Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

تاريخ جو سڏ



تاريخ  جو  سڏ
مولائي ملاح
ان رات جي سانت ۾ اوچتو ئي آسمان ڏانهن نظر ڇڪجي وئي . ته چنڊ جي لهڻ مهل جھيڻي ٿيندڙ روشنيءَ جا  منظر ڏسي ذهن جي اسڪرين تي ڪائي ياد اُوهيرا ڪري تري آئي. جنهن سان دل ڀرجي . ۽ پوءِ اکين اظهارڪندي لُڙڪ لاڙي وڌا .
جيئن سي کُهيءَ نار وهن واريءَ گاڏئان .
هينئڙو پريان ڌار نبيريانس نه نبري .(شاه)
اهڙي ڪيفيت ۾ئي ويٺوهئس ته رات جو 2 وڳي ڌاري موبائل فون تي ميسج جي گھنٽي وڳي . اڃان ٿورائي ڏينهن مس ٿيا هئا ؛جو اڌ رات (3 بجه ) جو پروفيسر الطاف جوکئي جي آيل هڪ فون ڪال  اسانکي سڪتي واري ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو هو. جنهن جو سوڳ اڃان تائين جاري آهي. ياالاهي خير ڪجانءِ ... !چئي فون کنيم ؛ اسڪرين تي اخلاق جوکئي جو نالوڏسي  ڊڄي ويم ؛ وري الائي ڇاٿيو...... ! چپن ۾ ڀڻڪيم .وساڻل دل ۽ ڏڪندڙ هٿن سان موبائل تان ميسج کولي پڙهڻ لڳم ته .لکيل هو:
Dear Sir, we are going publish an international standard sindhi book on ‘Bashir Khan Qureshi’ on his chehlam ceremony. This book will be about 500 pages, with 50 write-ups of most selective & influential persononilities of different fields. Title & design of the book is under preparation by international artists of Sindh. You are requested/ invited to write something special for this special book of special ‘Man of History’ & send us with your photo, good if any with Waddo, before 20th of April…. All writers will be honoured with love/ books. Cordially Akhlaque Jokhio JSQM/ DBM.
هي اُهو ميسج هو جيڪو اخلاق جوکئي  سوڳ ورتل سنڌ جي  ساڃهه وند ماڻهن کي موڪلڻ لاءَ لکيو هو.جيڪو هن ڪنهن کي به موڪلڻ کان پهريون مون ڏانهن ئي موڪليو. در اصل هي ميسج نه پر ؛ تاريخ ۾ پنهنجي گواهي پيش ڪرڻ جو هڪ سڏ هو. جيڪو هوبهو شاه جي هنن سٽن جهڙو هو . ته
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نيهن اُڇل .
نه ڪا جھل نه پل سڀ ڪو پسي پرينءَ کي .(شاه)
تاريخ جي ان سڏ ۾ هرڪنهن کي پنهنجي وس وت ۽ ڄاڻ آهرحق سچ جي حمايت ۾ گواهي ڏيڻ لاءِ؛ ابابيل پکيءَ جيان چُهنب ۾ کنيل پاڻيءَ جي انهن قطرن  جيترو/ جهڙو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.  چيم ته جس لهڻي هي فقير جنهن گھر ويٺي اسان کي تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي؛ هن اهڙو ڪم پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي. پنهنجي محبوب اڳواڻ کي تاريخ جي دستاويز ۾ سهيڙڻ لاءِڪيو آهي.هن اهڙواعلان مايا ميڙڻ. سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ نه ؛ پر پنهنجي محبوب اڳواڻ کي هڪ ٽربيوٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي .
صبح ٿيندي ئي چانهه جي ڪوپ تي ويهي ڪتاب تي سوچڻ لڳا سين.  ته ڪتاب ڪيئن هئڻ گھرجي. ڪتاب. جو معيار .مواد . اسڪيچ. پيپر. پرنٽ. قيمت. ڪاپيون وغيره ڪيتريون /ڪيئن هئڻ گهرجن. اخلاق . پهريون ئي. مون اهو چٽو چئي ڇڏيو هو ته .مولائي هن ڪتاب مان اسان کي ڪمائڻو ڪجھ به ناهي. بس رڳو ڪتاب تاريخي ۽ بين القوامي معيار جو اچڻ گھرجي. جنهن ۾ بشيرخان قريشيءَ جي شخصيت ۽ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سندس ڪيل جدوجهد سان انصاف ٿي سگھي. ۽ ڪتاب بشيرخان جي چاليهي تي ئي اچڻ گھرجي جنهن لاءِ وقت صرف 20 ڏهاڙن جو.آهي.هن ان ڪم کي وقت سر پوري ڪرڻ لاءِ ٻه ڪاميٽيون جوڙيون جن مان هڪ جوڪم رابطاڪري مواد کي سهيڙي ميل ڪرڻ ۽ ٻيءَ جو ڪم پهتل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کي ڪمپوزڪرڻ هو؛ جن مان هڪ هت  (محرابپور ۾  ) ته  ٻي حيدرآباد ۾ هئي. مون تي مواد سهيڙڻ جي ذميواري رکي وئي جنهن کي نڀائڻ لاءِ مون صحافي دوستن سان رابطا شروع ڪيا .جنهن ۾ مونکي ڪن دوستن مايوس ڪيو. ته وري ڪن ڀرپور موٽ ڏئي اُتساه ڏنو.اهڙي مرحلي مان ڪنهن ڪنهن وقت اخلاق به گذريو پئي. پر هن کاهوڙيءَ اهڙن روين جي پرواه نه ڪندي .اهڙي پل اسانکي حصلو ڏيندي چيوته :هي تاريخ جو سڏ آهي ؛توهان بشيرخان جي تاريخ سهيڙڻ جي ڪاڄ جا ساڏي  بڻجي سنڌي قوم ساڃهه وندن کي ڪانڍ ڏيو ؛پوءِ آ انهن جي مرضي ته هو تاريخ کي ڪهڙي ٿا مانائتي موٽ ڏين..! توهان پنهنجي ذميواري پوري ڪريو . ان ويل اسانجي لبن تي استاد تري آيو. ته :
اسان جي  سڏ ۾ آ سڪ پيارا ،
وڻئي ته واه واه ڪندو هليو آ ،
هي دل لڳي آ لڪي نه سگھندي ،
وڻن تي وا ڪا ڪندو هليو آ ، (بخاري)
هي تاريخي دستاويز اخلاق جوکئي جو پنهنجي محبوب اڳواڻ سان ڪيل ان بي پناه عشق جو ثمر آهي .جيڪوهن کيس پهرين نظر ڏسڻ سان ئي ڪيو هو.هن فقير ان وقت ئي سندس نيڻ ۾ جھاتي پائي سندس سنڌ سان ساه جي سڳي ٽٽڻ تائين وفا جوڪيل وچن پڙهي ورتو هو. اخلاق کان بشيرخان بابت ٻڌل ڳالهين کان پوءِ مون لاءِاهو چوڻ /لکڻ مشڪل ٿي پيو آهي ته هنن مان معشوق / مرشد ڪير آ..! ڇو ته ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجو/ مرشد سڏين پيا.
اخلاق بشيرخان کي پنهنجو مرشد سڏي ٿو ۽ بشيرخان اخلاق کي پنهنجو مرشد چوندوهو(اهڙو اظهار بشيرخان فون تي بشيرجوکيوسان هنن لفظن ۾ ڪيوهوته : ادا اخلاق منهنجو مرشد آهي ) اخلاق سنڌ جو اهو خوش نصيب گھوٽ آهي جنهن جي شاديءَ مهل گاڏيءَ جي ڊرائيونگ به بشيرخان پاڻ ڪئي هئي . سادگي/ عشق جي انتها ته ڏسو.بشيرخان شاديءَ ۾ جيڪو ڪپڙن جو جوڙو  هن کي گفٽ ڪيو اهو هن اعزاز سمجھي ان مهل ئي پنهنجي  ‘ڪفن ’ لاءِ صندوق ۾ رکرائي ڇڏيو.آهي. ايئن جيئن ڪو مون جهڙو مولائي ڪربلا جي ڪفن کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجھندو آهي.  شال ! کيس نصيب ٿئي.
سنڌ جي حقن جي هر وقت تسبيح سوريندڙ؛ هن سچي ديشيءَ کي تاريخ جي ورقن ۾ رقم ڪرڻ لاءِ . سنڌ جي سڄڻن کي سنڌ جي عشق جي سڳي ۾ پوئي .محبت جي موتين جي هيءَ مالها ؛هن ڪتاب جي صورت ۾ هڪ  تاريخي تسبيح جيان جوڙي آهي . جنهن جو هر سنڌ واسي . سنڌ ... سنڌ ... سنڌ ... سنڌ ... چئي سنڌ سان وچن ورجائڻ وارو ورد ڪري رهيو آهي  جنهن ورد ۾ هن وقت اوهان به مصروف آهيو ...!  ساٿ سلامت سنڌ سلامت .
( ڪتاب : وڏو. مرتب : اخلاق جوکيو )

No comments:

Post a Comment