مولائي
ملاح
سڄڻن جا
ساريو سانگ ……!!
سنڌ سونـﻫـاريءَ
پنـﻫـنجي زرخيز مٽيءَ مان اهڙن اَملـﻫـ ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي. جن اوکي سوکيءَ
۾ ڌرتيءَ ڌڻين کي ماءُ جي هنج جـﻫـڙو پيار ۽ پنـﻫـنجائپ جو احساس ڏنو آهي. اهڙن عظيم
انسانن مان مخدوم محمد زمان طالب المولى پڻ هڪ آهي. جنـﻫـن جو سڄي حياتي سنڌي ادب
۽ سنڌي ڪلچر سان گـﻫـرو چاهه رهيو. جنـﻫـن جي واڌ ويجھ لاءِ وس آهر پاڻ پتوڙيائون،
جنـﻫـن جي ڪردار جي تاريخ ساکي آهي.
مخدوم
سائين جن، مخدوم غلام محمد جي گھر هالا ۾ ڇنڇر ڏهاڙي 9 محرم الحرام 1338هه 4 آڪٽوبر 1919ع تي جنم وٺي هن دنيا تي زندگيءَ
جو پـﻫـريون ساهه کنيو، سندس پـﻫـريون نالو مخدوم محمد زمان ۽ ٻيون نالو محمد علي
۽ ڪوڏاڻي جو نالو پيرل سائين هو. اڪثر مريد کين ڀورو پير ڪري سڏيندا هيا. سندس جي
ذات سنڌي ڪلچر جي حوالي سان هڪ نمونو آهي. غلام رباني آگرو پنـﻫـنجي ڪتاب ‘جـﻫـڙا
گل گلاب جا’ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “مون کي جيڪڏهن ڪو ماڻهون چوي ته: سنڌي ڪلچر جو
مثالي نمونو ڏيکارڻ لاءِ تون سنڌ جي ڪنـﻫـن به هڪ ماڻهونءَ تي هٿ رک ته مان جيڪر
مخدوم صاحب جو نالو کڻان. اُٿيءَ ويٺيءَ ۾، کاڌي پيتي، پوشاڪ ۾ رسم ۽ رواج ۾ مزاج
۽ ذهن مون مخدوم صاحب کان وڌيڪ مون سچو سنڌي ٻيو ڪونه ڏٺو. پنـﻫـنجو هڪ شعر اٿس
ته:
روز ازل
کان آهيم لاتو، ڳڻن ڀريءَ ڳلي ڳلي،
طالب
المولي سنڌڙي پوڄيان، ڪير ٿئي جو جھلي جھلي.”
(رباني،
1991: 580- 81)
سنڌ جي
مٽيءَ هاڻن ماڻـﻫـن سان سڄي زندگي سندن صحبت ۽ محبت رهي. پاڻ سنڌي ماڻهن کي پنـﻫـنجي
شفقت جي هنج کان ڪڏهن به پري نه ڪيو. سندن دل ۾ هر دم ڌرتي ۽ طبقاتي سسٽم جي
پيڙهيل ماڻـﻫـن جو اونو رهيو. کين سنڌ جي عشق اڳيان اقتدار جي لالچ ڏاڍي ننڍڙي نظر
آئي؛ هن پنـﻫـنجي ڌرتيءَ کان پري رهڻ جو ڪنـﻫـن پل به نه سوچيو توڙي جو کين ڪائي
گورنريءَ جي آڇ به ڇونه ٿي هجي؛ پاڻ سنڌ جي خدمت ۾ ئي پنـﻫـنجي عظمت سمجھي اهڙي عـﻫـدي
کي ٺوڪر هڻي ڇڏيائون. ربانيءَ چواڻي ته: “سنڌ جو هڪ برک ماڻـﻫـو هڪ دفعي مخدوم
صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري آڇيائين.
مخدوم صاحب منـﻫـنجي روبرو ٺـﻫـ پـﻫـ جواب ڏنس ته:سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري.
مان پنـﻫـنجي صوبي جي ڪـﻫـڙي خدمت ڪري سگھندس.؟” (رباني، 1991 ص: 581)
مخدوم
سائين جن جو سنڌي شاعريءَ ۽ راڳ ويراڳ سان به گـﻫـرو چاهه رهيو. پاڻ شاعريءَ سان
گڏ راڳ جا به وڏا پارکو هيا. کين شاعراڻي سمجھ وڏڙن کان ورثي ۾ ملي هئي، مخدوم نوح
جي خاندان ۾ مخدوم محمد امين، پکن وارو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندن هڪ ڪافي سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏاڍي مشـﻫـور رهي. ته:
سڄڻن جا
ساريو سانگ، آئون ويٺي روز رڙان.
مخدوم
طالب المولي، پاڻ ڪافيءَ جو سگھارو شاعر هيو نج سنڌي طرز تي ڪافيون چيائين؛ هونءَ ته
پاڻ ڪلام، غزل ۽ نظم به چيائين، سندن شعرن ۾ ماکيءَ جـﻫـڙي مٺاس ۽ شبنم جي قطرن جـﻫـڙو
حُسن آهي جيڪو هر اهل دل کي موهي وجھي ٿو. سندس ڪلام انسان جي جذبات ۽ احساسات سان
ٽمٽار آهي. ڪافيءَ جي حوالي سان اسانجي اديبن جي راءِ ورهايل پئي رهي آهي. چون ٿا ته:
هن کي اُتر ۾ ڪافي ۽ لاڙ ۾ وائي چيو ويندو آهي. ڪجھ ماڻـﻫـو ان کي وائيءَ کان ڌار
سمجھن ٿا جنـﻫـن تي مخدوم صاحب جن پنـﻫـنجي ڪارائتي راءِ ڏيندي هيئن چون ٿا ته:
“وائي ۽ ڪافيءَ کي ٻه جدا جدا شيون نه سمجھڻ گھرجي ڇوته: حقيقت ۾ هڪڙي ئي شئي جا
ٻه نالا آهن. لفظ، جملا ۽ مضمون ساڳيا آهن. نه تصوف ۽ خيال ۾ فرق آهي ۽ نه ئي معني
۽ مطلب ۾.”( مـﻫـراڻ ، /4 2012 :140 )
هونءَ ته ڪافيءَ جي صنف جو موجد ۽ سرجڻ جو بادشاهه
ميون شاهه عنايت کي چيو ويندو آهي. پر طالب المولى ڪافيءَ جي گھاڙيٽي تي هڪ
ڪارائتو ڪتاب لکي ڪافيءَ جي اهميت کي اُجاڳر ڪيو آهي. ڪافين تي ججھو مواد سندس
ڪتاب: “ڇَپَر ۾ ڇَڙيون” ۾ به موجود آهي. جنـﻫـن کانپوءِ ججھي ۽ سگھاري انداز ۾
ڪافي سرجڻ لڳي. سندس ڪافين مان ڪجھ مثال هن ريت آهن ته:
ڏور نه ٻيا ڪي ڏس“نحن اقرب” پاڻ چيائين:
ڏس وجود
کان ويجھو پيڙو گھوريا ٻياسڀ گس
دور وڃڻ
آهي ڀولو بلڪل ڪر
وجود ۾ وس
هيڏن هو
ڏن جھوت نه پائج هت اٿئي هٿ کس
عشق تنـﻫـنجي
مونکي مست بنايو
هاڻ ڀلا
ڪنـﻫـن کي دانـﻫـن وڃي ڏيان
تنـﻫـن جي
دردن دانـﻫـون ڪرايون
محبت من
۾ مچ مچايو
پنــﻫــنجـو
مَـٽُ تــون پاڻ،
لائــق فائــق يــارُ لاثـانـي
تنـﻫـنجي
جتي ۾ ڪو پير نه پائي، هي ٿو ٻڌايان ڳائي وڄائي
سونـﻫـن سندا سرواڻ
چنڊ جـﻫـڙو
جي توکي سمجھن، ۽ وري ان تي واقعي وسـﻫـن
اهي آهن اڻ ڄاڻ
مخدوم
صاحب جن پنـﻫـنجي جوانيءَ ۾ هڪ ڪافي چئي هئي جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جھنگ ۾ باهه
جيان پکڙجي عام ٿي وئي. جنـﻫـن ۾ عشق، الفت، سڪ، سوز، پيار ۽ پريت جي گـﻫـرائي
آهي. جنـﻫـن عشق جي آتش ۾ مبتلا دلين کي ته ويتر گرمائي ڇڏيو پر عشق کان آري برف جـﻫـڙين
دلين ۾ به عشق جي باهه، آڳ لڳائي انـﻫـن کي پگھرائي مست بڻائي ڇڏيو. جنـﻫـن جا هي
ٻول ماڪ ڀنل صبح کان شروع ٿي شام لڙيءَ تائين به جڏهن عوام جي لبن تان ٻُرڻ لڳندا
هيا ته عشق جي اڱڻ تي چئو ڏس هڪ سڪون واري سانت ڇائجي ويندي هئي ته:
سـﻫـڻل
جا سينگار، وهوا دل کي وڻن ٿا،
دل کي
وڻن ٿا، ڏاڍا ٺـﻫـن ٿا، ڏاڍا ٺـﻫـن ٿا،
من کي
موهن ٿا،
ڪارا
ڪارا، ڪنڍڙا سـﻫـڻا سـﻫـڻا، سنـﻫـڙا سنـﻫـڙا.
وانگوڙي
۾ وار
تيل
ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيس هو ڪارا
گـﻫـرا
گھنڊيدار،
سڪندي
سال ٿيا ٿينديس نيٺ چري
ٿينديس
نيٺ چري وينديس مفت مري
دلــڙي ڦــري وري ويـٺيــن
وســاري
تــارا ٿڪــي پيــا تـوڏي نـــﻫـاري
ڳڻتن منـجھ
ڳري وينديس مفت مري
قــرب جــا ڪــوڙيـن
ڪانــگ اڏايم
آب اکن مان ويـﻫـي وهايم
دلڙي درد ڀري
وينديس مفت مري
عمر! بند
رکبيون نه ڪنـﻫـن جون نياڻيون
مڙئي منـﻫـنجون
شاهد اٿئي گھر ڌڃاڻيون
وجھان
ڀن، ڏيان
ٻن، اهي محل
ماڙيون
اسان
لاءِ سڀ ڪي ولـﻫـارن جون
واڙيون
ڪٿي باغ
بنگلا، ڪٿي لنب
لاڻيون!
تـودلـڙي
يـار! ڌتـاري، پـو يـر! ڪــانه ڪيـئي پــوئـواري،
تنـﻫـنجا
ڪيس پيارل! ڪارا، آهن پيچ انـﻫـن جا
پيارا،
ڪـن ونـگ
وجھـڻ لئي وارا، پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا،
ڪــن
قيــد سيــاڻا ســارا، مـــﻫـميــرن تــي سـي
مـارا.
ٿين وير
به ات ويچارا،
ٿا شاهه ڀرن
ڇوڪارا،
منـﻫـنجي
نرڪل! آهه نيزاري.
تنـﻫـنجي
پاڪ پرين! پيشاني، آهي نرمل! نور نشاني،
سج چنڊ
لڳي حيراني! ناهي تنـﻫـنجي ثريا
ثاني،
ٿيا تنـﻫـنجا
مٽ نه ثاني، ڪر اچڻ
سندي احساني،
وٺ محب
مٺا! مـﻫـماني، اچ اڱڻ
مٿي دل جاني!
تنـﻫـنجي
محبت دلڙي ماري.
(ڇپر ۾
ڇڙيون،ص: 364 - 339 )
مخدوم
صاحب جي ڪافي هجي ۽ اربيلي فنڪاره رونا ليلى ۽ راڳ جي راڻيءَ عابده پروين جو آواز
هجي ته ڪافيءَ جي ان قـﻫـر ۽ سحر کان باشعور ماڻـﻫـو ڀلا ڪيئن ٿو بچي سگھي.! سندس
ڪافين ۾ اڄ به اهوئي سحر ۽ اثر آهي جيڪو ڪالـﻫـ هيو. ته:
عجـب عشــق
آهــي اسانــجو السـتي،
ڪڏهن بت
پرستي ڪڏهن خود
پرســتي.
جـﻫـان
کان جدا ٿي جـﻫـان ۾
رهون ٿا،
سڀن ساڻ
گڏ هوندي سڀ ڪجھ سـﻫـون ٿا،
وسائيسون وهواهه
وري واري وستي .
تنـﻫـنجو
حُسن اچي نه حسابن ۾،
تون پاڻ
ئي پنـﻫـنجي جوابن ۾ .
عمر!
عاجزن سان نه ڪر مال مستيون
هلي ڪين
سگھنديون، اهي هوڏ هستيون.
مخدوم
سائين جن رڳو ڪافي، ڪلام، گيت ۽ غزل ئي نه لکيا آهن پر پاڻ ﷴ مصطفى ﷺ ۽ آلِ محمد(صلعم)
جن جو شان بيان ڪرڻ لاءِ، سندن شان ۾ مدح، مناجات ۽ مرثيا پڻ چيا آهن. جن ۾ خيالن
جي ڪيڏي نه وسعت، گـﻫـرائي رکيل آهي. جنـﻫـن کي پڙهڻ سان هر انسان جي دل ۽ دماغ جا
سڀئي طبق روشن ٿي وڃن ٿا، ۽ روح جي سچائيءَ سان اندر مان پوءِ واهه واهه جـﻫـڙا
لفظ زبان تي تري اچن ٿا. جئين سندن هي مدح
چيل آهي ته:
ذرڙو،
ذرڙو، ذرڙو ئــي ڪــامل ڪـوه طــور
جو ڏسي
نه ٿو ڏيـﻫـ ۾ تنـﻫـن قلب جو قصور
دريـون دنيـا واريــون
اٿــي پٽــي پـور
طالب
المولي ڄاڻ تون هر جائي اٿئي حضور
هو دل
کان ناهي دور هر دم آهي هنج ۾ .
جيڪر جتي
هجان پنـﻫـنجي محب مجيب جي
ته پيرن ۾ پريــن جـي
پيـئي روز
پـوان
وک وک تــي واهه چمــيو
قــدم
چــمان
ٿـانيــڪي
ٿيـــان طالـب المولــي تنـــﻫـن ســان.
سرڪار
امام حسين عليه السلام جن جي شان ۾ شايع ٿيل، مرثين، منقبتن، نوحن، ۽ سلامن جو
بياض ‘شانِ حسين’ به سندس شايع ٿيل ڪتابن مان هڪ، نمايان حيثيت رکندڙ ڪتاب آهي. جنـﻫـن
۾ مولا حسين عليه السلام جن سان سندس گـﻫـري عقيدت ۽ احترام جو اظـﻫـار ٿيل آهي. هن
ڪتاب ۾ پاڻ ڪربلا جي خاڪ جي عظمت، اهميت ۽ ان جي درد ڀري ڪـﻫـاڻيءَ کي پنـﻫـنجن
لفظ ۾ اهڙي ته انداز سان بيان ڪيو اٿائين؛ جو اهل دل ماڻـﻫـونءَ ۽ مظلوم جي
ماتمدارن کان به، بي ساخته دانـﻫـن نڪري وڃي ٿي ۽ سندن ڳل نيڻن مان ٽمندڙ غم
حسين(ع) جي لڙڪن سان آلا ٿي پون ٿا. نصير مرزا چواڻي ته:“ڪربلا جي پاڪ مٽيءَ کي
مخدوم طالب المولى صاحب ته: هن طرح سان شرف لائق ڄاڻايو آهي ته:
جتي جي
خاڪ ٿي خاڪِ شفا، اي طالب المولي،
اُها
دنيا مان هڪڙي، سر زمينِ ڪربلا نڪتي.”
( نصير،2011
ص: 133 – 134)
مخدوم
صاحب جي لکيل مرثين ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ زمينِ ڪربلا جي بيان ڪيل هڪ
سلام ۾، ڌڻيءَ در بخشش لاءِ ٻاڏائيندي پاڻ هيئن چيو اٿس ته:
اميد آهي
ته روزِ حشر هوندو طالب المولي،
محمد
مصطفي ۽ حيدرِ ڪرار جي
وچ ۾.
حضرت امام
حسين عليه السلام جن جو ساٿ سميت 2 محرم الحرام (سنه 61 هه) تي زمينِ ڪربلا تي قدم
رکڻ کانپوءِ؛ زمينِ ڪربلا جو نصيب جاڳي پوڻ واري تاريخي منظر کان وٺي هانوَ
ڏاريندڙ شامِ غريبان جي منظر کان ويندي سادات جي قيدي قافلي تائين جي هر ڏکوئيندڙ
واقعي کي؛ ڏکاريءَ دل ۽ لڙڪ ڀنل نيڻن سان پنـﻫـنجن سـﻫـڻن لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو
اٿس ته:
شانِ
حسين عه ڪيـڏو نه
بـرتـر، بـلنـد آ،
پـﻫـتو
ته ڪربلا کي معلي ڪري ڇڏيئين.
اي زمين توتي
ٿيا ها سرون
جا سر قلم،
هرڪو هڪ
ٻئي جي پٺيان ٿيو راهي ملڪ عدم،
ڪنـﻫـن
نه دشمن سان لڙائي ۾ کنيو پٺتي قدم،
ري کيڻ ۽ پين هي
هڪ هيو شاهه
امم،
ڇو نه ان
دم اي زمين تو ۾ پيو هڪدم شگاف،
هي خطا
هر گز نه توکي رب ڪندو بلڪل معاف.
خيمه اطـﻫـر
لٽيا ڪيئن ۽ جليا ڪـﻫـڙي طرح،
آلِ
پيغمبرﷺ تي ٿيا جورو جفا ڪـﻫـڙي طرح.
ڪلمه گو
مرسﷺ سندا ٿيا بي حيا ڪـﻫـڙي طرح،
شام قيدي
ٿي هليو آل عبا
ڪـﻫـڙي طرح.
من گھڙيءَ تو ۾ نه
آيو زلزلو ڇو اي
زمين،
ٿي لڏيو جنـﻫـن وقت شاهه
دوسر گردون نشين.
هڪ شام
غريبان ۽ ٻيو اوندهه جو ميدان،
خيمن ۾
تلاطم ۽
اداسيءَ جو ئي سامان،
سڀ عالم
عقبى ڏي ويا خيمن جا نگـﻫـبان،
هت حسرت
و فرقت هو ۽ خاموش بيا بان،
عبرت هئي
عبرت اڄ خود ظلم خجل هو،
هي لاش
نه هو خاڪ تي اسلام جي دل هو.
( مـﻫـراڻ،
1- 2012: 72)
طالب
المولى جن جـﻫـڙي انداز ۾ پنجتن پاڪ سان پنـﻫـنجي عقيدت جو اظـﻫـار ڪيو آهي، اهڙي
ئي خوبصورت انداز ۾ سندن والد محترم مخدوم غلام محمد جن به، اميرالمومنين حضرت علي
عليه السلام جن جي شان مبارڪ ۾ هڪ؛ سـه حرفي ڪمال جي انداز ۾ چئي آهي. جنـﻫـن لاءِ
ڪتاب: “ڇَپَر ۾ ڇَڙيون” جي مقدمي ۾ “بيخود” حسيني هيئن لکي ٿو ته: “حضرت غلام محمد
رحه فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، ديوان حافظ هميشه ساڻ هوندو هوس، پاڻ گاهي گاهي
سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شعر به چوندو هو، حضرت علي عه جي شان ۾ سندس چيل هڪ سه حرفي
نموني طور پيش ڪجي ٿي ته:
الف اعلى
آهه
افضل اڪـمل و
اڪــبر عــلي
آن امام است
اتقيا را اول و آخر علي
ب بـﻫـادر
بت شڪن بدراالدجى بوذر جو
پير
با عمل بي مثال بـﻫـتر
بعد پيغمبر علي
ت
تــواضع جي طلب ڪئي تاجدار انما
تابع
امر الاهي
تارڪ تڪبر
علي
ث ثنا مولا جي ثابت ساري قرآن
۾ ڏسو
ثاني سليمان جو چوان يا ثاني اسڪندر
علي
ج جنگجو پـﻫـلوان
جائي جناب مرتظى
جنگ جو جھونجھار بر جملا جـﻫـان جابر علي
ح حيا ۽
حلم جو صاحب
برادر مصطفى
حامي هيڻن جو
حبيب داد گر حيدر
علي.”
(زمان،
2011ع، ص: 38- 35 )
جيئن هر
شاعر جي شاعريءَ ۾ ڪي خصوصيتون موجود هونديون آهن؛ ائين ئي طالب المولى جي شاعريءَ
۾ به تخيل جو رنگ نرالو ۽ ٻين شاعرن کان منفرد نظر اچي ٿو. جئين عشق لاءِ چيو
اٿائين ته هي ڪائي خيرات ۾ ملندڙ شئي ناهي جو محتاجن کي ملي يا ان کي حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪو بيت المال کولايو وڃي. عشق ته هڪ
عالمگير جذبو آهي جنـﻫـن کي خريدي نه ٿو سگھجي؛ سندس چواڻي ته:
عشق نه
بيت المال، جو ملي محتاجن کي
عشق آهي
ان سندو، جنـﻫـن ڪيو قرب ڪمال
طالب
مولا طلب ۾، جو رکي خاص
خيال
جانب جو جمال،
اهو، ماڻيندو عشق سين
بــرهه نه آهــي بيـت
المــال، هـت مـحتـاج
جـو ڇاهي!
کيڏي اهو
ئي برهه جي بازي، غير ڇڏي جو ٿيندو غازي
ٻي کي
ملندو محب محال،
عشق اڙانگو آهي آهي
ڪنٺا،
ڪولاپا، مڻيا، مصلا، ورهه بنا ويران سي وصلا
ٿيندو ڪين
ڪي حاصل حال، ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي
ٺاهي
سائين جن
اميراڻا ٻار هئڻ جي باوجود به هر ڪنـﻫـن سان پيار ۽ پاٻوهه سان پيش ايندا هيا. هو
انسان دوست اديب هيا؛ مارو ماڻـﻫـن جا مسئلا چاهه ۽ چت سان ٻڌاندا ۽ انـﻫـن کي حل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. پاڻ اميري ۽ غريبيءَ واري فرق کان آجا هيا. سادگي پسند ۽
کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي حوالي سان احتياط کان ڪم وٺندا هيا. هڪ ڀيري جڏهن سندن طبيعت
ناساز ٿي پئي ته پاڻ کاڌي ۾ ايتري ته پرهيز ڪيائون جو پنـﻫـنجي ڊاڪٽر کي ئي حيران
ڪري ڇڏيائون. هڪ دفعي سندن علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ڪرنل نجيب ماڻـﻫـن کي ٻڌايو ته: “مون
مخدوم صاحب جـﻫـڙو باضابطا (Disciplined) شخص زندگيءَ ۾ ڪو ورلي ڏٺو هوندو.
پاڻ ايڏي ته پرهيز ڪيائون جو، جوئر جا داڻا تارازيءَ ۾ تورائي، انـﻫـن جو اٽو
ڳوهرائي، ماني پچرائي کائيندو هو. نه گرهه گھٽ، نه وڌ. اها ڳالـﻫـ مخدوم صاحب جي
صبر ۽ برداشت جي قوت جي نشاندهي ڪري ٿي.”
(رباني،
1991 - 581)
سنڌ جي وڏ
گھراڻن جي ماڻـﻫـن جيان جوانيءَ کان وٺي پيريءَ تائين، تتر، ڪڪڙ ۽ ڪتو، سوئر پالڻ
۽ انـﻫـن کي ويڙهائڻ جـﻫـڙي وڏيرڪي شوق کان پري رهيو. سندس جوانيءَ ۾ به راڳ ويراڳ
۽ ڪتابن سان عشق رهيو. سندن سياسي زندگي به بنا ڪنـﻫـن لوڀ جي رهي. 1953ع ۾ بنا
مقابلي ميمبر سنڌ اسيمبلي منتخب ٿيا. ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونديا ويا،
سندن ميزبانيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پـﻫـريون ڪنوينشن 1- جون 1970ع تي هالا
۾ ٿيو، ان ئي ڏهاڙي ون يونٽ جي خاتمي جو به اعلان ٿيو. شـﻫـيد ڀٽي هالا ڪانفرنس ۾
ان ڏهاڙي ون يونٽ جي خاتمي جي قوم کي مبارڪ ڏني؛ انـﻫـيءَ ڪانفرنس ۾ طالب المولى
جن کي پ پ پ جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ
ايم. آر. ڊي. تحريڪ ۾ پڻ سرگرم
رهيا. پر پاڻ پنـﻫـنجي ذات لاءِ ڪڏهن به ڪنـﻫـن کان ڪجھ نه گھريو سواءِ عزت جي. ذوالفقار
علي ڀٽو جيان سندن سياسي ڪردار به ڪرپشن جي ڪارنـﻫـن کان پاڪ، شفاف ۽ کير جـﻫـڙو
اُجرو آهي. ڀٽو صاحب جڏهن ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊ منسٽريٽر ٿيو هو، ته تڏهن
به کانئس پڇيائون ته: “مخدوم صاحب توهانکي ڇا گھرجي؟ مخدوم صاحب جواب ۾ چيس ته:
ڪجھ نه، الله سائينءَ اسانجي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.”
(رباني،
1991 - 582 )
پاڻ ادبي
بورڊ جو صدر مقرر ٿيو ته ان جي خزاني کي کاٽ هڻڻ بجاءِ اداري جي مختلف نمونن سان مالي
مدد پڻ ڪيائين. بورڊ جي ميٽنگن ۾ اچڻ مـﻫـل ڪڏهن به ان مان ٽي _ اي بل نه کنيائين،
مخدوم نوح وارو قرآن ڪريم جو نسخو بنا ڪنـﻫـن اجوري جي بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنائين جنـﻫـن
جو بورڊ کان ڪوبه معاوضو وغيره نه ورتائين. بورڊ کي پيڪيجز لميٽيڊ لاهور کان ان ڪم
لاءِ ڪجھ مالي مدد وٺي ڏنائين.
مخدوم جي
مزاجن ۾ شاعريءَ جو اثر ان ڪري به سمايل هو، جو سندن پيدائش ئي ان گھراڻي ۾ ٿي جنـﻫـن
جو علمي ۽ ادبي کيتر ۾ هڪ مثالي ڪردار پئي رهيو آهي. سندن بذرگ حضرت مخدوم نوح
رحمت الله عليه کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو بذرگ فتح محمد نالي ٿي گذريو جنـﻫـن رسالو
‘فتحي’ لکيو. اهو شاعر ته ڪونه هو، پر بلند پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙي طرح
غلام رسول صديقي به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد زمان جن جو پڙ ڏاڏو ۽ سندن
ننڍو ڀاءُ به شاعر هيا. وري مخدوم صاحب جو والد شاعر ڪونه هيو، پر سندن چاچو شاعر
هيو. مخدوم غلام حيدر اديب ۽ مصنف هو. سندس ڪتاب “سفينه النوح” مشـﻫـور آهي. مخدوم
طالب المولى جن جو سلسله نسب حضرت ابوبڪر رضه جن سان ملي ٿو. پاڻ مخدوم نوح رحه (م
27 ذوالقعد 998 هه) جا سورهون نمبر سجاده نشين هيا. تاريخن ۾ سندن سلسله نسب ۾
اختلاف آهي؛ جنـﻫـن جي تصحيح لاءِ سندن ئي ڪتاب:“ڇپر ۾ ڇڙيون” جي مقدمي ۾ بيخود
حسيني هيئن لکي ٿوته:“سنڌ جي سڀني متقدمين مورخن يا معاصر عالمن ۽ خود حضرت مخدوم
صاحب جن جي خانداني روايت موجب سندن نسب شيخ الشيوخ شـﻫـاب الدين ابوحفص عمربن
عبدالله سـﻫـروردي(م 632هه) يا شيخ ابوالنجيب عبدالقاهر بن عبدالله سـﻫـروردي جي
خاندان سان ملي ٿو. انـﻫـن بذرگن جو سلسله نسب حضرت محمد بن ابي بڪر سان ملي ٿو.
پر غوث الحق رحه جي نسب کي حضرت عبدالرحمان بن ابي بڪر سان ملايو ويو آهي جيڪو غلط
آهي. سندن نسب محمد ابن ابي بڪر سان ملي ٿو نه عبدالرحمان سان.”(زمان: 2011 ص- 25
)
مخدوم
صاحب راڳ رنگ جي محفلن ۾ صوفيانه ڪلام وڏي شوق ۽ غور فڪر سان ٻڌندو هو جنـﻫـن
کانپوءِ سندن چاهه ادب، شاعريءَ ڏانـﻫـن وڌڻ لڳو. اهڙي پروڙ جڏهن هالا جي شاعرن
انور هالائي ۽ ڊاڪٽر سليم هالائي وغيره جن کي پئي ته انـﻫـن ساڻس ملاقاتن جو سلسلو
شروع ڪيون ۽ پوءِ اهڙيءَ ريت وٽس ادبي ڪچـﻫـرين جو سلسلو وڌڻ لڳو. ائين پوءِ پاڻ
شاعريءَ جي سفر جا راهي بڻيا. انـﻫـن ڏهاڙن ۾ پاڻ ڪيترائي تخلص اختيار ڪيائين:‘بيوس’
‘فراق’ ۽ ‘زمان شاهه’. سندس تخلصن مان ‘طالب المولى’ تخلص ئي عوام ۾ تمام گھڻي
مقبوليت ماڻي، جيڪو اڄ تائين سندن نالي جي جاءِ تي به پڪار جندو اچي پيو. ورلي ماڻـﻫـن
کي سندس اصل نالي ‘محمد زمان’ جي خبر هوندي.! سندس چواڻي ته: “هڪ ڏهاڙي جمع جي
نماز پڙهي رهيو هوس. اسانجي درگاهه جو خطيب حاجي قابل انصاري جمعي يا عيد جو خطبو
پڙهندو هو ۽ ان ۾“ طالب المولى مذڪر” جا لفظ چوندو هو. سندس خطبو ٻڌي منـﻫـنجي ذهن
۾ اها ڳالـﻫـ آئي ته “طالب المولى” تخلص اختيار ڪريان. تنـﻫـن کانپوءِ اُهو تخلص
اختيار ڪيم.” ( رباني، 1991 - 587 )
1961ع ۾ جنرل ايوب جي زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي (وزير)
جي مشوري تي کيس بورڊ جو چيئرمين ڪيو ويو. سنڌي ڪافيءَ سان کين گھڻي رغبت رهي سندس
چواڻي ته: “منـﻫـجي ذاتي راءِ اها آهي ته جو ڪلام سنڌي سر ۽ سنگيت جي تار تي ڳائي
نه سگھبو، سو مقبول ٿي نه سگھندو. مثلاّ هائيڪو ۽ آزاد نظم کي عوام ۾ مقبوليت حاصل
نه ٿيندي، آزمائي ڏسو!.( رباني، 1991 - 589 )
سنڌ جي مسئلن تي سندن موقف سدائين چٽو رهيو.
جئين پاڻ غلام رباني آگرو پاران سنڌ ۽ سنڌي ماڻـﻫـن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾
چيائون ته: “ذهني الجھن ته ضرور پيدا ٿئي ٿي جڏهن پنـﻫـنجن ڀائرن کي خراب حالت ۾
ڏسون ٿا. ته دل ڏاڍي ڏکوئجي ٿي. غريبن وٽ نه زمين آهي، نه وري آمدنيءَ جو ڪو ٻيو
وسيلو آهي کين بي پناهه مُشڪلاتون درپيش آهن پر، سچ پڇو ته مون جڏهن به سنڌ جي
سماجي ۽ تاريخي پسمنظر تي غور ڪيو آهي، ته ائين محسوس ڪيو اٿم ته جاگيردارانه طبقي
کان به وڌيڪ غير مُلڪي ماڻـﻫـن سنڌ کي ڪچليو آهي. پوءِ اهي پشاور کان آيا، يا
لاهور کان، يا قنڌار ۽ ملتان کان. انـﻫـن ۾ ارغون ۽ ترخان به شامل هئا.، ته نادر
شاهه به. سنڌ ۽ اهل سنڌ تي وڏا ظلم ڪيائون. انگريزن جي دور حڪومت ۾ به سنڌ سان
امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو. انگريزن حڪومت سنڀاليندي ئي، هندن کي نوازڻ شروع ڪيو. سندن
سرپرستي ڪئي وئي. ايتري قدر جو هندو سڀني شين تي قابض ٿي ويا ۽ سارو ڪاروبار ۽
نظام سندن هٿن ۾ هليو ويو. مونکي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ، مسلمانن جي ٻارن کي
سٺن اسڪولن ۾ داخلا به ڪانه ملندي هئي .
پاڪستان
جي ٺـﻫـڻ کانپوءِ جيڪي مسلمان سنڌ ڏي هجرت ڪري آيا، تن کي اسان ته سنڌي سمجھون ٿا
۽ چاهيون ٿا ته سنڌي ڳالـﻫـائن، ٻولائن ۽ سنڌي ثقافت ۾ فخر وٺن. پر حقيقت ائين ڪونـﻫـي.
ڳالـﻫـ
پري وڃي نڪرندي. رڳو ڪراچي ايئرپورٽ جي آمدني سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي، ته ڪجھ نه ڪجھ
مسئلا حل ٿي وڃن. هي ڌاڙا ڦرون بک ۽ افلاس جي ڪري ئي ته آهن. بـﻫـرحال جيستائين
سنڌ مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جو سوال آهي ته منـﻫـنجي خيال موجب انجو صحيح طريقو
اهو آهي ته پاڪستان جي اندر سنڌ جا رهاڪو پنـﻫـنجن حقن لاءِ جدوجـﻫـد ڪن. انشاءَ
الله فتح حق جي ئي ٿيندي.”
( رباني،
1991 - 590 _ 589 )
ان ڪچـﻫـريءَ
دوران عشق جي مامري تي به سندن راءِ کليل، چٽي رهي. پاڻ پنـﻫـنجي بابت به سچ چوڻ
کان ڪونه ڪيٻايائون، جيڪا هڪ ڏکي ڳالـﻫـ آهي. سندن چواڻي ته: “اهو ڪـﻫـڙو انسان
آهي، جنـﻫـن عشق نه ڪيو آهي؟. مون پنـﻫـنجو پـﻫـريون ۽ آخري بي وصال عشق ڪيو.ان
باري ۾ فقط هڪ شعر عرض آهي. ته:
لوگ پٿر
ڪو خدا مان ڪي معصوم رهي ،
هم ني
انسان ڪو چاها تو گنـﻫـار ر هوئي ”.
مخدوم
سائين جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڪافي خدمت ڪئي. هنن پنـﻫـنجي زندگيءَ ۾ سنڌي ادب کي
ناياب ڪتاب ڏنا. جن ۾ “بـﻫـارِ طالب” کان وٺي“ آبِ حيات” تائين ۽ “ڪافي” کان وٺي
“لغات سنڌي مخففات”، “شانِ حسين” ۽ “ڇَپَر ۾ ڇَڙيون” تائين سڀئي ڇپيل ڪتاب پنهنجو
مٽ پاڻ آهن. سنڌ سونـﻫـاريءَ جي شعراءِ ڪرام تي مشتمل سندن ڪتاب “يادِ رفتگان”
ساهه ۾ سانڍڻ جـﻫـڙو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مرحوم شاعرن ۽ ڪيترن ئي گوشه نشين
شاعرن جي تصويرن، چونڊ ڪلام، ۽ مختصر احوال تمام خوبصورت انداز ۾ سـﻫـيڙيل آهن. هي
ڪتاب سائين جي. ايم. سيد جي مشـﻫـور ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” پير علي محمد
راشديءَ جي ڪتاب “اُهي ڏينـﻫـن، اُهي شينـﻫـن” ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب
“هو ڏوٿي، هو ڏينـﻫـن” وانگر سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي حيثيت جو حامل آهي. جيڪو هڪ تاريخي
،علمي ۽ ادبي ڪم آهي. جنـﻫـن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ سنـﻫـري باب سـﻫـيڙيل آهي،
جنـﻫـن جي فـﻫـرست ۾ اول ۽ آخر جي فرق کي ختم ڪري شاعرن جي فـﻫـرست ۾ ڪتاب تدريجي
دور ڏيکاريل آهي. جنـﻫـن ۾ شاعرن کي همعصر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن تاريخي
ڪم کي سـﻫـيڙڻ ۾ کين پورا ٻه سال لڳي ويا. هن ڪتاب ۾ 217هن شاعر شامل ڪيل آهن، جن
جي زندگيءَ جا مختصر احوال انگن اکرن ۾ ڏاڍي تفصيل سان سـﻫـيڙيل آهن. هن ڪتاب جي
مواد ڪٺي ڪرڻ لاءِ پاڻ پنـﻫـنجي خاص ملازم فتح محمد شـﻫـوڪ ڳوٺ جمع شـﻫـوڪ واري کي
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موڪليو هئائون. سندن ڪتاب “لغات سنڌي مخففات” جنـﻫـن جي سنڌي
زبان ۾ وڏي ضرورت هئي جنـﻫـن جو پوراءُ ڪرڻ جي پاڻ هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا ڪافي
حد تائين لاڀائتي ثابت ٿي آهي. جنـﻫـن مان هاڻو ڪو ۽ ايندڙ سنڌي نسل فائدو حاصل
ڪندي پنـﻫـنجي مادري زبان کي سٺي طرح سمجھي سگھي ٿو. جيڪو هڪ تاريخي ۽ علمي ڪم
آهي. سندن سنڌي ادب کي ڏنل علمي، ادبي ڪتاب تاريخ جو وڏو سرمايو آهن. “لغات سنڌي
مخففات” سندن هڪ نرالو علمي ڪم آهي هن لغات جي انفرادي ڪارنامي کي نمايان رکڻ لاءِ
منفرد انداز ۾ ترتيب ڏنو اٿس. هن ڪتاب ۾ شامل مواد کي الف _ بي واري ترتيب، ٻاراڻي
ڪتاب 1940ع واري ڇاپي .‘ديوان طالب المولى’ جي صفحه 9 تي رکيل عڪس جيان آهي. سڀني
لفظن کي چئن بابن ۾ ورهايو اٿس، جنـﻫـن جي پـﻫـرين باب ۾ اسم، ضمير، صفت، ظرف، فعل
وغيره لفظن جا مخفف ڏنا ويا آهن. ٻيو باب خاص ڪري اسم عام مونث (جمع) لفظن جو آهي
۽ هن جي ٽئين باب ۾ اسم مصدر مان نڪتل لفظن جا مخفف ڏنل آهن. هن ڪتاب تي روشني
وجھندڙ، اديب فاضل، احمد خان آصف مصراڻيءَ چواڻي ته: “ هن جي پـﻫـرين باب ۾ (ڪي ٿورا لفظ
مذڪر به آهن) انـﻫـن مان “ي” ڪڍڻ سان مخفف ملي ٿو.مثلاّ .
لفظ مخفف
اَکُين اَکِنِ
دَکين
دَکن
مَکين مَکن
سَکين سَکن وغيره
ٽئين باب
۾ اسم مصدر مان نڪتل لفظن جا مخفف موجود آهن. هنن جو انداز به بي انداز ٿي سگھي
ٿو. تنـﻫـنڪري هر هڪ مصدرمان ٿورا ٿورا الفاظ آندا ويا آهن. چوٿين باب ۾ ڪن ٻٽن
لفظن جـﻫـڙوڪ:
ٻٽو مخفف
سنڌ جو سنڌي
هند
جو هندي
عربستان
جو عربي
يا
لوهه
وارو _ لـﻫـر
سون
وارو _ سونارو
وغيره جا
مخفف درج ٿيل اهن. ڪن اهم آواز لفظن جـﻫـڙوڪ:
موهين _
موهِن
کوهين _
کوهِن
ڳوهين _
ڳوهِن
جا مخفف
به لکيا ويا آهن، ڪٿي لفظن جي ترتيب به هيٺ مٿي ٿي آهي. هيءَ لغات سنڌي لغوي ڪتابن
۾ منفرد سمجھي ويندي.” ( زمان، 1991- ص: ڀ
- ت)
مخدوم
صاحب جي هن ڪتاب ۾ لغات جي شيدائين لاءِ تمام گھڻو مواد موجود آهي. هن لغات ۾ 2100
سئوکن الفاظ ڏنا ويا آهن. هن لغات لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جو فدائي ڊاڪٽر غلام علي
الانا، هن ڪتاب جي ‘مقدمو’ ۾ پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن لکي ٿو ته: “هن لغات جي مدد سان
سنڌي ٻوليءَ جي لساني مطالعي جي سلسلي ۾ هڪ نئين موضوع طرف ڌيان ڇڪايو آهي ۽ سنڌي
لغات جي کيتر ۾ هڪ نئين قسم جو اضافو ڪيو آهي.
هيءَ،
لغات، شاعريءَ ۾ لفظن جي مناسب استعمال کانسواءِ، روز مره واري ٻوليءَ جي اُچارن ۽
لفظن. فقرن ۽ جملن ۾ انـﻫـن جي ڪم اچڻ کانپوءِ انـﻫـن جي مخفُف صورت يا شڪل وٺڻ
واري عمل جي اڀياس ۾ مدد ڪري ٿي. هيءَ لغات گھڻ _ ڪارج واري لغات آهي. هن ۾ اڪيچار
خصوصيتون آهن جن جو اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي. هن لغات جي مدد سان لفظن جا ڌاتو،
اُچار، اشتقاق، ٻوليءَ ۾ لفظن جي معني، سمجھاڻي ۽ وياڪرڻي ڪارج معلوم ڪري سگھجن
ٿا. هن لغات جي مطالعي سان لساني. وياڪرڻي، تـﻫـذيبي، تمدني ۽ ثقافتي ڳالـﻫـيون،
نڪتا ۽ حقيقتون سامـﻫـون اچن ٿيون. جن جي ڇنڊ ڇاڻ کي بنياد بنائي ڪئين ڪتاب لکي
سگھجن ٿا.” (زمان، 1991 _ص: _ ن _ و )
سنڌ جي هن سداحيات شاعر جي دل تي جڏهن دردن جو،
ڪنـﻫـن سڄڻ جي جدائيءَ جو بار پوندو هو ته پاڻ غمگين ٿي ويندا هيا. اهڙي سمي سندن
ذهن تي فارسيءَ جو هي شعر تري ايندو هيو؛ جنـﻫـن لاءِ پاڻ چيائون ته: خبر ناهي ته
هي شعر ڪنـﻫـن جو آهي، پر ڪيڏو نه با معنى آهي.
عـدم جـي راهه،
ڪيـڏي نه همـوار آهـي،
جـنـــﻫـــن
هيــڪــر مٿــس پيــر رکيــو،
تنـﻫـن
وري ڪنڌ ورائي پوئتي ڪو نه ڏٺـو.
مخدوم
سائين ! ها! اڄ اسين به چئون ٿا ته واقع اهو شعر ڪيڏو نه بامعنى آهي …!!
مددي
ڪتاب
آگرو
غلام رباني ( 1991ع) جـﻫـڙا گل گلاب جا، حصو
ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،سنڌ.
محمد
زمان مخدوم (1991ع) لُغات سنڌي مُخففات، ڇاپو پـﻫـريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ.
محمد زمان مخدوم (1994ع ) دُري ناياب عرف يادِ
رفتگان، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،سنڌ.
محمد
زمان مخدوم (2011ع) ڇَپَر ۾ ڇَڙيون، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
مرزا
نصير(2011ع) ڪربلا ڪربلا، دوستي پبليڪيشن، حيدر آباد ،سنڌ.
ڪلـﻫـوڙو
دين محمد، ايڊيٽر ( 1 – 2012 ) ٽماهي مـﻫـراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
ميمڻ
ثمينه، ايڊيٽر (4 – 2012) ٽماهي مـﻫـراڻ،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
( طالب المولى نمبر: ٽماهي مهراڻ حيدرآباد ، جنوري 2013ع )
No comments:
Post a Comment