Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

سي ڪوڏيا ! ڪهڙيءَ ڪاڻ مرڻ کان اڳ مئا




قاضي شاهه محمد جو وڇوڙو
سي ڪوڏيا ! ڪهڙيءَ ڪاڻ مرڻ کان اڳ مئا
مولائي ملاح
حادثا هانوَ ٽوڙي هليا ٿا وڃن،
                 پيو حياتيءَ ۾ ماڻهون چِڪي ٿوگھڻو.  (م ملاح )
ها! ڪُمهلي موت جي خبر ماڻهونءَ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيندي آهي، ۽ ڪنهن جَوان جو موت سڄڻن جو ساهه مُٺ ۾ آڻي ڇڏيندو آهي. 22 نومبر 2013ع جي اڀاڳي، اڌ رات اسانکي ڏڪائي وئي، جئين جئين رات ٺرندي ٿي وئي تئين تئين درد دلين ۾ گهرو ٿي ٿيندو ويو، صبح جو هر دل اداس، سڄڻن جا نيڻ ڀنل هيا.  روزانو زماني جي خبرن جو جھنگ جوڙيندڙ جڏهن پنهنجي هيءَ خبر کڻي پهتو ته: “نوابشاهه کان محرابپور ايندي قاضي شاهه محمد رات 3 وڳي دولتپور ٻاهران باءِ پاس تي ڪار اوچتو ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ۽ ڪار هلائيندڙ سندس ماسات ڪاشف عباسي زخمي.” هيءَ خبر نه هئي پر ڄڻ ته دلين تي دردن جو پهاڙ ڪريو هيو جيڪو ڪنهن جي به سهپ کان گھڻو هيو، ڀلا! جونيءَ جي موت کي اڄ تائين ڪوئي ڀلائي سگھيو آهي ڇا ؟! اهڙي جوانيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي ڀٽ ڌڻيءَ جهڙي اهل دل بذرگ شاعر کان به دانهن نڪري وئي آهي، جنهن ان گھائيل ڪندڙ گھڙيءَ کي، اهڙي انداز سان ايندڙ موت کي پاراتا ڏيندي چيو آهي ته:
موت پوي تو ۾ موت، تون جو آئين اوچتو؛
گھڻا ڪونڌر گھائيا، ارڏا ۽ اڻ موٽ،
لاڙو ڪرين ها لطيف چوي، ڪانه پوي ها ڪا کوٽ،
گھائيئي اُهي گھوٽ، جن مند نه هئي مرڻ جي.(شاهه)
زندگي هزار سال هئڻ کانپوءِ به ان جو انجام موت آهي، پر اڻمندائتو موت ڪنهن کان به  وسرندو ناهي، اهو به هڪ نوجوان ۽ ٻيو هڏ ڏوکي ماڻهوءَ جو هجي ته اهو ڪنهن سڄڻ، عزيز ۽ اوڙي پاڙي وارن کان ڀلا ڪئين ٿو ڀلجي سگھي. منهنجي ڀنل اکين کان سندس جنازي تي سندس دل وارن دوستن صادق ڦل ۽ سڪندر ملاح جي نيڻن مان خاموش لڙڪن جو وهندڙ درياهه، اياز قاضيءَ جا اُڀ ڏاريندڙ،درديلا ويڻ ۽ چاچي قاضيءَ جي جھُڪيل چيلهه سندس وڇوڙي جي درد جو اظهار هيا. جيڪو سڄڻن جي سهپ کان گھڻو هيو جيڪو ڪڏهن به وسري نه ٿو سگھي.
قاضي شاهه محمد، 8 آگسٽ 1968ع قاضي محمد عالم جي گھر ۾ اک کولي، پنجن سالن جي ڄمار ۾ ‘سنڌي مين پرائمري اسڪول محرابپور ۾ 8 آگسٽ 1973ع تي داخل ٿي  31 مارچ 1978ع ۾ پنج درجا پاس ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ گورنمينٽ پرووَنشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿي اتان (سنه ……) ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ داخل ٿيو.
قاضي شاهه محمد وٽ زندگي گذارڻ جو انداز پنهنجو هيو، هو اسان کان ائين  موڪلائيندو اهو اسانجي جي وهم گمان ۾ ئي نه هيو، سندس جنازي کڄڻ مهل ڀر ۾ بيٺل سيد حسنين شاهه کي مون چيو، سائين! اڄ بابوءَ جو گھران نڪرڻ جو انداز ته ڏس…  !! سيد منهنجن لفظن تي رڳو پاڻ ئي نه رنو پر مونکي به روئاري وڌائين، اسان جي بابوءَ جو اڄ سندس گھران  آخري ڀيرو نڪرڻ جو انداز ڪجھ هن ريت هيو ته:
لاش ڪانڌي پي ميري،
ساٿ هجوم ياران،
آخري بار ميرا
گھر سي نڪلنا ديکو.
قاضي شاهه محمد ، جنهن کي قدرت واري هن ڌرتيءَ تي عمر ٿوڙي ۽ عزت وڏي ڏني. قاضي صاحب، گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هيو، سندس زندگيءَ جا ڪيترائي پهلو آهن جن مان هر پاسو لکڻ جهڙو آهي، هي پنهنجي ڪم ۾ اسانجي شهر محرابپور جي تاريخ ساز شخصيت واري حيثيت جو حامل هيو. هن سياست، صحافت، سماجي ڪمن ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃايو، سندس زندگيءَ جي مڙني پاسن مان سندس صحافتي پاسو نمايان، سگھاري حيثيت رکندڙ  آهي.
هي شروع کان ئي طبقاتي سسٽم جو مخالف رهيو، سندس سوچ ۽ لوچ جو مرڪز ۽ محور طبقاتي سسٽم جو پيڙهيل سنڌ جو غريب عوام ئي رهيو. هن ان سلسلي ۾ ڪجھ عملي قدم پڻ کنيا، اخلاق جوکيو چواڻي ته: ڪراچيءَ ۾ قائم سچل ڳوٺ اڏيندڙ به قاضي شاهه محمد ئي هيو” ان ۾ وري ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته اتي هن مهل تائين سندس هڪ به پلاٽ نه هيو، هن پنهنجي عوامي همدرديءَ واري سوچ کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ صحافتي سفر جي شروعات ڪئي، هن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات جيان پنهنجي  صحافتي سفر جي شروعات به هيٺان کان ڪئي، هي پهرين عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ پهرين ڏهاڙي ( هڪ ڏهاڙو) پروف ريڊر رهيو، پوءِ بزنس واري شعبو اختيار ڪيائين، پوءِ پاڻ روزانه برسات ڪراچي، ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ روزاني سنڌ حيدرآباد، مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي اخبار مارڪيٽ ۾ آندائين، روزاني تعميري سنڌ، روزاني آزادي حيدرآباد، انگريزي اخبار دي ميل سکر جو چيف ايڊيٽر ۽ مالڪ بڻيو، هن مونکي هڪ ڀيرو چيو هو ته: ‘مولائي ادارن ۾ ماڻهون سفارشن سان داخل ته ٿي ويندو آهي پر اتي هلي ناهي سگھندو، هلڻ لاءِ پاڻ کي محنت جي ضرورت آهي.’ هي کاهوڙي ماڻهون هيو هي ڪم ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪبو هيو، هي مشڪل ڪم کي به آسان ڪري پيش ڪندو هيو، ڦڙتيلو ۽ چست ماڻهون هيو.
روزاني تعميري سنڌ ، روزاني آزادي ، انگريزي اخبار   THE MAIL SUKKUR سندس ئي خيالن جو خوبصورت اظهار هيو. هن مورڙي جي ميثارجندڙ ماڳ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ نامياري محقق گل حسن ڪلمتيءَ سان گڏ ڪيترائي ان تي ايڊيشن آندا ، هن جديد سنڌي صحافت کي نوان موڙ ڏنا. هن اخباري صنعت، صحافت ۾ مروج روايتن بجاءِ نيون روايتون قائم ڪيون، هن صحافين جي ڀلي لاءِ به هڪ تنظم قائم ڪئي هئي. هڪ ڀيري مونکي ٻڌايائين ته : جڏهن ظهير ميراڻيءَ پنهنجي سٿ سميت خبرون اخبار کي الوداع چيو هيو ته انهن ڏهاڙان ۾ عيد مٿان هئي ۽ ورڪرن کي پگھارون نه مليون هيون مون پنهنجي ذاتي اڪائونٽ مان انهن جي مالي سهائتا ڪئي هئي.” هن ٿڌين هوائن واري آفيس ۾ ڦرڻي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي سگريٽ جا وڏا سوٽا هڻڻ مهل به ڪنهن غريب دوستن جي ڏنل محبتن نه وساريو، نه ته اهڙي موڙ تي ڪيترائي ماڻهون منهن موڙي، مٽجي ويندا آهن، پر هي ڪڏهن به نه مٽيو، هي اهڙي ظرف جو مالڪ هيو.
قاضي شاهه محمد، پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو، سخي مرد ۽ مومن بندو هيو، هي اوکيءَ سوکيءَ ۾ رڳو پاڙي وارن جي ئي نه پر يارن دوستن جي به ڪم اچڻ واري ڪشاديءَ دل وارو ماڻهون هيو. هيءَ خبر تمام گھٽ ماڻهن کي هوندي ته: 10 محرم الحرام تي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ انجمن فروغ عزاداري مشن، ۾ ٿيندڙ وڏو نياز پاڻ ڏيندو هيو. ۽ درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه تي سبيل قائم ڪرڻ ۽ 10 محرم جو ماتمي جلوس نڪرن مهل انجمن جي دروازي تي شربت جي وڏي سبيل ڪرڻ ۾ دلي سڪون محسوس ڪندو هيو.
قاضي شاهه محمد وٽ ڪنهن به شيءِ کي ترتيب ڏيڻ جو وڏو ڏانءُ هيو، هي رحم دل ۽ انسان دوست ۽ وڏو سخي ماڻهون هيو، اهڙي ماڻهونءَ جي سار سڄڻن، احبابن کي سڄي حياتي ستائيندي رهندي،.
ڇر تي ڇڏيئي پيرڙا ڪري هنج اُڏار،
سڄڻ تنهجي سار ، صديون رهندي ساهه ۾ !   ( اياز )
قاضي شاهه محمد کي پيار مان سڀ گھرڀاتي ۽ پاڙي وارا ۽ ننڍ پڻ جا دوست ‘بابو’ والد ۽ چاچو ‘بابا’ ۽ عام ماڻهون ڀائو ڪري چوندا هيا، هر عمر جو ماڻهون سندس احترام ڪندو هيو، اهو ان ڪري جو هو پاڻ به هر ماڻهونءَ جو احترام ڪندوهيو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهونءَ سان اٿي ملندو هيو ۽ هر ڪنهن کي ڀائو ڪري سڏيندو هيو، يارن جو يار اهڙو دلبر شخص ڀلا ڪنهن کان ڪئين وسري، سندس ڪمهلو موت رڳو يوسف شاهين ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ کي ئي نه پر اسان سڀني کي جھوري ، اڪيلو ڪري ڇڏيو  آهي.
هليا ڪري هيکلو، کڻي سور سڀئي ساڻ ،
ڇڏي متل ميلا، رم جھم رس رهاڻ ،
سي ڪوڏيا! ڪهڙيءَ ڪاڻ، مرڻ کان اڳ مئا.     ( يوسف شاهين )
( پورو ٿيو)

( روزاني عوامي آواز ڪراچي، 25 ، نومبر 2013ع )



No comments:

Post a Comment