان ڀرپور آهي. هن پنـﻫـنجي سڄي شاعريءَ ۾ انسان دوستي ۽ پيڙهيل
طبقي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انـﻫـن جي مسئلن کي نمايان انداز ۾ کنيو آهي. هن جي
شاعريءَ کي پڙهڻ کانپوءِ اهو واضح نموني نظر اچي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو بنياد
انسان دوستي، پيار محبت ۽ انسان ذات کي مان ڏيڻ ۽ انهن کي حقن جي حاصلات لاءِ
اتساهڻ تي ئي رکيل آهي.
شمشير پنـﻫـنجي
شاعريءَ وسيلي طبقاتي نظام جي شڪار بڻيل انسان کي پنـﻫـنجي روشن خيال فڪر سان
جاڳائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو؛ جيئن هن پنـﻫـنجي هڪ نظم ۾ مظلومن کي هڪ هنڌ گڏجڻ جو سڏ
ڏيندي هيئن چيو آهي ته :
اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون
پنـﻫـنجو پاڻ ملهايون
!
عمريون
گذريون روئيندي، رڙندي
گيت خوشيءَ جا ڳايون !
هر هنڌ
زر جو زور ٽٽي
پيو
انسان ڪشمش مان نڪري پيو
اچ همت
سان پاڻ
به ساٿي
پنـﻫـنجو
ڀاڳ ورايون !
ڌرم ڪرم
جا جھڳڙا رڳڙا
مايا راڄ
جا راکو رکڙا
پيار جو
مذهب سڀ کان سـﻫـڻو
پيار جي
جوت جڳايون !
(غفور،
2002: 487)
شمشير
جتي انسان کي ڏکن ڏولاون مان ڪڍڻ لاءِ، کين روشن خيال فڪر سان جاڳائڻ جي ڳالهه ڪئي
آهي، اتي اُن جي حُسن، جوانيءَ ۽ محبت جي به ڳالهه ڪئي آهي. گڏوگڏ انسان جي
زندگيءَ کي به متحرڪ رهڻ جي سمجھ ۽ سوچ ڏني آهي. هو هن سماج جي نبض تي هٿ رکي ان
کي وڙهڻ جو به شعور ڏئي ٿو. هو ڏک کي ڏائڻ سان تشبيـﻫـه ڏيندي ان جي ڏهڪاءَ جي
نشاندهي پنـﻫـنجي شعر جي هڪ بند ۾ هيئن ڪري ٿو ته:
فڪر ۽
نغما مات مري ويا ، ڪم ۽ چم وڪجن پيا ٻئي،
سک سمـﻫـڻ
شمشير اڃان ڪٿ، ڏک جي ڏائڻ جاڳي پئي !
شمشير جي
شاعري پڙهڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پـﻫـچجي ٿو ته اگر سندس رسالو سـﻫـيڙي ان جو نالو ‘جاڳو’
رکجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هن پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ هاري پورهيت، مزدور جي
ڳالهه ڪئي آهي. ان کي اتساهه ڏئي ان کي جديد، نئين دور جي گھرجن مطابق شعور ڏنو آهي.
جيئن سندس هي هڪ شعر آهي ته :
مزدور جي محنت نظر
انداز
نه آهي
جمـﻫـور جو آهنگ بي آواز نه
آهي
شب وَ
روز نئين دور جي تعمير ڪريون ٿا
ڄاڻي ٿو
زمانو به ، اهو
راز نه آهي
ڪنـﻫـن
طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿياسين
زنجير کان
وڌ پنـﻫـنجو دمساز
نه آهي
(غفور،
2002: 487- 488)
شمشير به
انـﻫـن شاعرن مان هڪ آهي جنـﻫـن رومانوي
روشن خيال، ترقي پسند فڪرکي پيار ڀرئي انداز سان پيش ڪيو آهي. عشق کي آزاديءَ جي
علامت طور کنيو آهي ۽ هن پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ نئون سماج اڏڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هو پنـﻫـنجي
ڌرتيءَ خاطرسوري چڙهڻ جي ڳالهه ڪندي، مـﻫـراڻ جي موجن سان گڏ سنڌ جي علم و فيض جي
ڳالهه ڪري ٿو؛ جيئن هڪ بند ۾ چيو اٿس ته :
جھول ۾ تنـﻫـنجي
سوين هزارين سالن جا سرمايا
ساريءَ
دنيا تنـﻫـنجي در تان ڪئي فيض پرايا
موج ڀريي
مـﻫـراڻ جون مستيون، تنـﻫـنجا اوج ڏسن
(غفور،
2002: 488)
سحر امداد چواڻي ته : ”شمشير الحيدريءَ جا آزاد نظم به جديد
سنڌي شاعريءَ جي اتـﻫـاس ۾ هڪ منفرد حيثيت رکن ٿا. شمشير الحيدريءَ جا آزاد نظم همسفرو،
مشورا، پيشڪش، جديد سنڌي شاعريءَ جي چند اهم آزاد نظمن مان آهن.“ (سحر، 2008: 392)
سندس هي نظم ‘همسفرو’ لطيف جي
لفظن جيان ’جاڳو جاڙيجا‘ جـﻫـڙو سجاڳيءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ ڀيانڪ حالات جي نشاندهي
ڪندي ان کان هوشيار رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
اي
همسفرو!
چپ چاپ
هلو
هوشيار
هلو
اي
همسفرو!
ماحول
ڀيانڪ ٿو ڏسجي
ڪٿ راهه
لاءِ خطرا آهٽ تي جاڳي نه پون!
اي
همسفرو!
خاموش! ذرا
هوشياريءَ سان!
اڄ رات
ڪٺن آئي آهي
هي
راهگذرمنزل جي سفر ۾ سڀني کان دشوار گذر آئي آهي!
اي
همسفرو!
بس جاڳ
رکي
هوشياريءَ
سان
هلندا ئي
هلو:
هڪ ٻئي
کي سنڀاليندي گذرو!
بس چند
قدم منزل آهي!
هلندائي
هلو
هلندائي
هلو
اي
همسفرو! (حيدري، 2012 الف: 66)
حوالاتي ڪتاب:
S
حيدري،
شمشير (2012 ب) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس. ڪراچي: ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.
S
حيدري،
شمشير [1962] 2012 الف. لاٽ، ڇاپو ٽيون. مرتب: سليم حيدري. ڪراچي: نئون نياپو اڪيڊمي.
S
زُهيرحسين حيدري (2012) اداريو: مولا تي ننگ، مرتب: خود- 7- 9. بدين: ڊاڪٽر نذير
حسين حيدري اڪيڊمي.
S
سحر،
امداد حسيني، ڊاڪٽر (2008) شعور شاعر شاعري. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
) ڇپيو
ٽماهي مـﻫـراڻ ، آگسٽ 2013ع )
S
فـﻫـميده حسين (2012) شمشير
الحيدري، هڪ نرالو شاعر: مولا تي ننگ، مرتب: زُهير حسين حيدري- 64- 71. بدين:
ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي.
S
مورائي،
رکيل (2012) اهڙو مفلس نه ڪنـﻫـن ڏٺو هوندو. مولا تي ننگ، مرتب زُهير حسين حيدري،
130- 133. بدين: ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي.
S ڪنڀر حفيظ (2012) شمشير ڪٿي آهي؟ مولا تي ننگ، مرتب: زُهير حسين
حيدري- 125- 129. بدين: ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي.
S
ميمڻ،
غفور، ڊاڪٽر (2002) سنڌي ادب جو فڪري پس منظر. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف
ڀٽائي چيئر.
No comments:
Post a Comment