جڏهن به 5 جولاءِ ايندي آهي!
مولائي ملاح
5 جولاءِ 1977ع جي
تاريخ جمـﻫـوريت تي لڳل راتاهي، ڪاري ضرب جي تاريخ آهي. هن ديس مٿان آمريت جا ڪارا
ڪڪر ان وقت چڙهي آيا هيا جڏهن عالمي دنيا ترقيءَ جي راهه تي گامزن هئي؛ قومون آزاديءَ
۽ ملڪ جمـﻫـوريت جي سفر ڏانـﻫـن ڪَرَ موڙي رهيا هيا، تڏهن اسان جي ديس تي عالمي
سامراج، سرمائيدار جي آشيرواڌ سان آمريت جي ڪاري رات چڙهي آئي، جنـﻫـن جمـﻫـوريت تي
راتاهو هڻي 11هن سالن تائين عوام مٿان سامراج جي هڪ اشاري تي آمريت جي راج کي قائم
رکيو.
هن ديس ۾ جمـﻫـوريت سان
5 جولاءِ جـﻫـڙو ورتاءُ نه ٿئي هان، جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو 7 ڪروڙ عوام (ان وقت جي
آبادي) سان غداري ڪري کين عالمي سامراج جي اڳيان وڪرو ڪري اچي ها، پوءِ ٿئي ائين
هان ته هن ديس ۾ مارشل لاءَ ته نه هجي ها پر جمـﻫـوريت به سڄي حياتي هڏ ڪين ۾ هجي
هان، پر هن عالمي جمـﻫـوريت پسند اڳواڻ ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو، ذلفي ڀٽو ضمير
فروش، غدار بڻجڻ بجاءِ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر کي اکيون اکين ۾ ملائي، سندس مرضيءَ
مطابق سندس گوڏن ۾ ڪنڌ جھڪائڻ کان صاف انڪار ڪيو. ذلفي ڀٽي جي ڪيل اهڙي کليل انڪار
کان پوءِ آمريڪي پرڏيـﻫـي وزير هينري ڪيسينجر ڀٽو کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني،
پر ڀٽو سندس آڻ مڃڻ ۽ ڀڀڪين سان ڀڄڻ وارو ڪونه هيو، عالمي سامراج کي جڏهن اها پڪ
ٿي ته ڀٽو سندس سازش جي ڄار ۾ ڦاسڻ وارو پکي ناهي، ته ان فوري طورتي پنـﻫـنجي
پاليسي تبديل ڪئي، هن ديس مان غدار ۽ غلام ڳولـﻫـڻ، خريدڻ شروع ڪيا. انـﻫـن جي
ڊگھي لسٽ جڙي جڏهن تيار ٿي ته انـﻫـن ڊالرن عيوض پنـﻫـنجي ديس جي ترقي، امن ۽ جمـﻫـوريت
تي راتاهي هڻڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ شروع ڪئي، اهڙي عمل سان سامراج کي به پنـﻫـنجي ڇسي
عمل ۾ سوڀ ملڻ جي پڪ ٿي. هن ديس ۾جڏهن ولايتي شراب ۽ ڊالرن جي رسد شروع ٿي ته هن
ديس جا موتيءَ داڻا ميلن ۾ وڪامندڙ انڌن ڪاڻن اٺن جي اگھ کان به گھٽ وڪامن لڳا،
اهڙي ويڪائو ڪاڻي مال لاءِ منشي ابراهيم هئين چيو هو ته:
واهه ڙي ماڻـﻫـون
موتيءَ داڻا،
توکان ته مـﻫـانگا ميلن
ها،
اٺ وڪاڻا انڌا ڪاڻا!
اهڙي عمل کان پوءِ ئي
هتي ڀٽو خلاف آمريڪن اسٽائيل ۾ پـﻫـريون ڀيرو ڦيٿا روڪ جـﻫـڙا مظاهرا ٿيڻ لڳا.
حڪومت خلاف ملڪ جون مسجدون استعمال ٿيڻ لڳيون، جنـﻫـن جو ڪوئي نظام ئي نه هيو اهي به
نظامِ مصطفى جي آڙ ۾ حڪومت خلاف واويلا ڪرڻ لڳا.
21 جنوري تي نون جماعتن
گڏجي “ پاڪستان قومي اتحاد ” ٺاهيو جنـﻫـن کي “ نون ستارا ”
سڏيو ويندو هيو، قومي اتحاد جي قيام جي اعلان کانپوءِ اليڪشن ۾ٿيل ڌانڌلين خلاف شروع
ٿيل تحريڪ اڳتي هلي نظامِ مصطفى جي نفاذ جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي، اصغر خان جـﻫـڙا
اڳواڻ فوج کي ميدان ۾ اچڻ جي دعوت ڏيڻ لڳا پوءِ جڏهن “ڪتي چورن سان ٻڌي ” ته پوءِ
عالمي سامراج کي به پنـﻫـنجي آمريت جي پکيڙ ۽ ڀٽو حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ جي پڪ ٿي، ان
کان پوءِ آمريڪا ڀٽو کي ڀوائتي انجام ڀوڳڻ جون ڀڀڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، 5جولاءِ جي
کچڻي 3،4 جولاءِ کان ڪونه پڪي هئي، اها وقت کان ڪافي اڳ پچي چڪي هئي، ڪنـﻫـن شاعر
جيان ته:
وقت ڪرتا هئي پرورش
برسون،
حادثا ايڪ دم نـﻫـين
هوتا.
آمريڪا، ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مخالف هيو،
خصوصن انـﻫـن ڏهاڙن ۾ جڏهن آمريڪا ۾چونڊون ٿي رهيون جنـﻫـن ۾ جمي ڪارٽر ۽ جيرالڊ
فوراڊ وچ ۾مقابلو هلي رهيو هيوته،
ڀٽو آمريڪي سفير کي گھرائي اهو چيو هو ته: آمريڪي اليڪشن ۾ جيرالڊ فوراڊ جي
ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو آهيون، آمريڪي اليڪشن ۾ ڀٽو جي توقعات جي برعڪس جمي ڪارٽر
ڪاميابي ماڻي ورتي، ڊيموڪريٽڪ پارٽي پنـﻫـنجي روايتي ڀارت نواز پاليسيءَ تي ڪاربند
رهڻ سان گڏوگڏ هو ڀٽو جي بيانن جي ڪري ان سان ذاتي رنجش رکڻ لڳا. پاڪستان ۽ فرانس
جي وچ ۾ ايٽمي ري پراسيسنگ پلانٽ جي فراهميءَ جو معاهدو جنـﻫـن کي هن پنـﻫـنجي
وقار جو مسئلو ٺاهي ڇڏيو. ڀٽو عرب اسرائيل جنگ دوران جـﻫـڙي طرح مصر ۾ شام جي فوجي
مدد ڪئي، ڪيسينجر جيڪو پاڻ يـﻫـودي هو ان کي ۽ آمريڪا کي اهو خوف هيو ته اگر
پاڪستان ايٽمي ري پرا سيسنگ پلانٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ ايٽم بم ٺاهي ورتو
ته اهو اسرائيل جي خلاف به استعمال ٿي سگھي ٿو، اهي سبب ٻڌايا وڃن ٿا آمريڪا جا ڀٽو
سان دشمنيءَ جا جنـﻫـن ڪـﻫـاڻيءَ جي شروعات 5 جولاءِ 1977ع کان ٿي 4 اپريل
1979ع تي پڄاڻي ٿي،
آمريڪا پنـﻫـنجي پلاننگ وقت کان 10 سال اڳ ڪندو
آهي ۽ ان جو اظـﻫـار پوءِ ڪندو آهي هت ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ سان به ائين ئي ٿيو، چون
ٿا ته:“ جنرل ٽڪا خان جي رٽائرمينٽ کان 6 مـﻫـينا پـﻫـرين ڪرنل بلاٽي جيڪو آمريڪي
سفارت خاني ۾ ملٽري اتاشي جي عـﻫـدي تي فائز هيو، هو انتـﻫـائي اهم ۽ باخبر
ماڻـﻫـون هيو ان پشاور ۾ هڪ فوجي آفيسر سان گلف راند کيڏڻ وقت اهو انڪشاف ڪيو هو
ته: توهانجو آئينده چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق هوندو.” ان وقت ان عـﻫـدي
جي لاءِ ٽي نالا سري فـﻫـرست هيا جن ۾ جنرل شريف، جنرل مجيد ملڪ، ۽ جنرل عزت بخش
اعواڻ، ان وقت جنرل ضياءَ جو نالو ڪنـﻫـن جي وهم گمان ۾ به ڪونه هيو ۽ پوءِ دنيا
ڏٺو ته جنرل ضياءُ پنـﻫـنجي ڪيئي جنرلن کي سپر سيڊ ڪري فوج جو سربراهه بڻجي ويو. “
وقت ڪرتاهئي پرورش برسون” جيان.
ملڪ ۾ جڏهن( P N A
) جي تحريڪ نظامِ مصطفى کي اشو بڻائي زور
ورتو ته: “ڀٽو چيو ان ۾ عالمي قوتون ملوث آهن هي سڀ انـﻫـن جي اشاري تي ٿي رهيو
آهي، ملڪ ۾ غير ملڪي ڪرنسي پاڻيءَ وانگي وهي رهي آهي، ڪراچيءَ ۾ ڊالر 6 ۽ 7 روپين
جو ٿي ويو آهي ماڻـﻫـن کي اذانون ڏيڻ لاءِ پئسا ڏنا ويا آهن، جيل وڃڻ لاءِ ماڻـﻫـن
کي معاوضو ڏنو وڃي ٿو، هي قومي اتحاد جي سازش نه پر بين الاقوامي سازش آهي، بلڊ
هائونڊز منـﻫـنجي خون جا پيا سا آهن” جڏهن پي اين اي سان ڳالـﻫـيون هلي رهيو هيون
ته انـﻫـن ڏهاڙن ۾ 28 اپريل 1977ع جي شام وزير اعظم قومي اسيمبليءَ جي سامـﻫـون
پوڻن ٻن ڪلاڪن تائين ڪيل پنـﻫـنجي جوشيلي تقرير ۾ چيو ته :“ هاٿي مون کان ناراض
آهي، ويٽنام ۽ وچ اوڀر ۾ اسانجي موقف کي تسليم نه ڪيو اسان عربن کي هٿيار سپلاءِ ڪيا،
اسان ايٽمي پلانٽ تي قومي مفادن مطابق موقف اختيارڪيو هي بحران بين القوامي سازش
جو نتيجو آهي. قومي اتحاد جي ليڊرن ۾
ايترو دماغ ئي ناهي جو هو منـﻫـنجي خلاف
تحريڪ کي ايترو کڻي اچن، ڀٽو چيو ته: هاٿيءَ جو حافظو ڏاڍو تيز ٿيندو آهي
منـﻫـنجو هي جرم معاف نه ڪيو ويو چين سان دوستيءَ وارو، چين سان هاٿيءَ جا شديد
اختلاف هيا مان چين سان تعلقات بـﻫـتر ٺاهيا ته منـﻫـنجو اهو جرم ٿي پيو، مان وچ
اوڀر ۾ عربن جي حمايت ڪئي منـﻫـنجي حمايت زباني يا سياسي نه پر فوجي نوعيت جي هئي،
آگسٽ 1977ع ۾ آمريڪي پر ڏيـﻫـي وزير هينري
ڪيسينجر لاهور ۾ مونکي ڌمڪي ڏني ته اگر پراسينگ پلانٽ تي مان پاليسي تبديل نه ڪئي
ته مونکي خوفناڪ انجام جو عبرت ناڪ مثال بڻايو ويندو” ڀٽو پنـﻫـنجي اقتدار جي آخري
ڏهاڙن ۾ پاڻ سان ۽ پاڪستان سان بين
القوامي سازشن ۽ دشمنيءَ جو پنـﻫـنجي تقرير ۾ راز فاش ڪري عوام کي آگاهه ڪري ڇڏيو
هو.
پ پ پ حڪومت خلاف پي
اين اي جي هلايل تحريڪ جڏهن ملڪ ۾ زور ورتو ته ڀٽو ڳالـﻫـين جي ميز تي آيو، حڪومت
۽ پي اين اي ۾ هلندڙ ڳالـﻫـيون جڏهن آخري موڙ تي پـﻫـتيون ته ديس سان وڏي وفاداريءَ جي حام هڻندڙن جي اکين
جا تيور تبديل ٿيڻ لڳا ( ڍول سپاهين) جي جنرل جي نيت ۾ پيدا ٿيل خلل ظـاﻫـر ٿيڻ
لڳو، ۽ هو انـﻫـن ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ هر ميٽنگ ۾ خاموش خاموش رهڻ لڳو، ۽ پنـﻫـنجي ضد تي اٽڪيل رهيو، 4 ، 5 جولاءِ
جي وچين رات 30 _ 11 وڳي ڌاري جڏهن ڀٽو صاحب پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته ٺاهه تي
صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سڀاڻي صبح جو اهو P N A( سان ٺاهه ٿي ويندو اها پريس ڪانفرنس هڪ ڪلاڪ تائين جاري
رهي” جمائت اسلاميءَ جي نائب امير پروفيسر
غفور احمد به ان جي ڪٿي وضاحت ڪئي هئي ته: اسان پي اين اي وارا ته ڀٽو سان ٺـﻫـي چڪاهيا سين ، پر چوٿين ۽
پنجين جولاءِ جي وچ واري رات 1977ع تي فوج اقتدار تي قبضو ڪري ڇڏيو، اها ڀٽو حڪومت
جي آخري پريس ڪانفرنس هئي. ان بعد رات تقريبن اڍائي وڳي فوج حرڪت ۾ اچي وئي ، اهڙي
کڙڪ جڏهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي پئي ته
هن فورن جنرل ضياءَ سان رابطو ڪري کيس چيو ته: هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مان ٻڌو آهي ته آرمي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ڇا هي
صحيح آهي؟ جنرل جواب ڏيندي چيس ته: “توهان صحيح ٻڌو آهي سر! مونکي افسوس آهي جو
ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کانسواءِ ٻي ڪائي واهه نه هئي” ان رات کانپوءِ هن ديس مٿان
آمريت جي ڪاري رات جي شروعات ئٿي جنـﻫـن جو نالو 5 جولاءِ
1977ع آهي. آئين، جمـﻫـوريت، اسيمبليون معطل ڪري “ جو به هٿ ٿيو
اڀو، سوئي هت آ ڪپيل” جيئان نوجوانن سان جيل ڀريا وڃن ٿا، جا مسڪينن ۽ معصوم ماڻـﻫـن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏي
ٿي، نوجوانن سان جيل ڀريا وڃن ٿا، جمـﻫـوريت لاءِ آواز بلند ڪندڙ بـﻫـادر ڪارڪنن
کي ٽڪ ٽڪيءَ تي چاڙهي، انـﻫـن جي پٺن کان گوڏن تائين اڌ اگھاڙي جسم مٿان، شمر جو
ڀاءُ جنرل ضياءُ ڪوڙا وسائي سندن جسم تي ظلم جو هڪ داستان لکي ٿو. جڏهن جوانن جي
جسم مان رت ڦوهارا ڪري وهڻ لڳو ته اهو سياست جي فضا ۾ انقلاب جي سرخي ڦـﻫـلائي ڇڏي
ٿوجنـﻫـن مان M R D)) جـﻫـڙي تحريڪ
جو جنم ٿئي ٿو.
انـﻫـن ڏهاڙن ۾ سنڌ کي هر
طرح سان تاراج ڪيو ويو، جنرل ضياءَ جي تحفن، هيروئين، ڪلاشن ڪوف ڪلچر، ڀنگ ۽ ڀُنگَ
ته عوام جي ڀينگ ڪري ڇڏي جنـﻫـن سنڌ جي
ٽئلينٽ کي ترين تي بيـﻫـاري ڇڏيو. سنڌ آمر
جي اهڙن عملن جي سياسي انداز ۾ مزاحمت ڪئي، انـﻫـن هٿن ۾هٿيار کڻڻ بجاءِ جيل ڀريو
تحريڪ سان سڀ جيل ڀري ڇڏيا. انـﻫـن ڏهاڙن ۾ ڍول سپاهين جي ڪميشن ڪلچر به چڱن ڀلن
واپارين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هيا.چون ٿا ته :“ انـﻫـن ڏهاڙن ۾ نياز اسٽيڊيم حيدر آباد
۾ ڪالي خان کي کنڊ جي بليڪ مارڪيٽينگ جي الزام ۾ کلي عام ڪوڙا هنيا ويا جنـﻫـن کي
ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻـﻫـون آيا هيا، انـﻫـن اهي منظر ائين ڏٺا جئين هو ڪرڪيٽ جي ميچ
ڏسندا هيا اسٽيڊيم ۾ٽنگيل، ٽڪ ٽڪيءَ تي منـﻫـن ڀر اڌ اگھاڙو ستل شخص، جنـﻫـن جي
شلوار گوڏن تائين هوندي هئي اهو ڪالي خان هيو، هن جي سامـﻫـون لائوڊ اسپيڪر فٽ ڪيا
ويا جڏهن جلاد هن کي ڪوڙا هنيا ٿي ان وقت هن جون هانوَ ڏاريندڙ دانـﻫـون سڄي
اسٽڊيم ۾ گونجي رهيون هيون،ان تي ماڻـﻫـون ٻاهران بيـﻫـي زور زور سان هي نعره هڻن
پيا ته: الله اڪبر ....مرد مومن مرد حق
ضياءُ الحق ، ضياءُ الحق...! چون ٿا ته: انـﻫـن ڏهاڙن ۾ ڪالي خان ۽ ان وقت جي
مارشل لا انتظاميه جي آفيسر وچ ۾ رشوت جي رقم تي جھيڙو ٿيو هو.
شمر جي ڀاءُ جنرل ضياءَ
جي مڙهيل آمريت خلاف جن به ويڙهاند ڪئي، جلاوطني ڀوڳي، ٽڪ ٽڪيءَ کان وٺي ڦاهي
گھاٽن جو سينگار بڻيا اهي سڀ جو سڀ قومي هيروز آهن، انـﻫـن جي جدوجـﻫـد جي عيوض ئي
1988ع جي جمـﻫـورت بحال ٿي، جنرل جي 11 هن سالن جي آمريت جتي ملڪ کي ڪمزور ڪيو اتي
هن عوام کان به جمـﻫـوريت پسند اڳواڻ کسيو؛ شمر جي ڀاءُ رڳو ذلفيءَ جو ساهه ئي نه
ورتو پر ڪيترن ئي ڪارڪنن کي به قيدي بڻايو، جمـﻫـوريت لاءِ جدوجـﻫـد ڪندڙ ڪارڪنن
سان جيل ۽ گھاڻا ڀريا ويا. ان ظلم عيوض هو باهه جي شعلن ۾ 17 آگسٽ 1988ع تي سڙي
مئو. تاريخ اڄ تائين اهڙو برو انجام هڪ يزيد جو لکيو ۽ ٻيو جنرل ضياءَ هو.
5 جولاءَ 1977ع کي اڄ
40 سال ٿيا آهن.انـﻫـن ۾ ڪيئي انسان قتل ڪيا ويا ڪيئي ڦٽڪن سبب پنـﻫـنجي زندگين جي سرگرمين کان محروم رهجي ويا. هڪ ڏينـﻫـن جنرل ضياءَ جو جـﻫـاز هوا ۾ ڦاسي پيو
عوام کي جنـﻫـن آمر کان انتقام وٺڻو هيو، جنـﻫـن سان ٻه
پاڻي ڪرڻا هيا، جنـﻫـن سان هڪ هڪ ڦاسيءَ جو حساب ڪرڻو هيو، پٺن تي
ڦٿڪندڙ ڦٽڪن جو زهر پيئارڻو هيو تنـﻫـن عوامي انتقام جي آڳ
کان اڳ ئي آمريڪا يا ڪجھ ٻين ملڪن يا ادارن تاريخ ۾ 11هن سالن جون شاهديون ئي فضا
۾ ڳاري ڇڏيون رڳو هڪ ڏاٺ بچي هئي. عوام جو خواب اڌورو رهجي ويو. هن عوام تي جيڪي ظلم
ڪيا انـﻫـن جي سزا طور قدرت واري کيس ڪوئلو ڪري زمين تي ڦٽو ڪيو ‘نه اڌرڪي رهر نه
اوڌر ڪي صنم ’ جيان. سندس اهڙي عبرت ناڪ موت تي جوهر چيو ته:
اڪ حادثا هئي مشينون ڪي
باضميري ڀي،
جـﻫـاز اس ڪي گناهون ڪا
بوجـﻫـ اٺا نه سڪا،
وهه زندهه رهه نه سڪا
اپني احتساب تڪ جوهر،
وهه اپني حصي ڪا انصاف
لي ڪي جانه سڪا.
توڙي جو اڄ ملڪ ۾
جمـﻫـوريت بحال آهي. فضا ۾ پکي به امن جا گيت آلاپي رهيا آهن، پر تنـﻫـن هوندي به
عوام کان پنجين جولاءِ جا زخم وسريا ناهن!، اها اڀاڳي گھڙي جڏهن به هڪ سال کانپوءِ
اچي ٿي ته جنرل ضياءَ جا ڏنل عوام جي چمڙيءَ تي چهڪ، چاڪ چڪي پون ٿا، پوءِ هر
ماڻـﻫـون مٿس تبرا ڪري ٿو، 5 جولاءِ جمـﻫـوريت پسند عوام جي آمريت کان انڪار جي هڪ
ياد ۽ جنرل ضياءَ جي جمـﻫـوريت تي هنيل ڪاري ضرب جي تاريخ سان گڏ پنـﻫـنجي محسن
سان 90 هزار انڊيا کان آزاد ڪرايل فوجي جوانن پاران ڪيل بي وفائي ۽ بي حسيءَ جي هڪ
تاريخ آهي. افسوس ته اهو آهي جو اهڙي موڙ
تي انـﻫـن 90 هزار آزاد ڪرايل ڍول سپاهين مان ڪنـﻫـن به هڪ اٿي جنرل ضياءَ جي فيصلي
جي مخالفت نه ڪئي!
( روزاني عوامي
آواز _ ايڊيشن _ ڪراچي ، پهرين جولاءَ
2013ع )
احسان فراموشيءَ جي
تاريخ
5 جولاءِ
، جمـﻫـوريت تي لڳل راتاهي جو ڏڻ!
No comments:
Post a Comment