Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

“ مي رقصم” جو خالق: قلندر لال شـﻫـباز



نانگا نينـﻫـن نچن، نوبت ناد وڄن
 “ مي رقصم” جو خالق: قلندر لال شـﻫـباز!
مولائي ملاح
سنڌ سونـﻫـاريءَ جي سيني تي جڏهن به ڪنـﻫـن فرعون جي پيروڪار اخلاق ۽ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، مالڪ حقيقيءَ ان ئي مـﻫـل ان سرزمين تي پنـﻫـنجي مِـﻫـرَ ڪئي آهي؛ پوءِ ٿيو ائين آهي ته ان مـﻫـل ئي اهڙي وحشيءَ کي انسانيت ۽ اخلاق جي منـﻫـن ۾ مَـﻫـار وجھڻ لاءِ، خدا جي ڪنـﻫـن نيڪ ٻانـﻫـي جي آمد ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سيوستان جي سرزمين تي جڏهن انسانيت ۽ اخلاق جا سڀ ليڪا لتاڙ جي چڪا هيا، عريانيت ۽ جسم فروشيءَ جو ڌنڌو عروج تي هيو، وقت جو حاڪم ظالم بڻجي چڪو هيو ۽ انسانيت عقليت ۾ تبديل ٿي رهي هئي، ته اهڙين ڪٺن گھڙين ۾ علي (ع ) جي لعل مروند جي محبوب سيوستان ۾ پنـﻫـنجي آمد جو اعلان ڪيو، مروند کان حسيني شـﻫـباز پرواز ڪري جڏهن سيوستان ۾ آباد ٿيو ته، سيوستان جي سرزمين سان گڏ اتان جي عوام جا به ڀاڳ ڀلا ٿي پيا، هن نڌڻڪي ننگريءَ جا اهڙا ته نصيب جاڳيا جو ان جو کٽيو هو اڄ تائين کائيندا اچن پيا، جنـﻫـن کي پـﻫـرين سيوستان سڏبو هيو اهو سيـﻫـوڻ ۽ سيـﻫـوڻ کانپوءِ سيوهڻ سڏجڻ لڳو، ان سيوهڻ کي سرڪار پنـﻫـنجي آمد جو شرف بخشيندي کيس سيوهڻ مان سيوهڻ شريف بڻائي ڇڏيو جيڪو اڄ تائين سڄي جڳ ۾ سندس نگريءَ جي نانءَ سان سڃاتو وڃي ٿو.
شاهه حسين عثمان مرونديءَ جو حسب نسب ڇـﻫـين امام حضرت امام جعفرصادق عليه السلام جن سان وڃي ملي ٿو. سندن والد حضرت ابراهيم ڪبير ‘جوابي’ اڄ به عراق، ڪربلا معلى ۾ سرڪار حسين عليه السلام جي ضريح اقدس جي دروازي تي دفن ٿيل آهي، جنـﻫـن لاءِ سرڪار حسين عليه السلام جن جو هر زائر، زوارن کي اهو حڪم آهي ته اندر اچڻ کان پـﻫـرين هو سرڪار ابراهيم ڪبير ‘جوابيءَ ’ جو سلام ڪري پوءِ اندر داخل ٿين. هن سرزمين تي حسيني لعل جي آمد جو مقصد ئي مذهبيِ اسلام جي حقيقي پرچارڪرڻ، هتان جي ماڻـﻫـن کي هن دوکي جي دنيا، ٺڳيءَ جي ٺاهيل مذهبن کان نجات ڏياري حقيقي دين اسلام جي بنيادن کان آگاهه ڪري گمراهيءَ کان نجات ڏياري کين ڇوٽڪاري جي راهه تي گامزن ڪرڻ هيو، سندن تبليغ جو انداز انوکو هيو تبليغ جي اهڙي قلندرا نه انداز ماڻـﻫـن کي موهي وڌو، سندن قيام سان سيوهڻ جي گھرن ۽ گھٽين مان وحشت ۽ جسم فرشيءَ جي بازار بند ٿيڻ لڳي. قلندري قدمن سيوهڻ جي ڌرتيءَ تان پليتائي ڌوئي ڇڏي، پاڻ ماڻـﻫـن جي هجومن کان پري رهيا، عبادت گذار ۽ تنـﻫـائي پسند هيا تنـﻫـن ڪري شـﻫـر کان ٻاهر قيام ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون لعل باغ سندن قيام جو مظـﻫـر آهي. پاڻ هميشه پنـﻫـنجن نانگن ( فقيرن ) کي دين حق جي راهه تي هلڻ جا درس ڏيندا هيا. هر ظلم اڳيان بودلي بـﻫـار جي ڪردار ۾ للڪار بڻيا، بودلو بـﻫـار سندن نانگن مان پيارو فقير هيو جنـﻫـن سان پاڻ به بيحد پيار ڪندا هيا، هن حسيني گھراڻي جي شـﻫـباز جي پرواز ئي هن ڌرتيءَ کي پيار پريت ۽ امن جو گـﻫـوارو بڻايو. پاڻ سيوهڻ جي ڳلين ۾ علي حق … ! علي حق …  ! جون صدائون بلند ڪري حق سچ جو پيغام ڏيندا رهيا، حق جي رستي کان ڀٽڪيل ماڻـﻫـن کي حق جو سڌو رستو ڏيکاريندي حق سچ جي سڃاڻپ ڪرائيندا رهيا، سندن تبليغ جو اهو اثر آهي جو اڄ تائين سيوهڻ شريف جي نگري ءَ ۾ حسيني شـﻫـباز جا  لڳل نعره علي حق …! علي حق …! هر طرف کان گونجن ٿا جيڪي سندن موجودگيءَ واري  احساس کي تازه ڪري رهيا آهن. علي(ع ) جي لعل جي نگريءَ ۾ صبح، شام هي صدائون بلند ٿينديون رهن ٿيون، دمادم مست قلندر، علي هئي پـﻫـلا نمبر، دمادم مست قلندر، علي دا پـﻫـلا نمبر…!! سرڪار جي انـﻫـن بلند ڪيل قلندري صدائن سڄي دنيا تي سحر تاري ڪري کين ڌمال هڻڻ تي مجبور ڪري وڌو، جڏهن نصرت فتح علي خان پنـﻫـنجي سريلي آواز ۾ چيو هيو ته:
 دم مست قلندر، علي علي ،
ساڊا ورد هئي دم دم، علي علي،
آکيجا ملنگا تون ، علي علي علي علي علي.
تون آکي جا ملنگا، او ساڊي آپي من ليڻ گي،
اج نـﻫـين تو ڪل ساري، علي علي ڪـﻫـڻگي،
مست مست مست، دم مست قلندرعلي علي،
  سنڌ وارن لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي جو سندن مدفن، مزار اقدس هت آهي، اڄ سندس عرس مبارڪ واري ڏهاڙي تي سيوهڻ جي سرزمين تي ڏيـﻫـ توڙي ڏيساور کان زائرين   ڪـﻫـي سندس دٻار ۾ سلامي ٿين ٿا، مرشد لعل شـﻫـباز قلندر جي درٻار تي صبح، شام الله وارن عاشقن جا ميلا متل هوندا آهن. هر جمع جي رات هت ميلي جـﻫـڙو منظر هوندو آهي، سرڪار جا معتقد ماهه رجب جي پـﻫـرين تاريخ کان پوءِ پنـﻫـنجا گھر گھاٽ ڇڏي، ڪي پيادل ته ڪي سوارين تي سفر ڪري، قافلن جي صورت ۾ عرس جي ڏهاڙن کان اڳ سرڪار جي درٻار ڀيڙا ٿيندا آهن، 27 رجب المرجب (شب معراج) ۽ 15 هين شعبان المعظم (شب برات ) جي ڀلاري رات هت روحانيت جي معراج جو عجيب منظر هوندو آهي، هر ماڻـﻫـون عقيدت ۽ احترام سان مرشد جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ کانپوءِ پنـﻫـنجو سرڙو نوايو شرعي حاجات لاءِ پيو ٻاڏائيندو آهي، سڄي رات اهڙي عبادت ۾ گذارڻ کانپوءِ ماڻـﻫـونءَ کي رات وهامڻ جو ڪو احساس ئي نه رهندو آهي؛ ائين ئي مرشد جي نگريءَ ۾ ويٺي مست ملنگ، موالين ۽ نانگن کي سرڪار جي صحن ۾ صبح جي اذان اچي ويندي آهي، سرڪار جي سلامي ڏيڻ جو انداز هر فقير، مست ملنگ ۽ مواليءَ وٽ پنـﻫـنجو آهي، ڪي ڌمال هڻي، ڪي نوبت نادن تي نينـﻫـن نچائي، ته ڪي وري عزاداريءَ جو احتمام ڪري، ماتمي جلوس برپا ڪري معصوم عليهمُ السلام جو پرسو پڙهي سلامي ڏيندا آهن، هت هر ڪنـﻫـن کي پنـﻫـنجي پنـﻫـنجي رنگ ۾ سرڪار کي سلامي ڏيڻ جو پورو حق حاصل هوندو آهي، ڪنـﻫـن کي ڪائي رنڊ روڪ ناهي هوندي جيڪو آيو سو اگھيو واري ريت هوندي آهي.
هن حسيني لعل جي درٻار تي ڪنـﻫـن به عاشق کي ڪائي جھل پل نه هوندي آهي. هت هندو، مسلم ،سک، عيسائي ۽ سني، شيعه پنـﻫـنجي عقيدت جو اظهار ڪندي محبوب جي سامـﻫـون هڪ ئي صف ۾ بيٺل نظر ايندا آهن؛ سرڪار جي صحن ۾ عقيدت، احترام، پيار ۽ پنـﻫـنجائپ جي اهڙي روايت قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ نئين لفظ ‘ مولائي’ کي جنم ڏنو، جنـﻫـن جو مطلب آهي (مولا وارو) اسان مولا وارا آهيون. حديث رسول اڪرم ﷺ  ( مَن کُنت مولا ……)ترجمو:“ جنـﻫـن جو مان مولى آهيان، ان جو علي مولا آهي” سان وابسته هن لفظ ۾ وسعت ۽ تصوف جو رنگ، طريقيڪار به شامل آهي سرڪار جي درٻار تي مذهبي نفرت جو ڪو به وجود ناهي؛ هت ڪيڏي نه هيڪڙائي آهي جنـﻫـن ۾ ڪيڏي نه ميٺ، محبت آهي، شايد ته شاهه لطيف به اهڙي ئي ڪنـﻫـن راز جي ڳالهه ڪندي چيو هيو ته :“ هيڪڙائيءَ ۾ هيل، پورينديس پنـﻫـونءَ کي.” هت فقيرن جي پاڻ ۾ سـﻫـپ، برداشت ۽ رواداريءَ واري روايت به ڏسڻ وٽان هوندو آهي، مالڪ جي درٻار ۾ ملندڙ ونڊ پـﻫـريون ٻين ۾ ورهائي پوءِ پاڻ کائيندا آهن، هت ڪير به ڪنـﻫـن تي اجايو اعتراض ناهي ڪندو، سڀ کي پنـﻫـنجو پرين پسڻ جي هر دم اجازت هوندي آهي، شاهه لطيف به اهڙيءَ ئي نگريءَ جي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته: 
 هلو هلو ڪاڪ تڙ ، جتي نينـﻫـن اُڇل،
نه ڪا جھل نه پل، سڀ ڪو پسي پرينءَ کي.
سرڪار جي ڌمال ۾ اڄ به اها ئي روحانيت قائم آهي جيڪا صدين کان هلندي اچي پئي،  قلندري ڌمال ۾ بيـﻫـڻ  کانپوءِ ماڻـﻫـونءَ کي زماني جو هوش ناهي رهندو، هن تي وجد جي هڪ اهڙي ڪيفيت تاري ٿي ويندي آهي جو هو نه چاهيندي به اتي بيوس ٿي بيـﻫـي ويندو آهي، اهو ئي سبب هيو جو 90 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ( BBC ) لنڊن جي نمائيندي رضا علي عابديءَ پنـﻫـنجي مشـﻫـور پروگرام ‘ شير درياهه ’ جي رڪارڊنگ جي دوران انڊس ريور جي ڪناري سيوهڻ پـﻫـتو، هن سيوهڻ جي ڌرتيءَ تي جڏهن عشق جي اها الستي موج مستي ڏٺي ته نه چاهيندي به اتي پورا ٻه ڏهاڙا ترسي پيو، ۽ پوءِ هن سيوهڻ جي هرهڪ شيءِ کي تاريخ جي ورقن ۾ رقم ڪيو، جنـﻫـن ۾ کانئس سرڪار جا نانگا، مست ،ملنگ، موالي به نظر کان نه بچي سگھيا. اهڙو سڪون ۽ سرور حاصل ڪرڻ لاءِ ، اچو ته اڄ قلندر شـﻫـنشاههَ جي نگريءَ هلئون! جت رڳو نينـﻫـن اڇل آهي، جت ڪابه رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهبي مت ڀيد ڀاوَ جي نفرت ناهي، رڳو تون ئي تون جي تنوار آهي سڀني جا سِرَ سيد سامـﻫـون جھڪيل آهن.
ڀلا! اهو علي (ع) جي لعل جو زندهه معجزو ناهي ته ٻيو ڇاهي، جو هن پٿريلي بيابان ۾ سڄي رات روشني ڦـﻫـليل ۽  جبل جاڳندو رهي ٿو، هت پوري دنيا سِرڙو نوائي سلامي ڀري ٿي، خاص ڪري ميلي جي موقعي ۾ ته، هت مـﻫـانگائي چوٽ چڙهيل هوندي آهي، پر پوءِ به اهڙيءَ مـﻫـانگائيءَ جي موسم ۾ سرڪار جي نگر، نياز تي پورو سيوهڻ پلجي ٿو،
 ميلي جي موقعي تي پوري دنيا کان زائرين ڪـﻫـي اچن ٿا جن کي هڪ طرف دوڪاندار ۽ پوليس وارا تلاشيءَ ۽ اجاين ٽئڪسن بـﻫـاني ڦرين ٿا، ته وري ٻئي پاسي جيب ڪترا پوليس جي آشيرواڌ سان کين لٽين ٿا، مقامي ماڻـﻫـون به پنـﻫـنجون جايون ڳرين مسواڙن تي ڏيڻ بـﻫـاني کين ڦرين ٿا، پر پوءِ به هيءَ خلق آهي جو رڪجڻ جو نالو ئي ناهي، هر سال زائرين جي آمد ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، اهڙين حالتن جي باوجود به هت هر وقت موج مستي لڳي پئي آ، نانگا نادن تي نينـﻫـن کي نچائي ڪيترو نه سرور، سڪون حاصل ڪن ٿا، مرشد جي ملنگن جي هٿن ۾ ناد ڏسو، جن کي هو ٿوري ٿوري دير ۾ زائرين جي آمد تي وڄائي انـﻫـن جو شاندار انداز ۾ آڌرڀاءُ ڪن ٿا جيڪا ڪيڏي نه شاندار روايت آهي. هت هر وقت ماڻـﻫـن ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جـﻫـڙي مستي، مـﻫـراڻ جـﻫـڙي جي موج من ۾ سمايل هوندي آهي. هو قلندري ڪڙي ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيڏي نه سڪون ۾ سانت ۾ نظر ايندا آهن، حالتون کڻي ڪـﻫـڙيون به هجن پر هت نينـﻫـن وارن جو نوبت تي ناچ، صوفياڻو رقص جاري هوندو آهي، مست قلندر جي ڌمال جي صدائن ۾ مي رقصم جي مستي ئي پنـﻫـنجي هوندي آهي جيڪا سيوهڻ مٿان شام جو لـﻫـندڙ سج تي به سڪونت تاري ڪري ڇڏيندي آهي، اهو به قلندر جي در تان جامِ قلندر پيئڻ کانپوءِ پنـﻫـنجي نيڻن جو رنگ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، اها گھڙي ڪيڏي نه گيڙوءَ رتي نظر ايندي آهي.
شرابِ عشق سان ٽمٽار مئخانا قلندر جا،
ملن ٿا عاشقن کي پُر ٿي، پئمانا قلندر جا،
مچي ميلو ٿئي ميلو، کڄن مينديون ڌمالن سان،
نچن ٿا ناز سان نانگا، ۽ مستانا قلندر جا.
سرڪار جي صحن ۾انسان توڙي جِنَ، نانگا توڙي رند سڀئي جامي قلندڙ پيئڻ کانپوءِ پوريل اکين سان ٻئي هٿ مٿي ڪري کيس ٻاڏائيندي نظر ايندا آهن، مٿن اهڙي ڪيفيت طاري هوندي آهي جنـﻫـن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي ته :
اکين ۾ٿي ويـﻫـه ته، آئون واري ڍَڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيـﻫـ، آئون نه پسان ڪو ٻيو.   
 هت اسلام جي پکيڙ جو سلسلو محمد بن قاسم پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هيو، هي شـﻫـر علم وارن، مذهبي ماڻـﻫـن جو مرڪز بڻجي پيو هيو، هت ولايت کان ماڻـﻫـون اچي علم پرائيندا هيا، دينِ اسلام جي پرچار جو اهڙو سلسلو جاري رهيو جنـﻫـن ڪري هن شـﻫـر ۾ اَهلِ اسلام ۽ اهلِ علم ماڻـﻫـن جو هڪ وڏو حلقو ٺـﻫـي ويو جن جي“ الله احد” جون صدائون ٻين شـﻫـرن ۽ ملڪن ۾ ٻرڻ  لڳيون.
سيوهڻ قلندر شـﻫـباز جي آمد کان اڳ هندن جو مرڪز هيو اتي جو هڪ حڪمران چندرگپت جو ڀاءُ هيو، نظيرحيات سيوهاڻيءَ چواڻي ته:“هن شـﻫـر ۾ مختلف خطن مان شِوَ جا پوڄاري اچي پوڄا پاٽ ڪندا هيا، راجا پرٿوي جي محلن جو هي شـﻫـر هندو ڌرم توڙي گرونانڪ جي پيروڪارن جو مرڪز هيو جيڪي هتي پنـﻫـنجا آستانا ٺاهي عبادتون ڪندا هيا.” سرڪار جن ستين صدي هجريءَ ۾ سيوهڻ ۾ پنـﻫـنجي آمد جو اعلان ڪيو. جن اتي علم جي روشني ڦـﻫـلائي تمام ٿوري عرصي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻـﻫـن اسلام قبوليو ۽ سندن پيروڪار بڻيا،
هن حسيني سادات بقول مير انيس جي ته:“ پانچوين پشت هئي، شبير ڪي مداحي ۾”   دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ظلم خلاف بخاوت جي پيغام کي عام ڪيو، ۽ هر مصلحت کان مٿڀرو ٿي حق سچ جو حوقو ڏنو، هنن پنـﻫـنجي اظـﻫـار جو ذريعو ڪتان، شاعريءَ کي بڻايو. کين عربي، فارسيءَ تي وڏي دست رس حاصل هئي، سندن مادري زبان فارسي هئي ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي پنـﻫـنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي “Persian poest of sindh  ” ۾ کين سنڌ جو پـﻫـريون فارسي شاعر ڪرار ڏنو آهي.
حيدري ام، قلندرم، مستم
بندهء علي مرتظى  هستم،
پيشوا ئي  تمام رندانم،
که سگِ ڪوئي شير يزدانم،
سرڪرده تمام رندا نم، رهبر عاشقان مستانم،
هادي مالکاں  عرفانه، که سگ کوئي شـهر يزدانم.
 هڪ روايت آهي ته:“ سيوهڻ ۾ سوين بذرگن جو درگاهون جيڪي سالن کان قائم آهن، جن جي مزارن تي روشنيءَ لاءِ رکيل ڏيئن ۾ تيل بجاءِ پاڻي ٻرندو هيو، سرڪار قلندر جي آمد کانپوءِ انـﻫـن ڏيئن ۾ پاڻيءَ بجاءِ تيل ٻرندو، پوندو هيو جيڪو اڄ تائين سرڪار قلندر جي روضي مان ويندو آهي.
مشـﻫـور برطانوي اسڪالر سر رچرڊ فرانس برٽن چواڻي ته:“ لعل شـﻫـباز قلندر نه صرف هڪ صوفي بذرگ هيو پر هو جيد عالم وڏو فاضل، ماهر لسانيات هيو. جڏهن برٽن 1852ع ۾ سنڌ جو دورو ڪيو ته ان ٻڌايو ته: مدرسن جي نصاب ۾ حضرت جا 2 ڪتاب ميزان صرف ۽ صرف صغير شامل هيا.” جڏهن ته آفتاب ابڙو پنـﻫـنجي ڪتاب: تاريخ اولياءِ سنڌ جي صفحه 38 ۾ لکي ٿو ته:“ 4 ڪتاب هيا، جيڪي فقحه، شرعي اصول، مسائل ۽ عربي گرامر جي موضوع تي لکيل هيا جن جا نالا ميزان صرف، اجناس، عقد، زهد هيا. اهي ڪتاب سنڌ ۾ انگريز دورِ حڪومت کان پـﻫـرين سڀني مدرسن جي نصابن ۾ شامل هيا، اهي چارئي ڪتاب ‘ فقحه اسلام’ جي نالي سان قائم ڪيل سندس مدرسي جي نصاب ۾ شامل هيا. هي اهو مدرسو هيو جنـﻫـن ۾ وڏن وڏن جيد، عالمي شـﻫـريت رکندڙ عالمن جا ڪتاب پڙهايا ويندا هيا.” پاڻ عالم ۽ وڏا صوفي شاعر هيا، سندن مادري زبان فارسي هئي، سندن فارسي زبان ۾ ڪيل شاعري اڄ به مقبول آهي جنـﻫـن ۾ سندن  مشـﻫـور غزل جنـﻫـن جو رديف “ مي رقصم” آهي، جنـﻫـن جي تخيل جي تازگي اڄ به انـﻫـيءَ انداز ۾ بحال ۽ سرور ارپيندڙ آهي. سرڪار جن جو هي غزل ٻڌڻ کانپوءِ اهو وسري وڃي ٿو ته  ڪو سندن هي ڪلام، غزل 9 سئو سال پراڻو آهي.  
نمي دانم آخر چوں دم ديدار مي رقصم
مگر نازم به ایں ذوقے که پيش يارمي رقصم
اگرچه قطره شبنم نه پويد برسر خاري
منم آں  قطره شبنم  به نوک خارمي رقصم 
منم عثمان مروندي  که  يار شيخ  منصور
ملامت مي کند خلقے  دمن  برداري رقصم.
فيض عالم بابر جو ڪيل اردو ترجمو ته:“ نهين معلوم آخر ڪيون دم ديدار هون رقصان ، مگر يي ناز هئي مجھ ڪو ، ڪ پيش يار هون رقصان، اگرچه قطره شبنم پي ٺـﻫـري خار پر ليڪن، مين هون وه قطره شبنم ، به نوڪ خار هون رقصان،  مين هون عثمان مروندي ڪ ميرا دوست هئي منصور، بُرا ڪَـﻫـتي رهي خلقت، فرازِ دار هون رقصان.” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ چواڻي ته:“ سنڌ ۽ برصغير جي ڪيترن ئي مورخن، تاريخدانن حضرت لعل شـﻫـباز قلندر کي باقائدا شاعر تسليم ڪيو، تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ سندن ڪيل شاعري محفوظ آهي ۽ ڪيترن ئي قلمي نسخن، فقيرن ۽ مست ملنگ درويشن جي دل، زبان تي ورد ٿيل آهي.” سرڪار جي شاعريءَ کي پڙهڻ، پرجھڻ کانپوءِ هر عاشق جي من اندر جي ڪيفيت هنن سٽن جـﻫـڙي ٿي پوي ٿي ته:  
هردم ڌمالِ يار هئي ساري وجود ۾،
تو ني تو انگ انگ ڪو، گھنگھرو بنا ديا.
 سرڪار جن تي جڏهن به عشق جي الـﻫـامي ڪيفيت تاري ٿي ويندي هئي ته پاڻ وجد ۾ ايندي مي رقصم جي انداز ۾ اچي چوندا هيا ته:
نمي دانم که آخر چوں دم ديدار مي رقصم،
ناز م ب ایں ذوقے  که پيش يار مي رقصم،
ترجمو ته:“ محبوب جي ديدار وقت نه ٿو ڄاڻان ته آخر ڇو ٿو نچان، پر ان ڳالـﻫـ تي فخر اٿم ته نچي ته يار جي اڳيان رهيو آهيان.” قلندري رقص ۾ ڪيڏو نه سڪون ۽ سرور آهي جو ماڻـﻫـون دنيا جـﻫـان جو هر رنگ ۽ رونق وساري ويـﻫـي ٿو، جتي اهڙي ڪيفيت تاري ٿي ويندي آهي، ته اتي عشق جي به ڪا آخر، پڄاڻي ناهي ٿيندي، جئين لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
عدد ناهِ عشق ، پڄاڻي پاڻ لـﻫـي. (شاهه )
moulaiem@yahoo.com

(روزاني عوامي آواز ڪراچي، 29 جولاءِ 2013ع 19 شعبان المعظم )






No comments:

Post a Comment