پـﻫـرين جولاءِ، ون يونٽ
ٽٽڻ جو ڏينـﻫـنا
ڇا سنڌ اڄ به ون يونٽ
جـﻫـڙي حالت ۾ آهي ؟
مولائي ملاح
اڄ پـﻫـرين جولاءِ، ‘ون
يونٽ’ ٽٽڻ جو ڏڻ آهي، ون يونٽ جي ڏنل گـﻫـرن گھاون سان گڏ انـﻫـن ڪردارن کي به ضرور
ياد ڪرڻ گھرجي جن جي ڪيل جدوجـﻫـد جي نتيجي ۾ ئي اڄوڪي ڏڻ تي سڄي سنڌ کي سڦلتا جي
مُرڪ ملي. سنڌ، سنڌي عوام جي حقن خاطر مزاحمتي جدوجـﻫـد ڪندڙن جو ڪاٿو ته نه ٿو
ڪري سگھجي پر ڪي چند شخصيتون اهڙيون آهن جن کي وساري به نه ٿو سگھجي؛ جن جي ڪيل
جدوجـﻫـد جو اهو اثر هيو جو سنگينن جي سائي، پناهه ۾ پلجندڙ چوٽيءَ جي پـﻫـلوانن
جا سر سنڌ اڳيان جھڪائي ڇڏيا. چوندا آهن:“ ڦٽ ته ڇٽي ويندا آهن پر نشان رهجي ويندا
آهن” ائين ئي ون يونٽ جي ٽٽڻ سان زخم ته ڇٽي ويو پر ان جا نشان اڃان موجود آهن، ون
يونٽ ڪنـﻫـن، ڇو ۽ ڇالاءِ مڙهيو، ان ۾ڪنـﻫـن جا ڪـﻫـڙا مفاد لڪل هيا، ان سازش ۾
ڪير قربانيءَ جو ٻڪرو بڻيو، ڪير هوشو ۽ ڪير مير جعفر بڻيو، اهڙن ڪردارن کي ڪڏهن به
وساري نه ٿو سگھجي. اهي سڀ سوال اڄ به
جواب طلب آهن.
ون يونٽ، اهڙي آڳ هيو
جنـﻫـن سنڌ کي سک جي ننڊ سمـﻫـڻ نه ڏني، ان جي اعلان ٿيڻ سان سنڌ جا ٻار ٻچا، پوڙها
پڪا مرد ۽ عورتون اڳواڻي ڪرڻ لڳيون، جنـﻫـن کي جتي آيو ٿي ان اتي ٿي احتجاج ڪيو،
ان جو اندازو مونکي ان وقت ٿيو جڏهن آئون سنڌ جي حقن خاطر جيل ڀوڳيندڙ محرابپور
(جنڪشن) جي پـﻫـرين سياسي قيدي عبداللطيف ملاح جو پروفائل ڪري رهيو هيس ان دوران
جڏهن مون کانئس زندگيءَ جي پـﻫـرين جيل ياترا بابت سوال ڪيو، هن جواب ڏيندي چيو
ته: “ون يونٽ تحريڪ دوران 30 ڏهاڙا سينٽرل جيل سکر ۾ رهيس، هن اهو به ٻڌايو ته
مونکي اهڙو اتساهه سنڌ جي بـﻫـادر نياڻيءَ ( سسئي پليجو جي امڙ) اختر بلوچ جي ان بيان
ڏنو، انـﻫـن ڏهاڙن ۾ ون يونٽ خلاف بک هڙتال تي ويـٺل ادي اختر بلوچ چيو هو ته:“
اسان جا هي هٿ، ٻانـﻫـون رڳو چوڙيون ئي نه پر هاڻ هٿ ڪڙيون به پائي سگھن ٿيون”.
هيءَ سنڌ جي اها بـﻫـادر نياڻي آهي جنـﻫـن ون يونٽ تحريڪ دوران جيل ڀوڳيو، ‘قيدياڻي’
نالي ڪتاب آيل اٿس جنـﻫـن کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي. هي اهڙا ڪردار آهن جن کي اسين
وساري نه ٿا سگھئون، اهڙن سمورن قومي ڪردارن کي تاريخ ۾ سـﻫـيڙڻ گھرجي انـﻫـن بـﻫـادر
نياڻين ۽ سنڌ جي سرويچن جا پروفائل ڪجن جن ان تحريڪ ۾ پنـﻫـنجو پاڻ ملـﻫـايو، جيڪو
سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو هڪ باب آهي. هن تحريڪ تي وڏي ۾ وڏو ڪتاب ڪامريڊ حيدربخش
جتوئي“ statement of
the accused ”جي نالي سان ڏنوجيڪو 500 پيج جو آهي. ان بعد هاڻ پروفيسر اعجاز قريشي به ان تاريخي جدوجھد کي تاريخ
۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ اهڙو ڪتاب آڻي رهيو آهي جيڪو ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ اٿس، فضل
الله قريشيءَ جي ڪتاب “ ڪجھ يادون ڪجھ ڳالـﻫـيون ” ۾ به ان تحريڪ بابت ججھو مواد شامل آهي. اهڙا
ڪتاب اڃان به اچڻ گھرجن.
ون يونٽ: مڙهڻ جو
اصل خاڪو جنرل ايوب خان جو هيو، جيڪو ڪنـﻫـن به ريت سنڌ جي مفادن ۾ نه هيو. اها
سازش سڌو سنئون سنڌ جي مفادن جي خلاف هئي جنـﻫـن جي تياري پاڪستان جڙڻ کانپوءِ
سُتَتُ ئي ڪئي وئي. محمد ايوب خان پنـﻫـجي ڪتاب ۾ لکيو ته:“ اهو منـﻫـنجو خيال آهي
جيڪو 1951ع ۾ منـﻫـنجي ذهن ۾ آيو ۽ مون ئي غلام محمد کي ان تي راغب ڪيو.” ون يونٽ
جي حمايت ۾ رڳو ايوب خان ئي نه پر اسڪندر مرزا به ڪنـﻫـن کان پوئتي نه رهيو جيڪو فوج جو نمائيندو هيو تنـﻫـن به ڪنـﻫـن کان
نه ڊڄندي اهو چٽيءَ طرح چئي ڏنو ته:“ ون يونٽ رستي ٺاهڻ جي انجڻ آهي جنـﻫـن جي
اڳيان ننڍڙا پٿر ڪونه سٽ سـﻫـي سگھندا آهن. ون يونٽ اوس آهي ۽ ڪنـﻫـن کي انـﻫـيءَ
باري ۾ غلط فـﻫـمي نه هئڻ گھر جي.” سنڌ جي مرضيءَ ۽ مفادن جي ڪابه پرواهه نه ڪندي هن ملڪ جي مالڪن
اهو پـﻫـ پچائي ڇڏيو هيو ته ڀلي کين ڪيترو به نقصان ڇونه کڻڻو پوي پر کين اولـﻫـ
پاڪستان کي هڪ صوبو ٺاهڻ لاءِ ون يونٽ ضرور مڙهڻو آهي. انـﻫـيءَ خواهش جي پورائي
لاءِ حد کان وڌيڪ بيچين رهندڙ جنرل محمد ايوب خان پنـﻫـنجي خيالن جو اظـﻫـار
ڪابينا جي هڪ ميٽنگ ۾ هئين ڪندي چوي ٿو ته:“ هيءُ منـﻫـنجو پروگرام آهي. هيءُ ئي
اسانجو مقصد آهي. اسانجي پـﻫـرين ڪوشش اها ٿيندي ته اولـﻫـ پاڪستان کي هڪ صوبو
ٺاهيون. ائين ڪرڻ اقتصادي طور تي فائديمند ٿيندو ۽ دفائي لحاظ کان به وڌيڪ ڪارائتو
ٿيندو پوءِ ڀلي ڪـﻫـڙا به نقصان آڏو اچن، جيڪي ملڪ جي بدران سياستدانن ۾ آهن.” (تقسيم کان تقسيم تائين: شيخ عزيز،صفه: 116،
فيبروري _ 2008ع)
سنڌ، سنڌ جي قومي حقن
جي لتاڙ ڪرڻ هتان جي حاڪمن جي ڄڻ ته پراڻي روايت پئي رهي آهي، ائين پـﻫـرين سنڌ تي
هلائون قابل، قنڌار کان ٿيون پوءِ پنـﻫـنجن به وسان ڪين گھٽايو؛ ان روايت کي
برقرار رکندا آيا. ڌاڙيلن، ڌارين جي واٽ تي هلندي، هتان جي حڪمرانن پـﻫـرين 18
نومبر 1954،55ع ۾ سنڌي قوم جي وجود تي ون يونٽ مڙهي پـﻫـريون وار ڪيو، جنـﻫـن ۾ سنڌي
قوم جو وجود ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جو نالو ئي نقشي، رڪارڊ مان مٽائڻ لاءِ مٿس ون يونٽ
مڙهي ڳاڙهي لڪير ڦيرائي ڇڏي. سنڌ جي نالي اڳيان ‘سابقه ’ لفظ لڳايو ويو آمر
حڪمرانن جو اهو رڳو ‘سابق’ لفظ نه هيو پر سنڌ جي ڪک ۾ ڇرو هيو جيڪو سنڌ، سنڌي قوم
جي سڄڻن جي سيني ۾سنـﻫـين ڇيٽ جيان هُري رهيو هيو. جنـﻫـن جي اچارجڻ سان سنڌ جي
گھايل وجود کي ويتر اذيت اچي رهي هئي. ون يونٽ قائم ٿيڻ سان سنڌ برطانوي دور ۾ 1847ع کان 1935ع تائين 88
سالن کانپوءِ هڪ آزاد وطن ته نه پر جيڪا صوبائي حيثيت حاصل ڪئي هئي اها به وري هن
ملڪ ۾ ون يونٽ مڙهي کانئس کسي وئي. انگريز جڏهن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪيو ته تڏهن کان
اڄ تائين جي عرصي مان 103 سال ته اهڙا هيا جن ۾ سنڌ کي ڪا جدا انتظامي حيثيت به
حاصل نه ٿي سگھي 18 نومبر 1954ع تي ون يونٽ ٿيو جيڪو لڳ ڀڳ 16 هن سال هليو جنـﻫـن
سنڌي قوم کي آمريتي نظام جي اهڙي عذاب مان نڪرڻ لاءِ مڙي مٺ ٿيڻ تي مجبور ڪيو، جن چيلـﻫـين
سان سندرا ٻڌي اهڙي تاريخي جنگ جوٽي، جو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جو محاذ 16 هن
ورهين کانپوءِ اڄوڪي ڏهاڙي پـﻫـرين جولاءِ 1969ع تي فتح ڪري ڏيکاريو.
ون يونٽ، مڙهڻ واري
سوچ جا ڪـﻫـڙا مفاد هيا، ۽ اهي ڪـﻫـڙا
محرڪ هيا جن جي ڪري صوبن جي حيثيت ختم ڪري مٿن ون يونٽ مڙهيو ويو، انـﻫـيءَ ڪـﻫـاڻيءَ
جي سڀني پاسن تان پروفيسر اعجاز قريشيءَ پاران علي احمد قريشي (وڪيل) جي سـﻫـيڙيل
ڪتاب ‘يادن جا ورق’ ۾ مصنف هئين پردو لاهيندي ون يونٽ بابت ٻڌائي ٿو ته:“ 55، 1954ع
۾ پنجابين جو زور ٿيو ته پاڪستان جي چئن پرڳڻن کي ملائي ‘ون يونٽ ’ ڪجي ۽ ان کي
اولـﻫـ پاڪستان ڪوٺجي ۽ بنگال کي اوڀر پاڪستان سڏجي ۽ ٻنـﻫـين پرڳڻن کي اسيمبلين سميت
برابري ڏني وڃي بنگالي جيتوڻيڪ گھڻائيءَ ۾ هيا تنـﻫـن جي باوجود به اهو مسودو منظور ڪيو ويو ۽ اسانجي اولـﻫـ
پاڪستان جي سڀني پرڳڻن کي جڪڙي ‘ون يونٽ’ قائم ڪري پنجاب جي بالادستي قائم ڪئي
وئي. ون يونٽ 1954ع آڪٽوبر ۾قائم ڪيو ويو بنگالي ان ۾ خوش ٿيا ته ملٽري ۽ ٻين سڀني
کاتن ۾ کين اڌو اڌ حصو ملندو. پر اهو غلط ثابت ٿيو ۽ پنجاب جي ملٽريءَ جو اثر
هلندو آيو. جڏهن ايوب مارشل لا هنئين ته هن پـﻫـرئين ڏينـﻫـن اعلان ڪيو ته پاڪستان
جو آئين ختم آهي، پر‘ ون يونٽ ’ قائم رهندو ۽ سندس دور ۾ ون يونٽ هلندو
رهيو.”(يادن جا ورق، صفحه _ 120 ، جولاءِ 2012ع )
اها ته انـﻫـن ڌرين کي به
خاطري هئي ته ون يونٽ مڙهڻ سان ان جي سنڌ مان مزاحمت ضرور ٿيندي، سنڌ اهڙي عمل کي
ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪو نه ڪندي تنـﻫـن ڪري هنن سياسي هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، سڀ
کان اول هنن کي اهڙو ماڻـﻫـون گھرجي پيو جيڪو هنن کي ان مقصد لاءِ سنڌ اسيمبليءَ
مان ون يونٽ جي حمايت ۾ يڪراءِ فيصلو بحال ڪرائي ڏئي، جنـﻫـن جي حامي ان وقت جي
وزير اعلى ستار پيرزادي ڀرڻ کان صاف انڪار ڪيو، ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ
جي 102 ميمبرن مان 98 ڄڻن حمايت ۾ ووٽ ڏنا، ان لاءِ سرڪار ۾ ان وقت جي وزير اعلى
ستار پيرزادي جڏهن انڪار ڪيو ته پوءِ ان جي جاءِ تي پير علي محمد راشديءَ جي مشوري
سان محمد ايوب کـﻫـڙي کي آندو ويو (ايوب کـﻫـڙو جنـﻫـن کي پرودا تحت 4 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو جو هن
ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي ) جيڪو ان وقت پروڊا PRODA)) جي پابندين هيٺ هيو. هنن 8نومبر 1954ع تي پيرزادي جي وزارت کي
ڊسمس ڪري، کـﻫـڙي تان پروڊا جون پابنديون ختم ڪري کيس سنڌ جو حاڪم بڻايو، اهڙي
مقصد ماڻڻ لاءِ گورنر جنرل غلام محمد جي پـﻫـرين نظر پير علي محمد راشديءَ تي پئي
جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ ايوب کـﻫـڙي کي وڌيڪ ويجھو هو. “ گورنر جنرل، راشديءَ سان
ملاقات ڪئي ۽ اها خاطري ورتي ته جيڪڏهن پيرزادي کي ڊسمس ڪري کـﻫـڙي کي اها ذميواري
ڏني وڃي ته ڇا هو ون يونٽ جو بل اسيمبليءَ مان پاس ڪري ئي ڏيندو، محمد ايوب کـﻫـڙي
۽ راشديءَ کي مقامي سياست ۾ پنـﻫـنجي ذاتي مخالفت برابر ڪرڻي هئي، تنـﻫـن هڪدم کڻي
ها ڪئي، نتيجي طور 8 نومبر 1954ع تي ستار پيرزادي جي حڪومت کي ڊسمس ڪري محمد ايوب
کـﻫـڙو کي سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو ويو. جنـﻫـن تان هڪ خاص فرمان ذريعي پروڊا، PRODA) ) جون سموريو پابنديون
هٽايون ويون هيون. ايوب کـﻫـڙو ان وقت سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر به ڪونه هيو کيس ٽنڊو آدم، شـﻫـدادپور
جي سيٽ تان بنا مقابلي کٽرايو ويو، ان وقت سندس مقابلي ۾ قاضي فيض محمد، رائو فتح
محمد، عارف علي شاهه ۽ ڊاڪٽر مجيد نظامي، مخالفت ۾ بيـﻫـڻ پئي
چاهيو پر فارم جمع ڪرائڻ وقت 2 ميل پري سندن گاڏيو روڪيون ويون، هو پنڌ ڪري به
پهتا پر تيسين فارم جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿي چڪو هيو، ائين ئي کـﻫـڙو بنا مقابلي سنڌ جو ميمبر ۽ پوءِ وڏو وزير چونڊ جي ويو.
اهڙي ريت پير علي محمد راشدي به پنـﻫـنجي حڪمت عمليءَ ۾
ڪامياب ويو. نوجوان دانشور جامي چانڊئي چواڻي ته: “محمد علي بوگراهه جي وزيراعظم
ٿيڻ پٺيان به ساڳيو محرڪ هيو ۽ اهو ئي سبب هيو جو ناظم الدين جي حڪومت کي برطرف
ڪري هڪ بنگالي محمد علي بوگراهه کي وزيراعظم بڻايو ويو. ڇو ته پنجاب جي حڪمران
طبقي اهو ڪم هڪ بنگاليءَ کان ٿي وٺڻ گھريو. ون يونٽ عملي طور لاڳو ٿيڻ کانپوءِ
مشتاق گورماڻي نئون گورنر ۽ ڊاڪٽر خان وڏو وزير مقرر ٿيا، کـﻫـڙي کي
آسرو ڏنو هئائون ته توکي وفاقي ڪابينا ۾ کنيو ويندو.”
ڏهن ڏهاڙن کانپوءِ 18
نومبر 1954ع جي دست راست ۽ خاص ماڻـﻫـون پير علي محمد راشدي اخباري ڪانفرنس ڪوٺائي
ون يونٽ اسڪيم جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته انـﻫـيءَ اسڪيم کي هڪ مـﻫـينو پوءِ ٿيندڙ سنڌ
اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. هي باضابطه اعلان هيو، جنـﻫـن سان سنڌ ۾ ردي
عمل ٿيڻ فطري هيو. پر کـﻫـڙي ۽ سندس حوارين ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي بلڪ هر اٿندڙ
آواز کي دٻائڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون هيون، چئن ڏهاڙن کان پوءِ 22 نومبر تي وزير
اعظم محمد علي بوگرا ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي سياستدانن جي گھرايل هڪ ميٽنگ ۾ هن اسڪيم جي
باري ۾ ردي عمل حاصل ڪيو، جنـﻫـن ۾ ڪنـﻫـن کي به ڊبيٽ ، تقرير، ڪرڻ جي ڪابه اجازت
نه ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن ۾ هڪ دستاويز ورهايو ويو جنـﻫـن تي ون يونٽ لفظ وٺڻ
کانسواءِ اهو ڏسيل هيو ته اولـﻫـ پاڪستان جا سمورا صوبا هڪ ڪيا وڃن، هي دستاويز
غالبن ممتاز محمد خان دولتانه(ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هو) جو لکيل هئو. انـﻫـيءَ
شام جو ئي وزير اعظم محمد علي بوگرا ( جيڪو بنگالي هو) باضابط طور تي ريڊيو
پاڪستان تان هڪ اعلان ڪيو ته: حڪومت اولـﻫـ پاڪستان جي سمورن صوبن کي ملائي هڪ ڪرڻ
جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻي هن فيصلي تي سمورن صوبن ۽ ٻين رياستن کان
فيصلو وٺڻو هيو. گورنر جنرل غلام محمد ته اڳ ۾ ئي سمورن صوبن سان ڳالـﻫـائي ڇڏيو
هو تنـﻫـن ڪري هنن کي انـﻫـن جي ڪابه ڳڻتي ڪانه هئي، خيرپور ۾ ڪزلباش حڪومت هئي جنـﻫـن
پوري اولـﻫـ ۾ سڀني کان اڳ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، بـﻫـاولپور جي رياست به ڪا گھڻي
دير ڪانه ڪئي،
25 نومبر تي سرحد جي
وزير اعلى سردار عبدالرشيد اها رٿ ٿوري مخالفت سان گڏ پاس ڪرائي ڇڏي، مخالفت ٿيڻ
جو امڪان هيو ته سنڌ مان هيو.”( تقسيم کان تقسيم تائين: شيخ عزيز: 117 _ 118 ،
فيبروري 2008ع )
8 نومبر 1954ع تي ستار پيرزادي جي وزارت کي ڊسمس
ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾ عوامي اڀار جي لـﻫـر شروع ٿي، ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ احتجاجن سان
گونجڻ لڳي ته انهيءَ ڳالـﻫـ تي ايوب کـﻫـڙي کي ڏاڍي مٺيان لڳي، جن شاگردن ون يونٽ
خلاف احتجاج ٿي ڪيو، جن اخبارن سنڌ، سنڌين کي ان خطري کان آگاهه ٿي ڪيو، ون يونٽ
جا نقصان ٿي بيان ڪيا، تن کي سزا ڀوڳڻي پئي. اهڙي عتاب هيٺ ايندڙ اخبارن ۾ روزنامه
الوحيد، ڪاروان حيدر آباد، سري فـﻫـرست رهيون. ان کان علاه ڪيترا ئي ڪتاب، رسالا
ان پابنديءَ هيٺ ڪافي وقت تائين‘ قيدي ’ رهيا.
آگسٽ 1955ع تي ون يونٽ
مخالف محاذ جو ڪراچيءَ ۾ اجلاس ٿيوجنـﻫـن جي ڪوٺ شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ ڏني ان اجلاس جي صدارت خان غفارخان ڪئي اجلاس ۾ سائين جي ايم
سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، عبدالصمد خان اچڪزئي، کان علاوه ٻين ڪيترن ئي نامور
سياست دانن شرڪت ڪئي. سنڌ سان ون يونٽ جي آڙ ۾ وڏو ظلم ڪيو ويو، انـﻫـن ڏهاڙن ۾ سنڌ
جي نالي اڳيان سابقه لفظ لکجڻ، پڙهجڻ لڳو، عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ اخبارن تي
پابندي مڙهي سچ لکندڙ صحافين ۽ اخبار وارن کي جيل موڪليو ويو، رات جي اونداهيءَ ۾
اخبارن جي پيشانيءَ، لوگي تان سنڌ جو نقشو هٽرايو ويو، جن ساڃـﻫـ وندن جي دل ۾ ان
درد جي آڳ اُڀامي رهي هئي تن اديبن، شاعرن اهڙن ارڏن قلمڪار، ڏات ڌڻين کي جڏهن
اخبار وارن اظـﻫـار راءِ جو حق ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي ته انـﻫـن اديبن ۽ شاعرن تي سرڪاري ادارن ۾ نالو وٺڻ تي به پابندي لڳائي وئي.
شيخ اياز جي گيتن تي ريڊيو، ٽي ويءَ تي پابندي لڳائي وئي. جڏهن ڪمانڊر،
برگيڊيئر(ان وقت جي) ٽڪا خان جي چئن سٽن جي حڪم سان اسڪولي نصابن مان سنڌي ٻولي
پڙهڻ ڪڍيو ويو ته اهو درد سنڌ جي حلالي پٽن کان سـﻫـيو نه ٿيو، جنـﻫـن خلاف سياسي،
سماجي، ادبي، شاعر، وڪيل ۽ شاگرد، هاري مزدورن پاڻ ملـﻫـائڻ لاءِ ون يونٽ خلاف هلندڙ جدوجـﻫـد
۾ پنـﻫـنجي وس وت ۽ ڄاڻ آهر روح ڦوڪڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا، جنـﻫـن ۾ اديبن، شاعرن
پنـﻫـنجي شاعريءَ کي وسيلو بڻائي قوم ۾ جاڳرتا مـﻫـم شروع ڪئي جنـﻫـن تي سنڌ جي آواز
شيخ اياز رڙ ڪندي چيو هيو ته:
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ
به نعره نيـﻫـن جا،
سنڌڙيءَ جو سڳنڌ،
مرنداسين پوءِ به مُرڪندي.
انـﻫـن ڏهاڙن ۾ سنڌ جو
نانُ وٺڻ به ته ڄڻ ڪاريـﻫـر تي پير اچڻ برابر هيو، پر سنڌ جو هر حلالي فرزند انـﻫـيءَ
ڪاريـﻫـر مٿان پير ڏئي جاڳرتا مـﻫـم جو حصو بڻجندو اڳتي وڌندو رهيو. ون يونٽ واري
نانگ تي لت ڏئي قوم کي اتساهيندي اياز چيو
ته:
سنڌڙي تنـﻫـنجو نانُ
ورتم،
ڄڻ ڪاريـﻫـر تي پير
پيم!
سنڌ جي تاريخ جو هي اهو
ڪارو دور هو جنـﻫـن ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ به ڏوهه جيان هيو. تن ڏهاڙن ۾ سنڌ جي
شـﻫـرن حيدرآباد، لاڙڪاڻو اسٽيشن تان سنڌ جو نالو ختم ڪيو ويو، لفافن، پمفليٽن ۽
ڪتابن ۾ سنڌ لکڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو. سنڌي جي ٻولي، تـﻫـذيب ثقافت، ختم ڪرڻ جا سانڀاهـ
ڪيا ويا. سنڌ جي موجوده حالتن جيان سنڌ جا نوجوان بيروزگاريءَ سبب پريشان
ٿيندارهيا، ته ٻئي طرف وري ڦورن کي سنڌ جون سرسبز زمينون ۽ ٻين مالي وسيلن تي قابض
بڻايو ويو، جن کي ون يونٽ جي آڙ ۾ سنڌ لٽڻ جو موقعو ملي ويو جن پنـﻫـنجي وسان ڪين
گھٽايو، جن ماڻـﻫـن پنـﻫـنجا ڇسا مفاد ماڻڻ لاءِ ون يونٽ مڙهيو، سي پنـﻫـنجا مفاد ماڻڻ ۾ مصروف رهيا. سنڌ جي وسيلن جي اهڙي
بي حسيءَ سان ٿيندڙ ڦر لٽ تي انـﻫـن ڏهاڙن ۾ اياز سنڌ کي سجاڳ ڪري سندرا ٻڌي تيار رهڻ لاءِ چيو هيو
ته:
سوين آيا سنڌ ۾، نوان
نادر شاهه،
ڪانـﻫـي ڪا تاريخ ۾،
ويڙهه سواءِ ٻي واهه،
متان موٽو ماڳ تان، متان سوچي ساهه.
ون يونٽ خلاف هڪ طرف
شاعر، اديب، دانشور، شاگرد، شاگردياڻيون ۽ پورهيت پنـﻫـنجو پاڻ ملـﻫـائي قوم ۾سجاڳي
پيدا ڪري رهيا هيا ته هوڏانـﻫـن وري سياستدانن پنـﻫـنجي مـﻫـم گھر گھر، گھٽي گھٽي،
ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ وستي شروع ڪري سڄي سنڌ کي احتجاجن جي ڌرتي بڻائي ڇڏيو؛ جنـﻫـن
سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، غلام محمد ڀرڳڙي، رشيد ڀٽي، قاضي
فيض محمد، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، محمد فاضل راهو، لالاقادر، ايڊوڪيٽ حفيظ
قريشي، علي احمد قريشي، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، ميرٿيٻو، ڪامل راڄپر، جيجي زرينا
بلوچ، اختربلوچ، ڀيڻ رياض ميمڻ، ۽ ان علاوه ٻين ڪيترن ئي قوم جي گھڻ گھرن پنـﻫـنجو
ڏينـﻫـن رات هڪ ڪري قوم کي بيدار ڪري سنڌ تي مڙهيل ون يونٽ خلاف جدوجـﻫـد کي
ڪامياب ڪري ون يونٽ کي ٽوڙائي پوءِ ساهه پٽيو. سنڌ جي هن مزاحمتي تحريڪ ۾ ڪيترن ئي
ڌرتيءَ ڌڻين، حلالي پٽن پاڻ ملـﻫـايو، جن جي ڪيل اهڙي جدوجـﻫـد کي وساري نه ٿو
سگھجي.
هي آرٽيڪل انـﻫـن سڀني ڪردارن کي سلام طور پڻ پيش
ڪجي ٿو. جن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، شمشيرالحيدري، تنويرعباسي، امداد
حسيني، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، پروانو ڀٽي، جـﻫـڙن
۽ ٻين عظيم انسانن امر گيت لکي قوم کي سستيءَ جي ننڊ مان سجاڳ ڪري ميدان عمل ۾
آندو، عبدالغفور ۽ جيجي زرينا بلوچ جن پنـﻫـنجي مٺڙي آواز ۾ قوم جي خون کي گرمايو،
عوام پنـﻫـنجون سڀ مصروفيتون ڇڏي سندن ڳايل گيتن تي رقص ڪندو رهيو ۽ اياز جي گيتن
سان هم آواز ٿي چوندو رهيو ته: “ سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سـﻫـندو ڪير ميار او
يار! ” يا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو گيت ته:“ جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام شـﻫـادت
پيئي سنڌ ” جيڪوان وقت ۾ سنڌ ( ۾ قومي سلام واري حيثيت ماڻي چڪو هيو) جو نعرو بڻجي
ويو هيو، ها! ياد پيم ته: عبدالطيف ملاح پنـﻫـنجي پروفائل ۾ ٻڌايو هيو ته:“ جنـﻫـن
وقت ون يونٽ ٽٽو هيو ته ان جي اعلان ٿيڻ جي خوشخبري اسان کي جيل ۾ جيلر پنـﻫـور
ٻڌائي هئي. اڄ جيلر بنا ڪنـﻫـن اطلاع جي آيو ۽ اسان جي مٿان بيـﻫـي وڏي آواز سان “
جيئي سنڌ” چئي ٻڌايائين ته رات ون يونٽ
ٽٽڻ جو اعلان ٿي ويو آهي،” ائين ئي سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن، پورهيت طبقي
۽ بـﻫـادر نياڻين جي ڪيل اڻ ٿڪ جدوجـﻫـد رنگ لاتو، سنڌ جي سَريرَ ۾
اٽڪيل ايامن جو طوق ٽٽو. جڏهن سنڌ جي ڪنڌ مان آمريت جا ڇڻڪو ڏئي زنجير ٽٽڻ لڳا ته نئين
چيف مارشل لا ايڊ منسٽريٽر محمد يحى خان به مجبور ٿي پـﻫـرين جولاءِ 1969ع تي ون
يونٽ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. ان ڏهاري اياز جي هنن سٽن به ساڀيان جو روپ ورتو ته:“
نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي، دوکي جي ديوار او يار!”
توڙي جو اڄ هن ملڪ ۾
جھموريت بحال آهي، پر سنڌ جون حالتون اڄ به ون يونٽ جي دور جـﻫـڙيون ئي آهن. سنڌ
اڄ به سورن ۾ آهي، ڌاريا اڄ به سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ڪري رهيا آهن، سنڌ کي اهڙين
حالتن مان نجات ڏيارڻ لاءِ وري ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ جـﻫـڙي ٻڌيءَ جي ضرورت
آهي. اسانجي سڄاڻ ڌرين کي وري مڙي مٺ ٿيڻ جي ضرورت آهي. تاريخ ساکي آهي ته سنڌ
جڏهن به ڪنـﻫـن اجتمائي مسئلي لاءِ مڙي مٺ ٿي آهي ته اها سنڌ جي تاريخي ويڙهه ثابت
ٿي آهي، جنـﻫـن ۾ سنڌ فاتح بڻي آهي، جنـﻫـن لاءِ اڄوڪو ڏهاڙو اتساهه ڏئي ٿو. سنڌ کي هنن حالتن ۾ سسئي ۽ سـﻫـڻيءَ جـﻫـڙو
ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
moulaiem@yahoo.com
(
روزاني عوامي آواز ڪراچي ، پهرين جولاءِ 2013ع )
سنڌ جي سَريرَ تان ڇڻڪو
ڏئي ڇڻندڙ زنجيرن جو ڏڻ!
(پورو ٿيو)
No comments:
Post a Comment