11 جولاءِ، آباديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان
اڄوڪي ڏهاڙي جي سڦلتا
اسانجي سوچڻ ۾ آهي
مولائي ملاح
اڄ پوري دنيا آباديءَ
جو ڏهاڙو ملـﻫـائي رهي آهي. آباديءَ جو عالمي ڏهاڙو، هن ڏهاڙي ملـﻫـائڻ جو مقصد
آباديءَ جي وڌندڙ مسئلن سبب دنيا کي اجاگر ڪرڻ آهي. مطلب ته دنيا کي وڌندڙ آباديءَ
جي متعلق، ان سبب پيداٿيندڙ مسئلن جي حل متعلق ڄاڻ ڏيڻ آهي. سڄي دنيا جيان پاڪستان
۾ به وڌندڙ آبادي هڪ مسئلو بڻيل پئي رهي آهي. جنـﻫـن مان ڪيترائي مسئلا ۽ مونجھارا
جنم وٺن ٿا. ان وڌندڙ آباديءَ، بنيادي وسيلن جي کوٽ سبب غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو جنـﻫـن
مان خودڪشين جـﻫـڙا خوفناڪ واقعا تيزيءَ سان جنم وٺي رهيا آهن. وسيلن جي اڻـﻫـوند سبب
مـﻫـانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. جنـﻫـن مان ڪيترائي
مونجھارا، مسئلا جنم وٺن ٿا، صحت، تعليم، صفائيءَ جـﻫـڙن مسئلن جي ڪري بيمارين ۾
اضافو ٿي رهيو آهي، آباديءَ ۾ اهڙي تڪڙي واڌ سبب پوري دنيا پريشان آهي،
آباديءَ جو تعلق انسان
جي ڄم واڌ، صحت ۽ موت سان آهي. آدمشماريءَ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري
آباديءَ جي تاريخ آهي، پـﻫـريون آبادي شروع ٿي پوءِ ان جي ڳڻپ شروع ٿي. اهڙي هڪ
ڊيٽا ماهرن تيار ڪئي جنـﻫـن ۾ دنيا جا انگ اکر گڏ ڪيا ويا، هڪ يوناني تاريخدان
هيرو ڊوٽس ٻڌائي ٿو ته:“اٽڪل 480 ق م. ۾zerxes يونان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پنـﻫـنجي سپاهين جي ڳڻپ
ڪرائي هئي. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته: آدمشماري پـﻫـريون ڀيرو435 ق م. ۾ روم ۾ ڪئي
وئي وري 470 سالن کانپوءِ آباديءَ جي ڳڻپ ڪئي وئي ته اها 69 ڀيرا وڌي چڪي هئي 90
جي ڏهاڪي ۾ آبادي هر منٽ کانپوءِ 150 فرد ۽ هر ڏينـﻫـن ۾ 2 لک 30 هزار ماڻـﻫـون ۽
هر سال 8ڪروڙ ۽ هر ٻارنـﻫـن سالن ۽ هڪ ارب ماڻـﻫـن جو واڌارو ٿئي ٿو.
آباديءَ جي اهڙي وڌندڙ
شرح تي دنيا اڳ به پريشان رهي آهي جنـﻫـن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اڳ به ڪوششون ڪندي
رهي آهي، ان تي ڪيتري حد تائين روڪ پڻ ڪئي وئي آهي، دنيا ۾ وڌندڙ آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پـﻫـرين
به ڪوشش 1960ع ۾ڪئي وئي جنـﻫـن ۾ آباديءَ جي زد ۾ آيل ملڪ اهڙي ڪوشش ۾ ڪامياب ويا،
آباديءَ جي وڌندڙ شرح سبب دنيا جا امير ترين ملڪ به پريشان ٿين ٿا، جن هر دور ۾
اهڙي ڪوشش ورتي آهي ۽ آباديءَ جي واڌ تي ضابطو پڻ آندو آهي، وڌندڙ آبادي رڳو
پاڪستان جوئي نه پر پوري دنيا جو مسئلو رهي آهي.
1960ع ۾ دنيا جي قل
آبادي 3 ارب 3ڪروڙ 94 لک هڪ هزار 23 هئي،
۽ 1970ع ۾ اها وڌي 3.706618163 تائين پـﻫـتي
يعنى ڏهه سالن جي شرح 20.2 سيڪڙو ٿي. 1980ع ۾ اها شرح 18.5 سيڪڙو 1990ع ۾ 15.2
سيڪڙو 2000ع ۾ 12.6 سيڪڙو تائين پـﻫـتي. دنيا جا امير ترين ملڪ ۽ ڳتل آباديءَ وارا
ملڪ جن ۾ چين، هندستان، پاڪستان، بنگلاديش آباديءَ جي وڌندڙ شرح سبب پريشان آهن.
کين وسيلا ته آهن پر اهي سواليا نشان بڻيل آهن.
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ
آباديءَ وارو ملڪ چين آهي، ۽ ٻئي نمبر تي هندستان آهي، پاڪستان جيڪو نائين نمبر تي
هيو سو هاڻي شايد ته ڇـﻫـين نمبر تي پـﻫـتو آهي، جـﻫـڙي اندازي سان آباديءَ جي شرح
۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي تيزيءَ سان وسيلن ۾ اضافو نه ٿيڻ ڪري دنيا ۽ خصوصن اهي
ملڪ وڌيڪ پريشان رهيا آهن جتي آباديءَ ۾ اضافو وڌيڪ آهي، ڄم روڪ تي ڪنٽرول ناهي. چين
توڙي جو وسيلن جي حوالي سان پاڻ ڀرو آهي، ان جون ٺاهيل اليڪٽرڪ شيون سڄي دنيا ۾
تيزيءَ سان ججھي ۽ سستي اگھ تي وڪرو ٿين ٿيون پر تنـﻫـن هوندي به اهو ايندڙ وقت
لاءِ پريشان آهي، جيستائين آباديءَ جي واڌاري واري شرح کي ضابطي هيٺ نه ٿو آندو
وڃي تيستائين مسئلي جو ڪوبه جوڳو حل نه ٿو ڪري سگھي ۽ وسيلن جي هوندي به پوراءُ نه
ٿو ڪري سگھجي، موجودهه وقت ۾ نه سـﻫـي، پر مستقبل ڀيانڪ ضرور ٿي سگھي ٿو. بـﻫـتر صحت، بـﻫـتر تعليم نه هئن ڪري معاشري،
ملڪ جي بـﻫـتر اڏاوت نه ٿي ڪري سگھجي، بک ۽ بدحاليءَ سبب قومون مايوس ٿيڻ ۾ دير
ناهن ڪنديون، هڪ ماڻـﻫـون ٻن ٻارن بجاءِ جڏهن 8 ٻار پيدا ڪندو ته پوءِ ان سان آباديءَ
۾ اضافو نه ٿيندو ته باقي ڇا ٿيندو، 1947ع ۾ پاڪستان جي جنم وقت آبادي 32.5 ملين هئي
جيڪا هينئر 18 هن ڪروڙ جي حدن کي اورانگھي رهي آهي. پاڪستان جي اهڙي وڌندڙ آباديءَ
تي رڳو پاڪستان ئي نه پر پوري دنيا کي به ڳڻتي آهي.
پاڪستان جي اباديءَ جا
ٽي حصا 75 سيڪڙو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گھاري رهيا آهن وڌندڙ آاباديءَ سبب
بـﻫـتر پلاننگ ۾ پڻ سرڪار پڻ پريشان نظر اچي رهي آهي، وسيلن جي کوٽ سبب صحت، صفائي
روزگار ۽ تعليم کان محروم آبادي ملڪ، سرڪار لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل رهي آهي. سرڪار
پاران اقوامي متحده جي سـﻫـڪار سان اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪجھ ادارا کليل آهن جتي
عوام کي بـﻫـتر معلومات ۽ مفت دوائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ان سان گڏ ٿوري رقم پڻ ڏني
وڃي ٿي، پاپوليشن ويلفيئر جي اسپتال ۾ ڄم روڪ لاءِ مفت دوائون ۽ آپريشن تي ٿوري
رقم به ڏني وڃي ٿي، پر عوام اتي نه وڃي پنـﻫـنجي لاءِ ۽ ملڪ جي لاءِ پريشانين جو
سبب بڻجي رهيو آهي. ڄم روڪ واري عمل ۾ آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ واري پروگرام ۾ عوام
کي به پنـﻫـنجي ذميواري قبول ڪرڻ گھرجي.
عوام جي اهڙي سوچ ۽ سـﻫـڪار سان ئي اڄوڪي ڏهاڙي کي سڦلتا ملي سگھي ٿي، سرڪار ڄمڻ
واري ٻار کي اڳ ئي روڪڻ جو عمل ڪري رهي آهي، پر پيدا ٿيل ٻارن لاءِ هن مـﻫـل تائين
ڪـﻫـڙي پلاننگ ڪئي وئي آهي؟ اهو هڪ سوال آهي جيڪو اڄوڪي ڏهاري سان لاڳاپيل آهي،
سرڪار کي موجودهه آباديءَ جي بـﻫـتريءَ لاءِ به ڪا ترت پلاننگ جوڙڻ گھرجي، جنـﻫـن
سان آباديءَ جي 75 سيڪڙو کي مسئلن جي موت کان بچائي سگھجي. اڄوڪي ڏهاري جي اهميت کي
اجاگر ڪرڻ سان گڏ ان پيغام کي عام ڪرڻ
لاءِ اسان کي به پنـﻫـنجي حصي جو فرض نڀائڻ گھرجي. اهڙي سوچ جي ڪوشش ئي اسان کي
آباديءَ جي وڌندڙ شرح مان پيداٿيندڙ مسئلن ۽ مونجھارن مان نجات ڏياري سگھي ٿي.
(
روزاني عوامي آواز ڪراچي ، 11روزانه ڪاوش حيدرآباد، جولاءِ ، 2013ع )
No comments:
Post a Comment