Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

PROFILE, MOULAIE MALLAH



 PROFILE, MOULAIE MALLAH

نالو :   مولائي ملاح -  ولد : حسين بخش ملاح
جنم :   6 - آگسٽ  1969ع   
جنم شهر:   ملاح محلا، محرابپور ، ضلع: نوشهرو فيروز، سنڌ.
تعليم:  ايم .اي،  سنڌي ادب . ( شاهه لطيف يونيورسٽي خير پور)
ڪرت :  انسپيڪٽر، مارڪيٽ ڪاميٽي قاضي احمد، (     20 – 9 – 1987 کان  12 – 5 – 2014  تائين )
انسپيڪٽر ، مارڪيٽ ڪاميٽي ڪنڊيارو،  (- 5 - 2014 12 )
صحافتي سفر:
صحافتي سفر جي  شروعات،  ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ڪمپيوٽر تي  مڪمل پهرين سنڌي  اخبار  لاءِ ،  قاضي احمد شهر  کان  بحيثيت هڪ نمائيندي جي ڪيائين . ان کان پوءِ  ٻين اخبارن لاءِ  پڻ رپورٽون لکيائين.
 روزاني عوامي آواز ڪراچي .   1- مئي -  1994   
روزنامه امن ڪراچي ( اردو)       17 - آگسٽ - 1994
روزانه پڪار ڪراچي .                1 - جنوري  -  1995  
 روزاني سنڌ حيدر آباد.              5 -  نومبر  -1995     
 روزانه برسات ڪراچي.             1 -  جنوري – 1996
روزاني جُنگ  حيدر آباد . ( تعلقه دولتپور ) جولاءِ  - 1997 
SPI   نيوز ايجنسي ( سنڌ پريس انٽر نيشنل ايجنسي حيدر آباد  1996.2.2ع.   
 NIN  - نيوز ايجنسي  (  نيوز انٽر نيشنل نيٽ ورڪ  ڪراچي)  8 آگسٽ 1998 ع.
              - NINضلعي رپور ٽر ، ( نواب شاهه) 1 – جنوري 2000   کان 2002 ع تائين رهيو.   

 پهرين : صحافتي، سياسي، علمي، ادبي ۽   تحقيقي لکڻي.

صحافتي سفر جو  پهريون ڪالم ، شهر: ‘ قاضي احمد’ جي سونهن تي لکيائين جيڪو  روزانه آفتاب حيدر آباد . ۾  - 13 مئي  1995ع  تي چپيو  عنوان: ‘سنڌ جو خوبصورت شهر قاضي احمد ’
پهريون سياسي ڪالم: مير مرتضى ڀٽو جي شهادت تي لکيائين ، روزانه آفتاب حيدر آباد،  ۾  1996 ع  تي ڇپيو .
پهريون  هفتيوار ڪالم   عنوان  سان  : روزاني پاڪ  ڪراچي. ۾ - 20 آگسٽ 1999ع  تي  لکيائين .
پهرين ادبي لکڻي : ڪهاڻي ، ماهوار ڪينجھر ۾ لکيائين.( 1996ع)
  پهريون  علمي، تحقيقي مضمون: ٽماهي مهراڻ ‘طالب المولى نمبر’  حيدرآباد ۾ (1-1-2013ع ) لکيائين.
پهريون ايڊيٽوريل هفتيوار اخبار :  ٻاجھه  نوشهرو فيروز ،  جو  لکيائين  . ( 20 مارچ 2010  ع ).

ڪالمن  جا عنوان  ۽  اخبارون .
اخبارون : جن ۾ مختلف وقتن ۾ هنن عنوانن سان هفتيوار ڪالم لکيا اٿس، 
 روزاني پاڪ ڪراچي:   ويچار ورکا .  20 – آگسٽ - 1999ع .
روزاني دعا حيدرآباد ، روزانه آفتاب حيدرآباد:  موکيءَ جي مئه ڪدي کان  . ڊسمبر - 1999ع
 روزاني هلال پاڪستان ڪراچي :   درپن -  2001ع .
روزانه عبرت حيدراباد : درپن .      22 -  ڊسمر -  2000ع .
روزاني تعمير سنڌ ڪراچي :  دل جون ڳالهيون .  2002ع
روزاني عوامي آواز ڪراچي : نيڻ سفر ۾ …!   جنوري 2003ع
روزانه خبرون ڪراچي :  پاڇا ۽ پڙ لاءَ ! .   جنوري -  2004ع
روزاني سوڀ حيدرآباد : درپن .    جنوري  - 2000

محرم الحرام : ڏهي،  جي ڪالمن جا عنوان  ۽ اخبارون.
روزانه برسات : محرم موٽي آيو. (   7  / 1996ع )
روزاني عوامي آواز ڪراچي : محرم جو چنڊ دردن جو چنڊ! (2000)
روزاني تعمير سنڌ ڪراچي :  ساڳيو .
  روزانه سچ ڪراچي :      ساڳيو.
روزانه پاڪ ڪراچي : محرم جو چنڊ ڏکن جو چنڊ!
روزانه ڪوشش حيدرآباد:   محرم جو چنڊ ڏکن جو چنڊ!
 روزانه عبرت حيدرآباد :   ڏٺو محرم ماهه !
روزانه سوڀ ڪراچي : ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن .
روزاني خبرون ڪراچي :  ساڳيو .
روزاني الک حيدرآباد ، روزانه آفتاب حيدرآباد ۽ روزانه بختور حيدرآباد  ۾  محرم  جي ڏهاڙن جا ڪجھ ڪالم لکيائين.  

ادبي سفر جي شروعات:
ادبي لکڻيءَ جي شروعات نثر کان ڪيائين جنهن ۾ پهرين ڪهاڻي لکيائين جيڪا روازني عوامي آواز ڪراچي جي هفتيوار ادبي صفحه: ‘ تخليق’ ۾ آچر ڏهاڙي، 15- سيپٽمبر 1994ع ۾ ڇپيس. پهريون غزل روزاني بختور حيدرآباد جي ادبي صفحه  ڏات’  ۾ 1997ع  تي لکيائين .

مڃتا ايوارڊ:
ادبي، صحافتي ۽ مذهبي سفر  ۾  مختلف ادارن پاران مليل مڃتا ايوارڊ .
 سهڪاري ايوارڊ: ساهت پبليڪيشن حيدرآباد  پاران : ناز سنائي، ايڊيٽر:  ماهوار ڪينجھر
حيدرآباد کان ورتائين. جنوري  1996ع،
صحافتي مڃتا ايوارڊ:  نيو جنريشن ڪلچرل گروپ  محرابپور پارن . صوبائي صلاحڪار : مشتاق احمد راهوءَ  جن ڏنس.  17- آگسٽ 2004ع  
صحافتي مڃتا ايوارڊ : ماروئڙا ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ: چيئرمين ڏاڏل ڄام انڙ . جن ڏنو . 27 جون 2006ع
سهڪاري ايوارڊ : سنڌيا پبليڪيشن محرابپور: بشير خان قريشيءَ جي شهادت  تي سهيڙيل ڪتاب ‘وڏو ’ ۾ مرتب: اخلاق جوکيو سان گڏ  ڪيل ڪم تي ، ديش ڀڳتي موومينٽ پاران  28 جون 2012ع  تي مليو.    
صحافتي مڃتا ايوارڊ: انجمن نوجوانَانِ شيعه محرابپور رجسٽرڊ 782 ، جيڪو  PC لعل سولنگيءَ کان مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانَانِ شيعه ۾  15 شعبان جي ڀلاري رات ٿيل هڪ جشن جي پروگرام ۾ وصول ڪيائين .   جنوري 1999ع  

ڪتاب:  جن ۾  لکيو اٿس.
هي انهن ڪتابن جا نالا آهن جن ۾  سندس مواد  شايع  ٿيل آهي. جن ۾ ڪتاب: منهنجي يادن جون ريکائون، ليکڪ: محمد ملڪ انڙ. ڊسمبر، 2001ع   ڪتاب: سنيها سرير ۾، ليکڪ: محمد ملوڪ انڙ.  2007ع.  ڪتاب مهراڻ جي راڻي، سهيڙيندڙ: احمد ضيا، 2008ع . ڪتاب: ‘عظيم جمهوريت پسند اڳواڻ’ رئيس غلام مصطفى خان  جتوئي، سهيڙيندڙ: ياسر عبدالغني خاصخيلي. نومبر،  2010 ع  ڪتاب: منصور جو آواز، مرتب:گلشير لوچي. 2012ع . ڪتاب: “وڏو” سهيڙيندڙ: اخلاق جوکيو،  مئي 2012ع . ڪتاب: مولا تي ننگ،  سهيڙيندڙ، ظهير حيدري ،  2012ع . ڪتاب: شمشير، فن ۽ شخصيت ، سهيڙيندڙ : مهرالنساءَ لاڙڪ ،  2013ع . ڪتاب: ون يونٽ ۽ سنڌ ، ليکڪ: پروفيسر اعجاز احمد قريشي، جولاءِ ، 2013ع  ڪتاب: مادري جمهوريت ، بيگم نصرت ڀٽو، مرتب: ذوالفقار هاليپوٽو، ( ڇپائيءَ هيٺ آهي) ڪتاب: ارڏو ، مرتب: مولائي ملاح ( ڇپائيءَ هيٺ )  ڪتاب: شير ميربحر ، فن ۽ شخصيت – مرتب: مولائي ملاح، 5  – 12 – 2014ع شامل آهن.
اداري جو قيام:
ڊسمبر 2014ع ۾  مولائي پبليڪيشن محرابپور‘،  جي نالي سان  قيام ڪيو، جتان پهريون ڪتاب: ملهه جي سرموڙ پهلوان رستمِ سنڌ، شير ميربحر جي  فن ۽ شخصيت تي (شير ميربحر، فن ۽ شخصيت: مرتب مولائي ملاح)  5 -  12 – 2014ع تي آندائين.

اخبارن ۽ رسالن ۾، لکڻ جي ابتدا کان هن مهل تائين.
لکڻ جي شروعات صحافتي سفر کان ڪيائين جيڪو سلسلو اڄ تائين باقائدگيءَ سان هلندو اچي پيو. هن وقت تائين جن اخبارن ، رسالن ۽ مئگزين ۾ لکي چڪو آهي  انهن جا تفصيل ڪجھ هن ريت آهي ته: روزانه آفتاب حيدرآباد، ، روزانه عوامي آوازڪراچي، روزانه بختورحيدرآباد، روزاني سنڌ حيدرآباد، هلال پاڪستان ڪراچي، روزانه جاڳو ڪراچي، روزانه برسات ڪراچي، روانامه امن ڪراچي (اردو)  سنڌ سجاڳ ڪراچي، روزانه پڪار ڪراچي، روزانه عبرت حيدرآباد، روزانه ڪاوش حيدرآباد،  روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزانه جُنگ حيدر آباد،  روزانه پاڪ سنڌ سکر، روزانه خبرون ڪراچي، روزانه الک حيدرآباد، روزانه سچ حيدرآباد، روزانه سوڀ ڪراچي، روزانه پاڪ ڪراچي، روزاني دعا حيدرآباد، روزاني هلچل حيدرآباد، روزاني فيصلو حيدر آباد، روزانه ڪوشش حيدرآباد، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، روزانه شام حيدرآباد، هفتيوار سنڌو حيدرآباد، پندرنهن وار عبرت مئگزين حيدرآباد،  هفتيوار عوامي آواز مئگزين ڪراچي، هفتيوار عبرت ‘سنسار ’ حيدر آباد ، هفتيوار ڪاوش دنيا حيدرآباد،  هفتيوار سنڌ منظر  ڪراچي، ماهوار ڪينجھر حيدرآباد، ماهوار پيغام ڪراچي، ۽ ٽماهي مهراڻ طالب المولى ۽ شمشير نمبر ۾ پڻ لکيو اٿس.)  حيدرآباد  شامل آهن . لکڻ پڙهڻ جو اهڙو سفر اڃان به جاري اٿس. استاد  بخاري  جي  هنن سٽن  جيان  ته:
 ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو ، ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگيءَ  جي  آرزو  ۾   جستجو  ٿڪجي  نه   ٿي.

  moulaiemallah@gmail.com

( پورو ٿيو )





No comments:

Post a Comment