…… تيري قاتل زنده هين !
اڄ ڳڙهي
خدابخش ، انصاف گھر جو پتو پڇي ٿو....!
مولائي ملاح
اُها، ٻه
هزار ست جي ستاويـﻫـين ڊسمبر جي شام ڪنـﻫـن کان وسري سگھي ٿي، جنـﻫـن شام سنڌ جي
اميد جي ڪنڌ ۾ گولي لڳي. اُها شام ڪنهن شام غريبان کان گھٽ ڪانه هئي؛ جنهن شام جا
سڀ منظر شاه لطيف رحه جي هن سٽ جھڙاهيا ته: “پکين پاڻ پڇاڙيو ته لڏيو حوت وڃن.”
سنڌ اَڄُ کان ڇهه سال اڳ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر ٻڌي ته زارو قطار
روئڻ لڳي. اهڙي منحوس خبر کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو ته آسمان سرخ ۽ پکين
کان خالي هيو. ان ويل ائين محسوس ٿيم ته ڄڻ پکين کي به ان قـﻫـري ڪارروائيءَ جي
اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي هجي؛ جو اهي وقت کان اڳ ئي واهيرن ڏانهن وري ويا هيا.!
سنڌ، نياڻيءَ
جي موت تي منهن مٿو پٽيندي گھرن کان ٻاهر روڊن تي نڪري آئي؛ ماڻهو عاشور جي ڏهاڙي
جيان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي پرچائي رهيا هيا. هر ماڻهو پيرين، مٿي اُگھاڙو، لڙڪن ۽
سڏڪن ۾ ساڻو هيو. سنڌ ڪارو لباس ڪيو ته محرم الحرام کان اڳ ئي محرم جـﻫـڙو ماتمي
ماحول جڙي پيو. هر طرف روڄ راڙو هيو، شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھرن توڙي اوطاقن، روڊن ۽
وچ رستن تي سوڳ جا تڏا وڇائجي ويا. ٽن ڏهاڙن تائين سنڌ تي سڪتي جـﻫـڙي ڪيفيت تاري
رهي. ماڻهن پنهنجي غم، اَلم ۽ غصي جو اظهار جنهن انداز ۾ ڪيو ان جو اندازو ته سندس
قاتلن کي به ڪونه هيو. محترمه جي قتل جو ڪارڻ ۽ قاتل ڪهڙو هو، ان سوال جو اڄ پورا
ڇهه سال گذرڻ جي باوجود به ڪو پتو نه پئجي سگھيو آهي. عوام اها ڳالهه سمجھي ٿو ته:
جن قوتن ذوالفقارعلي ڀٽو کي اڇي ڪفن ۾ ويڙهي راولپنڊيءَ کان سنڌ آندو، انهن قوتن
ئي سنڌ راڻيءَ کي موت جي اَڻ مندائتي موسم ۾، پاپا جيائين پنڊيءَ کان شهيدن جي
آستان تي ڳڙهي خدابخش پهچايو. هي اُهي ئي ماڻهو آهن جن کي ملڪ جي ترقي، خوشحالي نه
پر؛ پنهنجي ترقي، خوشحاليءَ جو هر وقت فڪر آهي. اهڙي سوچ جا مالڪ اقليت ۾ آهن، پر
سوال اهو آهي ته ان اقليت کي اڪثريت تي برتري فوڪيت حاصل ڇو آهي.؟ !
هت جيستائين
ان فرق کي محسوس ڪري ان جي ڪا ئي نشاندهي نه ڪئي ويندي؛ ته تيستائين ڀٽوز جھڙا
هيروز هر روز ائين ئي وچ روڊ تي ماريا ويندا. ڀٽوز هر مشڪل گھڙيءَ ۾ هن ملڪ جي مدد
ڪئي. ان جي بدلي کين صلو اهو مليو جو ڪٿي پٽ جو زخمي لاش پيو، ته ڪٿان ڌيءُ جو
زخمي لاش مليو. اهو ڀٽوز سان انياءُ ناهي ته ٻيو ڇاهي. ان سڄي قتلام ۾ ڪير ملوث
آهن ۽ ڪنهن جا هت رڱيل آهن؛ ان جو تاريخ ته پنهنجو فيصلو پاڻ ٻڌائيندي پر هنن حڪمرانن کي وڃڻ کان اڳ عوام کي اهو ٻڌائڻ
گھرجي ته: سنڌ راڻيءَ جا قاتل ڪـﻫـڙا ڪـﻫـڙا ۽ ڪنهن جي ڪنهن جي پناه ۾ پيل آهن.!
شهيد ڀٽو
هن ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، ته بينظير ڀٽو وري هن ملڪ کي اتر ڪوريا کان ايٽمي
ميزائل ٽيڪنالوجي آڻي ڏني. ان جي اعزاز ۾ ٻنهين پيءُ ۽ ڌيءُ کي هن ملڪ ۾ اڻمندائتو
موت مليو…!!!
حاڪم ڇو نه ڀلي اقتداري محلن ۾ آرامي هجن، پر
عوام جي اکين ۾ اڄ به انتقام جي لالائي ڇلڪي رهي آهي هي ڀلي ڀت سمجھن ٿا ته: هنن سان
قائد محترمه بينظير ڀٽو جي خون ۾ انصاف ملڻ ۾ دير ٿي رهي آهي. پر عوام به ايترو
عياڻو ناهي جو انصاف جي انهن رمزن کي سمجھي نه سگھي.! عوام اول ۽ آخر اهو ڄاڻڻ
چاهي ٿو ته: آخر اهي ڪهڙيون رڪاوٽون آهن جيڪي انصاف ۾ دير جو سبب بڻجي رهيون آهن. انصاف
۾ دير انصاف نه ٿيڻ برابر هوندو آهي.
ڀٽوز
عوام جو عاشق رهيو آهي. هنن کي عوام ۽ ملڪ جي مشڪل گھڙين جي آڳ مٿان پتنگن وانگي پهه ٿيڻ ڏانءُ ايندو آهي. هنن جو
ملڪ، عوام بنا جيئڻ ائين هو جئين “مڇيءَ جو پاڻيءَ بنان” ساهه ويندو آهي. تڏهن ته
محترمه ملڪ، عوام بنا پر ڏيهه ۾ گھڻو وقت گذاري نه سگھي. جئين ئي جلاوطنيءَ جو قيد
ختم ٿيس ته هوءَ ڏيهه وري عوام ۾ ويهي چوڻ
لڳي ته:
جَڏَ هانڪر ٿيام،
ساڃاهه ، سپرين سين،
تـڏها
نـڪـر تـر جـيـرو ، ويـر نه وسـريـام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري . (شاهه)
ڀٽوز
ڌرتيءَ جا اُهي بهادر پٽ آهن جن موت کي سامهون ڏسي، ٻئي واٽ ناهي ورتي. هنن موت
جھڙي عوام دشمن قوتن سان منهان منهن ٿي اکيون اکين ۾ ملائي مقابلو ڪيو آهي. هنن
عوام جي جياپي خاطر پنهنجي جان پياري ناهي ڪئي. هنن عوامي جنگ ۾ سدائين سيني ۾
گوليون کاڌيون آهن. ڀٽوز جي اها ئي هڪ ادا آهي جيڪا اوندهه جي چٻرن ۽ رات جي رهزنن
کي اُجري صبح جيان ناهي وڻي؛ جنهن ڪري انهن عوام دشمن قوتن ۽ ڀٽوز جي ويرين موت جا
سٽ سٽي ڀٽوز کي عوام کان جدا ڪيو.
مير
مرتظي ڀٽو کان ڪجھ ڌريون ان ڪري به باغي هيون جو ان جنرل ضياءَ کان قائد عوام جي
خون جو بدلو وٺڻ لاءِ هٿ ۾ بندوق کئين هئي. پر محترمه ته ڪابه بندوق هٿ ۾ ڪونه کنئين
هئي. هن جي جدوجھد جو انداز ته نج سياسي ۽ امن پسند هيو. پوءِ ان کي ڪهڙي جرم جي
سزا طور قتل ڪيو ويو.؟! مطلب ته هت جڳن کان وٺي اها رسم هلي پئي ته: “چلي ﻫـي رسم ڪي، ڪوئي ڀي سر اُٺاڪي نه چلي …!!” جيڪو ڳاٽ اوچو هوندو اهو ڦاهيءَ جي ڦنڌي تي
لٽڪايو ويندو ۽ جيڪو سينو سپر ڪري هلندو ان کي گولين سان پروڻ ڪيو ويندو. آخر فيض
جي هنن سٽن جھڙو اهو منظر ڪڏهن ختم ٿيندو. ته:
مـقـامِ
فـيض ڪــوئــي راهه ۾ جـچـا هـي نـهين
جو ڪو ئي يار سي نڪلي
تو سوئي دار چلي (فيض احمد فيض)
هت جنرل
مشرف تي ٿيندڙ هر حملي کي ته بهتر سيڪيورٽيءَ سبب ناڪام بڻايو وڃي پيو؛ پر محترمه
بينظير ڀٽو جي باربار چوڻ جي باوجود به کيس سيڪيورٽي نه ڏني وئي، اهڙي سيڪيورٽي
جنهن مان سندس جان کي مطمعن ڪندڙ تحفظ حاصل هجي. هت ڪيڏو نه فرق آهي هڪ جنرل ۽ هڪ
عوامي اڳواڻ ۾..!! جو هڪ جنرل حفاظت سان پرڏيهه پـﻫـچي ۽ وري ڏيهه وري ٿو ۽ عوامي
اڳواڻ عوام جي هٿن سان قبرستان پـﻫـچي قبر ۾ لهي ٿو .....!!!
ڀٽوز هڪ
ئي صف جا سورهيه رهيا آهن. هنن جي سياست جو محور ۽ مرڪز ملڪ ۽ عوام ئي رهيو آهي،
پوءِ ڇو نه کڻي اهو ذوالفقارعلي ڀٽو هجي يا شاهنواز، مير مرتظي يا سنڌ راڻي بينظير
ڀٽو هجي .هنن جو انداز ۽ عنوان. شاهه جي هن سٽ ته:“هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجھيان
هي مرڪ _ وجھن تان نه فرق، رڪ وﻫـنديءَ راند ۾” جھڙو ئي رهيو آهي. هنن سڄي حياتي
آمريت جي خلاف اڳين صفن ۾ بيهي عوامي مفادن جي ويڙهه وڙﻫـي آهي؛ هنن تلوار جو تاءُ
پَسي ڪڏهن به ميدان خالي نه ڪيو. هنن کي آمريت جي ڪا به تيخ، تلوار، گولي ۽ ڦاهي
جھڪائي نه سگھي. هنن هميشه ساهه ڏئي ويساهه ڏنو. هنن جي آمريت سان ويڙهاند شاهه لطيف رحه جي هنن سٽن
جيان رهي ته:
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا
وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍال،
متــان تـيــخ تــرار مــار ته متـارو
ٿـئيـن. (شاهه)
هنن جي
سوچ مطابق ته ڀٽوز کي قتل ڪرڻ سان اهي مري دفن ٿي ويندا، ظالم قوتن کي اها خبر
ناهي ته مظلوم، مقتول بڻجي به، ظالم کي مات ڏيندو آهي. مظلوم پنهنجي ڪردار سان هر دور
جي ظالم کي تاريخ ۾ هڪ گار بڻائي ڇڏيندو آهي. جئين خود محترمه چيو هيو ته:“
جھموريت جي بحالي ئي هڪ بهترين انتقام آهي.”
ڇا، حق،
سچ جي پاسدار حضرت امام حسين عليهه السلام کي قتل ڪرائڻ کانپوءِ يزيد (لعين) دنيا
تي فاتح بڻجي ويو. ڪڏهن به نه – دنيا جي تختي
تي اڄ به يزيد (لعين) هڪ گار بڻيل آهي اهو گھٽ انتقام آهي. ڇا شهيدن جي خون آمريت
کي تاريخ ۾ هنن سٽن جھڙو ناهي بڻائي ڇڏيو. جيڪا هڪ ذلت آميز گار آهي.
حد هو
گئي حسين تيري انتقام ڪي
هـر دور ڪـي يـزيـد ڪـو گالـي بنا ديا
سنڌ راڻي
شاهه ڀٽائيءَ جي سورمن جو تسلسل هئي. هوءَ شاهه جو ڪو مزاحمتي ڪردار هئي. هن سنڌ
ڄائيءَ آمريت سان ويڙهاند ڪئي ۽ وڙهندي وڙهندي شهادت ماڻي. هنن جو عوام جي بحاليءَ
خاطر ڪسڻ جو ڄڻ ته ڪو اقرار ٿيل هو. شاهه چواڻي ته:
اڳـيان
اڏن وٽ ، پـويـن سـر سـنباهيـان،
ڪـاٽ ته
پوين قبول ۾،مڇڻ پائي گھٽ،
مـٿــا مـﻫـايــن
جــا ، پيــا نه ڏسيــن پــٽ ؟
ڪلا لڪي هٽ ،ڪسڻ جو ڪوپ وهي. (شاهه)
جيئن
ڪنهنجي وڇڙي وڃڻ سان ڪو وسري ناهي ويندو، ته ائين ئي عظيم ماڻهو مٽيءَ ۾ ملڻ سان
تاريخ ۾ دفن ناهي ٿيندو، ماڻهو پنهنجي قول ۽ ڪردار ۾ زنده رهندو آهي. سنڌ پنهجي سياڻي
نياڻيءَ کي ڪئين ٿي وساري سگھي. هوءَ ته سڄي حياتي پنهنجي عوام سان ساهه جي تند
جيان سلهاڙيل رهي. شاهه چواڻي ته:
منجھان
منـﻫـنجي روح ،جي وڃي ساڄن وسري،
ته مـر
لڳـي لـوءِ ، ٿــر ٻـاٻيـــﻫـو ٿــي مـران.
(شاهه)
بينظير
ڀٽو جو سياسي پروفائل ويڙهاند وارو آهي. هن جڏهن آمريت سان مهاڏو اٽڪايو ته ان وقت
کيس شاعرن پنهنجن لفظن جي ڀيٽا ڏني.ته: “وردي والي ڊرتي هين ، اڪ نيهتي لڙڪي سي.” سندس
بهادراڻا قدم اڄ به تاريخ جو باب بڻيل آهن .
ڪيا بي
مروت خلق هئي، سب جمع هين بسمل ڪي پاس
قــاتــل
ميــرا تـنـﻫــا رهـــا ، ڪــوئــي نـــﻫـين قـاتـل ڪــي پـاس
اها ڪا
گھٽ ڳالهه آهي؛ جو عوام، ورڪرز سندس خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ احتجاج ڪري چوندو رهي
ته:“بي بي هم شرمنده هين، تيري قاتل زنده هين”.عوام اهو ڄاڻي ٿو ته محترمه بينظير
ڀٽو جي شهادت کي ڇهه سال گذرڻ جي باوجود به انصاف ناهي ٿيو، محترمه جنهن معيار جي
شخصيت هئي ان جو قاتل ڪالهه به اڪيلو هيو ته اڄ به اڪيلو آهي.
ڇهه سال گذرڻ
جي باوجود به محترمه جو خون انصاف جي عدالت اڳيان سواليا نشان بڻيل آهي. اڄ به
شهيدن جي آستان ڳڙهي خدابخش مان هڪ درد ڀري سرد آﻫـ اُڀري ٿي ته: مون سان انصاف
ڪير ڪندو؟! راولپنڊيءَ جي روڊ تي وهيل رت، حاڪمن کان اڄ به انصاف گھر جو پتو پڇي
ٿو.!
( روزاني عوامي آواز ڪراچي، 27 ڊسمبر 2014ع )
No comments:
Post a Comment