Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

هـوءَ هر گھڙي بينظير هئي!




هـوءَ هر گھڙي بينظير هئي!
مولائي ملاح
اڄ الاءِ ڇو باربار منـﻫـنجي ذهن جي ڪينواس تي شاهه جو هي شعر اوهيرا ڪري تري اچي ٿو جنـﻫـن کي آئون جھونگارڻ تي مجبور ٿيان ٿو، ته:
سرجيس تان سور سامائي تان سک ويا،
اهي ٻئي پور مون، نماڻيءَ نصيب ٿيا.  (شاهه)
ها! 21 جون جو ڏهاڙو به 27 ڊسمبر کانپوءِ هاڻ ته ڄڻ ڏکارو ڪرڻ لاءِ ئي ايندو آهي. گذريل پنجن سالن کان پـﻫـرين اڄوڪي ڏهاڙي کي هن درد ونديءَ جي ديس جا ماڻـﻫـون ڪئين نه خوش ٿي، جيالا جھمريون هڻي ملـﻫـائيندا هيا. سنڌ جي هر شـﻫـر ۾ پ پ پ جي آفيسن ۾ٽيبل تي رکيل ٽي رنگي ڪيڪ کي تاڙين جي گونج، مرڪن جي ٽڙيل گلابن جي مـﻫـڪ ۾ ڪٽي سندس جنم ڏڻ ملـﻫـايو ويندو هو؛ پر اڄ آفيس جي ان ئي ٽيبل تي سجايل ٽي رنگي ڪيڪ کي ڏسڻ سان ئي هر اک ۾ لڙڪ يادن جي نديءَ مان ترندا اکڙين جي ڪنارن جا بند ٽوڙيندا نيڻن جي ڇپرن مان ٽمي پون ٿا. اهڙي سمي اچڻ کانپوءِ کلي پون ٿيون من اندر ۾ يادن جون دريون جتان محترمه جي جنم کان جوانيءَ ۽ جوانيءَ کان شـﻫـادت تائين جا سنـﻫـري پل ڏسجن ٿا.  
  بيگم نصرت ڀٽو، جڏهن پـﻫـريون ڀيرو اميد سان ٿي ته اهڙي خبر ٻڌندي ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي خوشيءَ جي ڪائي حد نه رهي. نيٺ اهو ڏهاڙو به آيو جڏهن 21 جون 1953ع تي آچر جي شام جو 8 وڳي ڊاڪٽر پنٽوءَ جي اسپتال ڪراچيءَ ۾ گلابي رنگت ۽ سنـﻫـري وارن واري سنـﻫـڙي، ۽ سـﻫـڻي بينظير ڀٽو ماءُ جي هنج ۾ آئي؛ مٿس مائٽن، عزيزن ڪيترائي نالا رکيا پر سندس ڏاڏيءَ ۽ ڏاڏي جو چونڊيل نانءُ (سندن مرحومه نياڻي جيڪا پونا ۾ پڙهندي هئي ۽ اتي هاسٽل ۾ رهندي هئي کيس اتي گردن ٽوڙ بخار ٿيو جنـﻫـن ۾ وفات ڪري وئي جيڪا پونا ۾ ئي پوريل آهي) ئي آخري ثابت ٿيو، سندس نالو بينظير رکيو ويو جنـﻫـنجي لغوي معنى “ بي مثال ”  آهي. هيءَ پنـﻫـنجي سمجھ ۽ صلاحيتن سبب ئي بچپن کان بينظير بڻي.
بينظير جي ولادت وقت ڀٽو صاحب لنڊن ۾ هو جتي شـﻫـزادي اليزبيٿ شاهي خاندان جا فرد ۽ ٻين ملڪن کان آيل سربراهه “ويسٽ منسٽرا” ۾ ان جي تاج پوشيءَ جي شاندار تقريب ۾ گڏ ٿيا هيا. لنڊن ۾ ان ڏهاڙي جشن جو ماحول هو اهڙي ماحول کي ڏسڻ کانپوءِ ڀٽي صاحب پنـﻫـنجي دل ۾ شايد اهو سوچيو هجي ته: اڄ ڪراچيءَ ۾ پيداٿيل سندس نياڻي 30 سالن کانپوءِ مقبول عوامي اڳواڻ، پنـﻫـنجي ملڪ جي وزيراعظم ٿيندي ۽ بڪنگھم پيلس ۾ ملڪئه برطانيا سان جلوه افروز ٿيندي. بيگم ڀٽو پنـﻫـنجي يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿي ته:“ ڀٽو صاحب بينظير جي پيدائش جي ڪجھ ڏهاڙن کانپوءِ پاڪستان آيو، ان جڏهن پنـﻫـنجي ڌيءُ کي ڏٺو ته جذباتي ٿي رهيو هو. ان وقت هو ڪافي وقت تائين پنـﻫـنجي ڌيءُ جا هٿ ۽ چـﻫـرو ڏسي رهيو هو، اهو پيءُ جو ڌيءُ سان پـﻫـرين نظر جو عشق هيو. پوءِ ٽن ٻارن جي ڄمڻ کان پوءِ به ڀٽو جي بينظير سان محبت وڌندي رهي. ڪو به اهم واقعو هجي، شمله معاهدو هجي يا اقوامي متحده جو اجلاس هجي. سندس والد اهوئي چاهيندو هيو ته بينظير ساڻس گڏ هجي. ”
 ننڍڙي بينظيرجا سنـﻫـري وار، چـﻫـري جي گلابي رنگت ڏسي سندس پڦي کيس ‘پنڪي’ pinki  پڪارڻ لڳي. ان ڏهاڙي کانپوءِ  پڦيءَ جي پنڪي سڀني گھر ڀاتين سان گڏ پاپا جي پنڪي سڏجڻ لڳي. سڀني گھر ڀاتين مان سندس ڏاڏي سان ڏاڍي دل هوندي هئي سندس گھڻو وقت ڏاڏي سان لاڏ ڪوڏ ۾ گذرندو هيو، کيس زندگيءَ ۾ پـﻫـريون ڏک  1958ع ۾ ڏاڏي شاهنواز ڀٽو جي وڇوڙي تي مليو. ان جي هڪ سال کانپوءِ سندس ڏاڏي به وفات ڪري وئي.
بينظير، هن دنيا تي اک کولڻ کانپوءِ پنـﻫـنجي زندگيءَ جون پـﻫـريون وکون پنـﻫـنجي مستقبل ڏانـﻫـن کڻڻ شروع ڪيون. هن ٽن سالن جي ڄمار ۾ سربارٽل فريئير جي ياد ۾ تعمير ٿيل فريئير هال جي سامـﻫـون واقع “مس جيتگز” جي نرسنگ اسڪول ۾ وڃڻ شروع ڪيو، ان اسڪول جي چند گز جي مفاصلي تي فليگ اسٽاف هائوس جي نمايان عمارت واقع هئي جيڪا قائداعظم جي ملڪيت رهي ۽ هاڻ اتي ان جي نالي تي ميوزيم قائم آهي.
بينظير بچپن کان ئي پنـﻫـنجي پاپا کان بيحد متاثر هئي، کيس پنـﻫـنجي پاپا سان بيحد پيار هيو. سندس نقش قدم تي هلندي هوءَ هڪ وڏي وڪيل ته نه ٿي سگھي، پر سندس جيان هڪ مقبول عوامي اڳواڻ ضرور بڻي. پراڻي دور ۾ برطانيه جي روايتن مطابق وڪيل“وگ” پائيندا هيا سندس والد جي وگ هر وقت سندس ڊرائينگ روم ۾ پيل هوندي هئي؛ هوءَ اها وگ پائي سڀني کي چوندي هئي ته مان وڏي ٿي وڪيل ٿينديس گھر جي دروازي تي ڀٽو صاحب جي هڪ پتل جي تختي لڳل هوندي هئي جنـﻫـن تي لکيل هئو ذوالفقار علي ڀٽو بار ايٽ لاءَ؛ ننڍ پڻ ۾ هن به اهڙي تختي پنـﻫـنجي دروازي تي لڳائي ڇڏي جنـﻫـن تي لکيائين بينظير ڀٽو‘ بار ايٽ لاء’. هن کي پنـﻫـنجي والد جيترو قانوني مقام ته حاصل نه ٿي سگھيو، پر سندس سياسي وارث ضرور بڻي جنـﻫـن جي تاريخ ساکي آهي.
 هن وٽ ڏکين حالتن کي بـﻫـتر انداز ۾ منـﻫـن ڏيڻ لاءِ ساٿين کي سـﻫـيڙڻ ۽ انـﻫـن کي ترتيب ۽ پنـﻫـنجين صفن کي سڌو رکڻ ۽ انـﻫـن ۾اتحاد پيدا ڪرڻ جو  وڏو آرٽ  موجود هيو. پوءِ اهي ڇونه اسڪول جي شاگرديءَ جا ڏهاڙا هجن. ڪنـﻫـن مشڪل وقت اچڻ کان اڳ ان جي دفائي تياريءَ جا گُرَ ۽ گڻ هن وٽ ننڍ پڻ کان ئي موجود هيا. جئين سندس زندگيءَ جو هي هڪ دفائي تياري جو ڪيل تجربو آهي ته: 1965ع جي ڏهاڙن ۾ جڏهن برصغير جي آسمان تي جنگ جا ڪارا ڪڪر ڇانئيل هيا ته انـﻫـن ڏهاڙن ۾ هوءَ ۽ سندس ننڍي ڀيڻ صنم ڀٽو مريءَ ۾ پڙهنديون هيون. 1965ع ۾ ڪشمير جي مسئلي تي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ جنگ ڇڙي وئي، هي اهو مسئلو هيو جو 23 سالن کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو کي وزير اعظم جي حيثيت سان وراثت ۾ مليو. جڏهن ڀٽو صاحب ڪشميري عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ اقوام متحده ويو ته انـﻫـن ڏهاڙن ۾ ڪانونٽ آفيس جيس اينڊ ميري ۾ شاگردياڻين کي ڀارتي حملي کان اڳواٽ ئي تيار ڪيو ويو. مريءَ کان ڪشمير تائين سڌو رستو موجود هيو. جنـﻫـن لاءِ ڪافي ماڻـﻫـن جو اهو خيال هيو ته ڀارتي فوج ان رستي کان پاڪستان ۾ آسانيءَ سان داخل ٿي سگھي ٿي. محترمه قيوم نظاميءَ کي ڏنل پنـﻫـنجي هڪ انٽرويو ٻڌايو ته: “اسانجون اڪثر ڪلاس فيلو اهم سرڪاري آفيسرن، فوجي آفيسرن جون ڌيئر هيون اسان سڀني ڇوڪرين هڪ ٻئي جا فرضي نالا رکيا؛ اهو ان ڪري ته متان اسان حملي دوران ڀارتي دشمن جي هٿ لڳي وڃون ته جئين انـﻫـن کي اسانجي صحيح نالن جي خبر نه پئجي سگھي. جنگ جي انـﻫـن ڏهاڙن ۾ اغوا ٿيڻ جو خوف هيو، نيٺ هڪ ڏهاڙي اها جنگ ختم ٿي؛ واپس گھر اچڻ تي سياست اسان جي ذهن تي حاوي ٿي وئي. سرحد، جنگ ۽ اسلحه تي پابنديءَ جـﻫـڙا لفظ اسانجي لبن تي به اچڻ لڳا، گول ميز ڪانفرنسون ۽ اڪثر ملڪي اجلاسن جا نتيجا ڄاڻڻ اسان لاءِ ائين هو جئين ٻين ٻارن لاءِ ورلڊ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو اسڪور معلوم ڪرڻ بابت ڄاڻ رکڻ.”(قيوم نظامي: شـﻫـادت سي شـﻫـادت تڪ: صفحه 17 )
 شاگرديءَ واري زماني ۾ اسڪول ڪانونٽ آف جيس اينڊ ميري ۾ پڙهڻ دوران کيس عالمي ادب سان به گـﻫـري دلچسپي رهي.“ هڪ هنڌ پنـﻫـنجي انٽرويو ۾ چيو هئائين ته:  هڪ وقت هيو جڏهن مونکي شيڪسپيئر جو هر ناٽڪ، هيملٽ، روميو اينڊ جوليٽ ۽ جوليس سيزر، ازبرٿا  کي پڙهڻ جو شوق هيو، فارغ وقت ۾ هوءَ اسڪوائش کيڏڻ ۽ سماجي محفلن ۾ شرڪت پڻ ڪندي هئي.
چوڏهن سالن جي بينظير پارٽيءَ جي چند ميمبرن ۾ شامل هئي. 70 ڪلفٽن جي پـﻫـرين منزل پ پ پ جي ضلعي آفيس هئي، سندس 11هن سالا ڀيڻ صنم ڀٽو ۽ پاڻ وڏي جوش جذبي سان پ پ پ ۾ شموليت ڪئي.
نومبر 1968ع ۾ جڏهن کيس پنـﻫـنجي تعليمي زندگيءَ ۾ وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ضرورت هئي، ايندڙ ڪجھ مـﻫـينن ۾ کيس،  او (O  )  ليول جي امتحان جي تياري ڪرڻي هئي ته سندس والد کي پـﻫـريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو، کيس فوري طور ميانوالي جيل موڪليو ويو جيڪو پاڪستان جي بدترين جيلن مان هڪ هيو جتي کيس اڪيلو جيل ۾ رکيو ويو؛ سندس زندگيءَ جا اهي بدترين حالات هيا جڏهن کيس پنـﻫـنجي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي ته کيس پنـﻫـنجي والد جي گرفتاريءَ وارين حالتن کي ڏسڻو پيو. انـﻫـن حالتن ۾ ڀٽو صاحب پاڻ به محترمه جي تعليمي حالتن کان فڪر مند هيو جنـﻫـن کيس چيو ته: “پنـﻫـنجي تعليم کي جاري رکو، توهان منـﻫـنجي حوالي کان فڪرمند نه ٿيو. اهڙين حالتن ۾ تعليم کي جاري رکڻ لاءِ ڀٽو کيس 28 نومبر تي ساهيوال جيل مان محترمه کي هڪ خط لکيو جنـﻫـن ۾ لکيائينس ته: “مان او ليول جي امتحان ۾ تنـﻫـنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو آهيان مونکي بيشڪ فخر آهي ته منـﻫـنجي نياڻي 15 سالن جي عمر ۾ اوليول ڪري رهي آهي جيڪو مون 18 هن سالن جي عمر ۾ پاس ڪيو هو. انـﻫـيءَ حساب سان تون صدر به ٿي سگـﻫـين ٿي. مونکي خبر آهي ته تون تمام گـﻫـڻو مطالعو ڪرين ٿي توکي ادب ۽ تاريخ جو گـﻫـرو مطالعو ڪرڻ گھرجي ضروري ڪتاب تو وٽ موجود آهن. نيپولين بوناپارٽ جي باري ۾ پڙهه جيڪو جديد تاريخ ۾ هڪ مڪمل انسان هو. آمريڪي انقلاب جو مطالعو ڪندي رهه ۽ ابراهم لنڪن جي باري ۾ ڄاڻ رک “جان ريڊ” جا ڏهه ڏهاڙا جنـﻫـن دنيا کي ڌوڏي وڌو، بسمارڪ، لينن ، اتاترڪ ۽ مائوزيتنگ جي باري ۾ پڙهه، ڀارت جي قديم تاريخ جو مطالعو ڪر ۽ سڀ کان وڌي ڪري وڌيڪ تاريخ اسلام جو مطالعو ڪر.” محترمه ڏکين حالتن ۾ ڪراچيءَ ۾واقع “ويٽي ڪن سفارت خاني” ۾ رکيل امتحان ۾ حصو ورتو. انـﻫـن ڏهاڙن ۾ هر طرف جنرل ايوب جي حڪومت جو خاتمو ۽ ڀٽو جي رهائيءَ جا عوامي احتجاجن ۾ مطالبا ٿي رهيا هيا، نيٺ عوامي دٻاءَ سبب جنرل ايوب جي حڪومت ڀٽو کي فيبروري 1969ع ۾ جيل مان ڪڍي سندس گھر لاڙڪاڻي ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جتي کيس ڪجھ وقت نظر بند رکيو ويو. آخرڪار مارچ 1969ع ۾ صدر ايوب اقتدار ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ان سياسي قيادت کي اقتدار ڏيڻ بجاءِ فوج جي سربراهه جنرل آغا محمد يحيى خان کي اقتدار سنڀالڻ جي دعوت ڏني، جنـﻫـن ملڪ ۾ مارشل لاءَ مڙهي ڇڏي. اهڙي طرح هن ملڪ ۾ فوجي آمريت جو دور شروع ٿيو. انـﻫـن ڪٺن حالتن ۾ به محترمه اوليول جو امتحان پاس ڪري ورتو. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ وٽس ٻه رستا هيا، هوءَ اعلى تعليم لاءِ آمريڪا وڃي يا اي (A) ليول جو امتحان به ڪراچيءَ ۾ ئي پاس ڪري سندس ننڍي عمر هئڻ ڪري فيصلو اهو ٿيو ته کيس ٻنـﻫـين پاسي داخلا وٺڻ گھر جي، پوءِ هن آمريڪا جي هارورڊ يونيوورسٽيءَ جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏني ۽ ٻئي طرف وري ڪراچي گرامر اسڪول ۾ اي ليول جي لاءِ داخلا ورتائين اتي ڪيترن ئي شعبن ۾سرگرم رهي. هن اتي هڪ بحث “اسلام ۾ عورت جو ڪردار” ۾ حصو ورتو، ان موضوع تي هڪ گرما گرم تقرير پڻ ڪيائين. هن اسڪول ۾ محترمه تمام ٿورو وقت گذاريو.
اپريل ۾ کيس ريڊڪلف ڪاليج ۾ داخلا جو خط پـﻫـتو. هوءَ انـﻫـيءَ ئي سال آگسٽ ۾ پنـﻫـنجي والده سان آمريڪا رواني ٿي. هيءَ ڀٽو خاندان جي پـﻫـرين ڇوڪري هئي جيڪا اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ  آمريڪا  وڃي رهي هئي اهو اعزاز به محترمه کي ئي حاصل ٿيو. اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيـﻫـ اُسـﻫـڻ مـﻫـل ڀٽو صاحب کيس قرآن شريف جو نسخو تحفه طور ڏنو ۽ کيس هيءَ نصيحت ڪندي چيائين ته:“ توکي آمريڪا ۾ کوڙ سارين حيرانين جو منـﻫـن ڏسڻو پوندو مونکي پڪ آهي تون ماحول ۾ پاڻ کي سلـﻫـاڙڻ جي صلاحيت رکين ٿي. سڀ کان وڌيڪ توکي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ گھرجي، پاڪستان ۾ تمام گھٽ ماڻهن کي اهڙو موقعو نصيب ٿيندو آهي جيڪو هن وقت توکي مليو آهي. اهو نه وسارجان ته توکي پرڏيـﻫـ موڪلڻ تي جيڪو پئسو خرچ اچي رهيو آهي اهو پئسو ان سرزمين ۽ اهڙن ماڻـﻫـن کان ورتل آهي جيڪي زمين جو سينو چيرڻ ۾ پنـﻫـنجو پگھر وهائين ٿا. اهو توتي انـﻫـن ماڻـﻫـن جو قرض هوندو، اهو اهڙو قرض آهي جيڪو تون الله جي رضا سان پنـﻫـنجي تعليم سان انـﻫـن جي زندگين کي بـﻫـتر بڻائي قرض لاهي سگھين ٿي.” اهي آگسٽ جا آخري ڏهاڙا هيا. جڏهن ڀٽو فيملي محترمه کي الوداع ڪرڻ لاءِ هوائي اڏي تي موجود هئي.
جئين پـﻫـرين اولاد ڪنـﻫـن معجزي جـﻫـڙي هوندي آهي. ائين ئي پاپا جي پنڪي به پنـﻫـنجي والدين ۽ هن ملڪ جي غيور عوام لاءِ ڪنـﻫـن معجزي کان گھٽ ڪانه هئي. هن مشڪلن جا جبل جھاڳڻ، اُڀن ڪاون تي پيرين اُگھاڙي هلڻ جهڙين ڏکين حالتن کي اڪيلي سِر منـﻫـن ڏيڻ جو ڏانءُ ننڍڙيءَ وهيءَ، ٻالڪ پڻ ۾ ئي سکي ورتو هيو. هوءَ انتـﻫـائي ذهين، حالتن کي سمجھڻ ۽ سلجھائڻ جو ڏانءُ رکندڙ ڏاهي شخصيت، اڳواڻ هئي. 1958ع ۾ نرسريءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بينظير ڀٽو کي شـﻫـر جي اعلى ترين اسڪول “ ڪانونٽ آف جيس اينڊ ميري ” ۾ داخل ڪرايو ويو. هڪ ڀيري ڀٽو خاندان جڏهن يورپ ۾ هو ته  بينظير شيشي جو گلاس ڀڃي ڇڏيو ۽ ڪاون جي ٽڪڙن تي هلڻ شروع ڪيو گھر ۾ هر طرف رت پکڙ جي ويو. پوءِ گئلريءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويـﻫـي گھر وارن جو انتظار ڪرڻ لڳي اهي اچن ۽ اچي کيس بچائين.  
هن عوام، ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ ڪيترانه ڪشالا ڪٽيا، هن پنـﻫـنجين خداداد صلاحيتن سبب ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو. هن ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ ئي سياست جي دنيا ۾ ڪيترائي معجزا ڪري ڏيکاريا. هن جو پـﻫـريون ڪردار قائدِ عوام جي سڄي ٻانـﻫـن هئڻ وارو رهيو. هن ننڍڙيءَ عمر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪري دنيا کي حيران ڪري وڌو، هن اندران گانڌيءَ کان ٻن لفظن ۾ 90 هزار ( قيد فوجي) قيدي آزاد ڪرائڻ، ۽ انـﻫـن جي ئي سرواڻ هڪ ڊڪٽيٽر (شمر جي ڀاءُ) جنرل ضياءُ سان مـﻫـاڏو اٽڪائڻ، پـﻫـرين مسلم عورت وزير اعظم وارو اعزاز ماڻڻ کان وٺي شاندار نموني بـﻫـادرن جيان موت جي واديءَ ۾ هليو وڃڻ جـﻫـڙا سڀئي عمل سندس معجزا ئي ته هيا جن دنيا کي به حيران ڪري ڇڏيو.
محترمه جڏهن ستن سالن جي ٿي ته سندس والدين راولپنڊي شفٽ ٿي ويا. جتي ڀٽو صاحب کي وفاقي وزير جي حيثيت سان سرڪاري رهائش گاهه ڏني وئي هئي. جيڪا شروعات ۾پشاور روڊ پوءِ سول لائنز، جيڪوانـﻫـن ڏهاڙن ۾ دارالحڪومت جو جديد علائقو هو ان ۾ رهڻ لڳي اتي کيس شـﻫـر جي اعلى ترين تعليمي اداري “ پريزنٽيشن ڪانونٽ”  ۾ داخل ڪرايو ويو.
  ڀٽو صاحب کوڙ سارن سببن جي ڪري بينظير سان محبت ڪندو هو. هڪ ته هن تي ڀٽو صاحب جي معصوم ڀيڻ جو نالو رکيل هو، ان کان علاوه هوءَ پڙهائيءَ ۾ تمام ذهين هئي.  ڀٽو صاحب جيان کيس به مطالعو ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هيو. ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان گڏ راولپنڊيءَ جي مشـﻫـور ‘فيروز سنز ’ قطب خاني ۾ وٺي ويندو هيو. جتي خصوصن سندس پـﻫـرين ترجيح عظيم شخصيتن کي هوندي هئي هن“ اگا ٿا ڪرسٽي” جي جرم جي ڪـﻫـاڻي به پڙهي جيڪا هن صنم کي به  ٻڌائي هئي. هر آچر جي ڏهاڙي تي هي خاندان پڪنڪ تي ويندو هو.  شـﻫـر جي آس پاس ۾ هن زماني جا قديم آثار پڻ ڏٺا. موهن جي دڙي جي زماني جو قديم شـﻫـر ٽيڪسلا جا قديم آثار محترمه جي سڀ کان پسنديده جڳـﻫـ هئي. راولپنڊيءَ جي پريزينيٽيشن ڪانونٽ ۾ ٻه سال تعليم پرائڻ کانپوءِ ٻنـﻫـين ڀينرن کي ڀٽو صاحب بورڊنگ اسڪول مري موڪلي ڇڏيو. جتي هر هفتي ڀٽو صاحب راولپنڊيءَ کان مري پنـﻫـنجي اولاد سان ملڻ لاءِ ايندو هو. بينظير جي تعليمي زندگي ۽ سندس والد جي سياست جو هڪ ئي وقت تي آغاز ٿيو. 1957ع ۾ جڏهن هوءَ چئن سالن جي هئي ته تڏهن هوءَ “نرسري رهائيم” پڙهندي هئي. تن ڏهاڙن ۾ ئي ذوالفقار علي ڀٽو کي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ نمائيندگيءَ لاءِ چونڊيو ويو.
 آڪسفورڊ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ايليٽ هال جي سيڪريٽري شپ جي عـﻫـدي جي چونڊ جو وقت آيو ته ان سيٽ تي هن سـﻫـيلين جي ساٿ سان مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنـﻫـن تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيائين، سندس سياسي زندگيءَ جي سفر جي شوعاتي ڏهاڙن ۾ اها پـﻫـرين ڪاميابي هئس، اهڙيءَ ريت هن جي سياسي زندگيءَ جي شروعات بـﻫـتر انداز سان ٿي. سندس زندگيءَ جو هي اهو سفر هيو جنـﻫـن جي جي شروعات اڃا ڪجھ سالن کان پوءِ ٿيڻي هئي جنـﻫـن جي شروعات هن وقت کان پـﻫـرين ڪري ڪري ڇڏي. هارورڊ ۾ پڙهائيءَ دوران هن جون سماجي سرگرميون به جاري هيون جيڪي سندس زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي چڪيون هيون. جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ ساموندي طوفان آيو ته هن آفت سٽيل ماڻـﻫـن لاءِ  save ”” نالي هڪ بين القوامي، سماجي، فلاحي تنظيم جي پليٽ فارم تان چندو گڏ ڪرڻ جي مـﻫـم هلائي، انـﻫـيءَ سرگرمين جي بنياد تي پوري ڪئمپس ۾ پاڻ سٺو نالو،شـﻫـريت ڪمايائين. متاثر ماڻـﻫـن جي خدمت جي عيوض ايشين سوسائٽي، کيس اوڀر پاڪستان جي موضوع تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنـﻫـن تقرير ماڻـﻫـن تي وڏو اثر ڇڏيو، ننڍيءَ عمر ۾ ايڏي وڏي جلسي کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ زندگيءَ جي پـﻫـرين اعزاز کان گھٽ نه هيو.
ڀٽي صاحب ننڍڙي بينظير کي ننڍ پڻ کان ئي ملڪي ۽ بين القوامي سياست جي سمجھ ڏئي دنيا جـﻫـان جي بدلجندڙ حالتن کان کيس روشناس ڪندو رهيو. دنيا جي  بدلجندڙ حالتن تي کيس طويل خط لکي حالتن جي ڄاڻ ڏيندو هيو. اهڙا خط ڀٽو صاحب اقتدار جي ايوانن کان ويندي جيل جي خولين مان به کيس لکندو رهيو. ڀٽي صاحب سياست جي ميدان ۾ محترمه جي تربيت ائين ڪئي جئين ڪوئي پيءُ پنـﻫـنجي ننڍڙي ٻار کي آڱر کان وٺي زمين تي پنڌ هلڻ سيکار يندو آهي.
ڀٽو صاحب جنوري 1963ع ۾ وزير خارجا بڻجڻ کانپوءِ آڪٽوبر 1963ع ۾ هڪ سرڪاري دوري تي آمريڪا ويو ته اتي واشنگٽن ۾ سندس ملاقات صدر جان ايف ڪينيڊيءَ سان ٿي جتي هنن ٻنـﻫـين نوجوان اڳواڻن هڪ ٻئي کي پسند ڪيو. ملاقات جي آخر ۾ موڪلائڻ مـﻫـل صدر ڪينيڊيءَ ڀٽو سان هٿ ملائيندي کيس چيوته:“ اگر تون آمريڪي شـﻫـري هجين هان ته تون منـﻫـنجي ڪابينا ۾ هجين هان. جنـﻫـن تي ڀٽو صاحب ٺـﻫـ پـﻫـ چيس ته: جناب صدر هوشيار ٿي اگرمان آمريڪي شـﻫـري هجان هان ته تنـﻫـنجي جڳـﻫـ تي هجان هان” انـﻫـيءَ ڳالـﻫـ تي ٻنـﻫـين اڳواڻن ۾ ٿوري دير لاءِ ٽـﻫـڪڙا ٿي ويا. هڪ مـﻫـيني کان پوءِ جڏهن بينظير پنـﻫـنجي پاپا سان گڏ وزير خارجا جي مخصوص ريلوي ويگن ۾ سفر ڪري رهي هئي ته: ان پنـﻫـنجي پاپا کان جان ايف ڪينيڊيءَ تي قاتلاڻي حملي جي خبر ٻڌي، ان وقت 10هن سالن جي بينظير گـﻫـري ننڊ ستل هئي جڏهن ڀٽو صاحب کيس ننڊ مان اٿاريندي چيو ته:“ هي سمـﻫـڻ جو وقت ناهي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊيِءَ کي گولي لڳي آهي” ڀٽو صاحب ان وقت کيس پنـﻫـنجي ڀرسان ويـﻫـاري ڪينيڊيءَ جي واقعي بابت تفصيل وٺندو رهيو ۽ ان واقعي بابت محترمه کي ڄاڻ ڏيندو رهيو، آمريڪي صدر ترقي پسند سوچ جو مالڪ هيو جنـﻫـن سان ڀٽو صاحب ڪيترائي ڀيرا ملي چڪو هيو. ڀٽو صاحب ڪينيڊيءَ جي واقعي، سندس زندگيءَ بابت جيترو ڪجھ ڄاڻندو هيو ان کان محترمه کي واقف ڪيائين.    
ذوالفقار علي ڀٽو جا جنرل ايوب سان اختلاف ٿيڻ کانپوءِ 1966ع ۾ ڀٽو ايوب کان علحدگي اختيار ڪري 30 نومبر 1967ع تي لاهور ۾ ڀٽي پنـﻫـنجي عوامي پارٽيءَ جو بنياد رکيو جنـﻫـنجي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻـﻫـڻ جون قطارون لڳڻ شروع ٿيون ته انـﻫـن ڏهارن ۾ 14هن سالن جي عمر ۾ محترمه بينظير ڀٽو پ پ پ جي ميمبر بڻي جيڪا باقائدي عام ورڪرن جيان پارٽيءَ پاران مقرر ڪيل چار آنا (25 پيسه ) چندو هر مـﻫـيني ادا ڪندي هئي، ۽ پوءِ اڳتي هلي اها 14هن ساله ميمبر پارٽي پليٽ فارم تان جنر ضياءَ خلاف تحريڪ جي اڳواڻي ڪرڻ لڳي ،پوءِ ملڪ جي وزير اعظم پڻ بڻي ۽ اڳتي هلي پارٽي جي چيئرسن جي عـﻫـدي وارو اعزاز پڻ ماڻيائين. هوءَ پنـﻫـجين خداداد صلاحيتن سبب ئي ننڍپڻ کان ئي بينظير هئي.
1971ع ۾ ڀارت اوڀر پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو ته ڀٽو صاحب ڀارت پاران بنگال تي  ڪيل اهڙي جارحيت خلاف اقوام متحده نيويارڪ پـﻫـتو، انـﻫـن تاريخي ڏهاڙن ۾ محترمه بينظير ڀٽو به ساڻس گڏ هئي. ‘پيئر هوٽل’  جي ڪمري ۾ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ فون جون گھنٽيون وڄي رهيون هيون جن فون ڪالز کي محترمه پاڻ ٻڌي رهي هئي انـﻫـن بابت ڀٽو صاحب کيس سفارتي اصولن جو درس ڏيندي چيو ته: سفارت ڪاريءَ جو بنيادي اصول اهو آهي ته: “شڪ جي فضا پيدا ڪيو.” انـﻫـيءَ ڪري جيڪا ڪال مون ڏانـﻫـن اچي اگر مون وٽ هت روسي ويٺا هجن ته مونکي ٻڌائجان ته چيني قيادت فون ڪري رهي آهي ۽ اگر هتي آمريڪي موجود هجن ته ٻڌائجان مون سان روسي يا ڀارتي قيادت فون تي ڳالـﻫـائڻ چاهي ٿي. ڪنـﻫـن کي به حقيقت ۾ اهو نه ٻڌائجان ته هت ڪير ويٺو آهي.”  
12 ڊسمبر تي اٺون ڀيرو جڏهن سلامتي ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو ته محترمه ان وقت به پنـﻫـنجي والد سان ان اجلاس ۾ موجود هئي. هال ۾ ڀٽو کان ٻه قطارون پوئتي پوري دنيا کان آيل وزير ۽ سفارتڪارن سان ويٺل هئي. اقوامي متحده جي کوکلن ايوانن ۾ ٿيندڙ سڀ ڊراما اکين سان ڏسندي رهي، جيڪي ڀٽو جي برداست کان ٻاهر هيا.
15 ڊسمبر تي جڏهن ڀارت اوڀر پاڪيتان جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ته: بينظير ان وقت پنـﻫـنجي والد جي پويان رکيل مخصوص سيٽ تي ويٺي هئي، جڏهن ڀٽو صاحب پنـﻫـنجا نوٽس، پنا ڦاڙيندي گجگوڙ ڪندي چيو ته:“ پنـﻫـنجي سلامتي ڪائونسل پاڻ وٽ رکو هي وٺو مان وڃان ٿو!” انـﻫـن تاريخي منظرن کي به اکين سان ڏسندي رهي. بينظير ڀٽو پنـﻫـنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته:“ اڳئين ڏينـﻫـن جنرل نيازيءَ ڀارتي ڪمانڊر جي اڳيان ڍاڪا ريس ڪورس جي گرائونڊ ۾ رسمي طورتي هٿيار ڦٽا ڪيا، تقريبن هڪ لک جي لڳ ڀڳ پاڪستان جا بـﻫـترين سپاهي جنرل اروڙا جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول ۾ ڏنا ويا.” (قيوم نظامي: شـﻫـادت سي شـﻫـادت تڪ: _ 29 ) پوءِ انـﻫـن ئي قيدين کي شملا معاهدي ۾ محترمه، اندران گانڌيءَ کان هڪ ميار ۾ آزاد ڪرائي آندو. جن جي سرواڻ 5جولاءِ 1977ع تي سندس والد جي حڪومت تي راتاهو هڻي کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي ڦندي تي لٽڪائي احسان فراموشيءَ جي تاريخ رقم ڪئي.
ذات مين اپني بينظير ٿي وه،
جس ڪو سب بينظير ڪـﻫـتي هين. (انجم جاويد)
شملا معاهدي جي انـﻫـن يادگار گھڙين کي بينظير ڀٽو پنـﻫـنجين خداداد صلاحيتن سان بي مثال بڻائي ڇڏيو. انـﻫـن ڏهاڙن کان پوءِ ئي محترمه عام ماڻـﻫـن جي نظرن ۽ سوچن جو محور ۽ مرڪز بڻجڻ لڳي، تڏهن ته انـﻫـن ڏهاڙن کي ڏسندي رئيس امروهيءَ جـﻫـڙي نامياري شاعر تاريخ ۾ سندس مقام ڏسندي اڳواٽ ئي سندس عوامي مقبوليت جي اڳ ڪٿي ڪندي جولاءِ 1972ع ۾ چئي ڏنو هيو ته:
شملا مذاڪرات ٿي  تاريخ گير ڀي،
پر عزم اور عظيم ڀي ليڪن حقير ڀي،
آراسته ٿي محفل صدر و وزير ڀي،
تاريخ ڪي نگاهه ۾ ٿي بينظير ڀي.

 هوءَ جيستائين زنده رهي ته بينظير هئي ۽ جڏهن ڌرتيءَ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿي ته تڏهن به بينظير آهي؛ هيءَ هن ڌرتيءَ جي اهڙي ته بينظير آهي جنـﻫـن کي وقت مات نه ٿو ڏئي سگھي. هيءَ اها بينظير هئي جنـﻫـن موت کي به مات ڏني. جئين شاهه لطيف چيو آهي ته :
مرڻا اڳي مئا جي مري ٿيا نه مات ،
         هوندا سي حيات  جي جي ويا جڳ ۾ سدا.  شاهه
moulaiem@yahoo.com
( روزاني عوامي آواز ڪراچي ، 21 جون 2013ع )




No comments:

Post a Comment