Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

وڪٽوريا شفيلڊ، صنم ڀٽو، بيگم نارو ۽ امتياز ملاح



ڀٽو جي پهرين ورسيءَ جون ساروڻيون.
وڪٽوريا شفيلڊ، صنم ڀٽو، بيگم نارو ۽ امتياز ملاح
مولائي ملاح
اُڻويهه سئو اُڻاسيءَ جي چوٿين اپريل تي، سنڌ کي جيڪو گـﻫـرو گھاءُ رسيو، اهو ڀرجڻ جو ته ناهي، پر ان جي غم، غصي واري ڪيفيت کي ڪنهن ڪالم ۾ سمائي به نه ٿو سگھجي، ڇو ته: اهو سور سنڌ، سنڌي ماڻهن جي سـﻫـپ کان گھڻو هو.
لڱن کي لڳندڙ اتر جي هير هن ڏهاڙي جي يادن کي ورجائي ٿي ته جسم مان سيسڙاٽيون نڪري وڃن ٿيو. انهن يادن جي ورجاءَ سان دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي. ڇا قصور هيو ڀٽو جو جنهن جرم ۾ کيس اڻمندائتي موت جي ننڊ سمهاريو ويو.؟ !
ڄَر جيئن ڄيري ۾،
ٻيهر چنڊ ٻري جڏهن،
نئين ديري ۾! (اياز)
سنڌ جي هن مُرڀي پٽ عالمي سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو ته هو مٿس ڪاوڙجي پيو، جنهن هن ملڪ جا گدڙ خريدي کيس انهن هٿان مارائي سنگينن جي سائي ۾ لاش سنڌ حوالي ڪيو. اهڙي دردناڪ واقعي کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن جي ڪيفيت زخمي شينهڻ جيان ٿي پئي، جنهن آمر ۽ آمريت جي پوڄارين کي سک سان ويهڻ نه ڏنو، انهن جي حملن جي هر آئي ڏهاڙي مزاحمت ڪئي. آمر جي اهڙن عملن جي مزاحمت رڳو مردن ئي نه پر عورتن ۽ ٻارڙن به وڌي ڪئي. سندن اهڙي جرئت کي پست ڪرڻ، کين هيسائڻ لاءِ آمر جا سپاهي جڏهن سنگينون سڌيون ڪندا هيا ته هي انهن کان ڊڄڻ بجاءِ پنهنجا سينا سامهون ڪندا ها، ڀٽو جي عشق ۾، آمريت سان هر ماڻهونءَ ويڙهاند ڪئي، ان ويڙهاند ۾ هر ساڃهه وند ماڻهن پنهنجا محاذ سنڀاليا، جيڪڏهن ورڪرن ميدان ۾ وڌي ٿي ويڙهاند ڪئي ته، صحافين وري سندس آواز کي انصاف لاءِ عالمي عدالتن تائين ٿي پهچايو. ڪنهن جو به ڪم جان جي جوکم کان گھٽ نه هيو جن ۾ ڪي شهيد ته ڪي غازي بڻيا، جن جو ڪردار، قرباني ساراهه ۽ سلام پيش ڪرڻ جو حق رکي ٿو.
محرابپور مان ڀٽو جي پهرين ورسيءَ تي ويندڙ 20 هن سالن جو ورڪر امتيازملاح پنهنجي زخمي ٿيڻ جو واقعو ٻڌائيندي چوي ٿو ته:“انهن ڏهاڙن ۾ گھر جا ٻئي بذرگ ابا ڪريم بخش ملاح ، چاچو عبدالطيف ملاح (مرحوم) ۽ سترهن سالن جو ننڍڙو ڀاءُ آفتاب ملاح جن، ڀٽو جي ورسيءَ تي ويا ۽ مونکي پويان گھر، ڪاروبار جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. مون جڏهن محرابپور جي جيالن ورڪرن خدابخش نوناري ( کدو) عاشق چنه اخباري هاڪر، ۽ ٻين کي ورسيءَ تي ويندي ڏٺو ته، آئون پنهنجين اکين ۾ لڙڪن کي روڪي نه سگھيس، مون هنن جي وکن کي سسئيءَ جي هن سڏ، ته:“ سوريءَ سڏ ٿيوم، ڪا هلندي جيڏيو” جيان سمڌو، پوءِ جذبات کي قابو ۾ رکي نه سگھيس ته: “ويهڻ مون نه وڙاءُ!” واري ڪيفيت ۾ نڪري پيس، هوٽل ملازمن حوالي ڪري اسٽيشن تان بنا ٽڪيٽ ٽرين ۾ چڙهي اچي روهڙيءَ لٿاسين، جتي اڳ ئي جيالن جي ٽرين نئين ديري وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هئي ان ۾ چڙهي پياسين، جنهن جي قيادت بيگم نارو ڪري رهي هئي جيڪا ان وقت عورت ونگ سکر ڊويزن جي صدر هئي.
نئون ديرو اسٽيشن تي پهچڻ کانپوءِ اتي خبر پئي ته اڳيان مورچي تان ورديءَ وارن ورسيءَ تي ويندڙ ورڪرن جي هڪ جٿي تي فائرنگ ڪئي، آنسون گئس هلائي آهي ته جئين هو اڳتي تي وڃي نه سگھن. اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ موجود ورڪر ويتر جذباتي ٿي ويا، بيگم نارو چيو ته: هلو انهن جي اهڙي عمل جي مزاحمت ڪبي، هن اتي اسان سڀني کي فوري طورتي هدايتون ڏيندي چيو ته: جنهن جنهن کي جيڪو به ڪپڙو، ٽوال، رومال وغيره آهي ته اهو پاڻيءَ ۾ آلوڪيو، هو پوليس وارا گئس استعمال ڪن ته بچاءَ لاءِ اکين تي رکجو ، پاڻ کي پارٽيءَ جي جھنڊي جهڙو ٽه رنگو رئو پاتل هيس اهو لاهي سڄو پاڻيءَ ۾ پسائي نعره هڻندي نڪري پئي، ان طرف جنهن طرف کان ورڪرن تي فائرنگ ۽ گئس استعمال ٿي هئي. هوءَ جئين ئي جيئي ڀٽو جي اڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونجندڙ جلوس سان مورچي وٽ پهتي ته چارو طرف پوليس، رينجرز ۽ فوج جي دستن جلوس کي گھيري ورتو، ورديءَ وارن پوئتي هٽڻ لاءِ چيو بيگم نارو جي انڪار تي هنن جلوس کي منتشر ڪرڻ لاءِ پهرين آنسوگئس پوءِ گولي هلائي. جنهن وقت انتطاميه جون بيگم نارو سان ڳالهيون هلي رهيون هيون ته هن جلوس مان امتياز ملاح سميت ٽن ڄڻن مورچي تي وڃي پوليس وارن کان هٿيار کسڻ جو فيصلو ڪيو، هي جئين ئي مورچي جي ڪجھ ڏاڪن تي چڙهي اڳتي وڃڻ لڳا ته مٿان پوليس وارن هنن نوجوان ورڪرن تي سڌا فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ورڪر شهيد ۽ امتياز ملاح سميت هڪ ورڪر شديد زخمي ٿي پيا. شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ نوجوان ورڪرن جو تعلق شڪارپور شهر سان هيو.
جلوس تي آنسوگئس، لاٺي چارج ۽ گولي هلي ته جلوس منتشر ٿي ويو، امتيازملاح ۽ سندس ساٿي کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ رضاڪارن کڻي اچي هڪ هوٽل ۾ آندو، جتي هي هوش ۾ آيا ته هنن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. جنهن بعد رضا ڪارن کيس نئين ديري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي بنگلي تي آندو، بنگلي جي ورانڊي ۾ کين سمهاري اندر بنگلي ۾ اهڙو اطلاع ڏنو ويو، اطلاع ملڻ شرط ئي اندران نامور صحافڻ وڪٽوريا شفيلڊ، صنم ڀٽو ۽ چاڪر خان جوڻيجو نڪري آيا. صنم ڀٽو جي حڪم تي هنن کي پهرين ڪپڙا آڻي ڏنا ويا، ڪپڙا تبديل ڪرڻ کانپوءِ صنم ڀٽو کين پنهنجي گاڏيءَ ۾ چاڙهي سرڪاري اسپتال لاڙڪاڻو کڻي آئي. گاڏيءَ ۾ ساڻن زخمين سان گڏ صحافڻ وڪٽوريا شفيلڊ، صنم ڀٽو، چاڪرخان جوڻيجو ۽ سندس سيڪريٽري ۽ ڊرائيور هيا.
اسپتال پهچڻ کان پوءِ اسپتال جي عملي جڏهن سندن علاج ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ،اتي وڪٽوريا ساڻن اٽڪي پئي. هن اتي احتجاج پڻ ڪيو، ۽ صنم ڀٽو جي به ساڻن ٺيڪ ٺاڪ منهن ماري ٿي پئي. اسپتال جو عملو ‘ اين سي _  ايف آئي آر’ جي ڪاپي گھري رهيو هيو جيڪا هنن وٽ ڪانه هئي. دڙڪن دهمانن ۽ احتجاج کانپوءِ نيٺ مڙئي ملم پٽي ڪري کين فارغ ڪيائون. جنهن بعد امتياز ملاح پنهنجي زخمن جو علاج اچي نوابشاهه مان ڪرايو، سندس ٽنگ ۾ لڳل گوليءَ جو زخم خراب ٿي چڪو هو جنهن کي ڊاڪٽرن ڪينسر جو خدشو ڏيکاريو هو آپريشن بعد به 45  ڏهاڙن تائين اسپتال ۾ زيري علاج رهيو.
ڀٽي جي ورسيءَ تي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کانپوءِ بيگم نارو سان هن جي آخري ملاقت ڇهن سالن جي عرصي کانپوءِ سانوڻ رت جي رات جو 9 وڳي هالاڻي هيلٿ سينٽر ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ زخمي حالت ۾ کڄي آيل سندس نظرن اڳيان زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه کڻندي ٿي. جيڪو هڪ درد ناڪ حادثو هيو جنهن امتياز ملاح جي ذهن تي ڪافي عرصي تائين گھرا اثر ڇڏيا.
وڪٽوريا شفيلڊ، بينظير ڀٽو جي وفادار دوست، ڪلاس فيلو هئي هيءَ ڀٽو جي ڪيس، قيد ۽ سزا کي ويجھي کان ڏسڻ لاءِ هڪ سال کان هت آيل هئي، جيڪا هڪ سال تائين هت رهي. ڀٽو جي ڪيس بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هن اهم پارٽي اڳواڻن ۽ ڀٽو جي وڪيلن سان ملي ڪيس بابت ، مشوره ۽ ڄاڻ حاصل ڪندي رهي، انهن ڏهاڙن ۾ هيءَ ‘بي بي سيءَ’ سان وابسطه هئي، وڪٽوريا شفيلڊ انهن ڏهاڙن ۾ هت ئي ڀٽو جي ڪيس تي هڪ جامع، ڀرپور معلومات سان ڪتاب پڻ لکيو “ ڀٽو ٽرائل اينڊ ايڪسڪيوشن” جنهن جو مواد حصن ۾ هوءَ هتان پنهنجي ماءُ ڏي موڪليندي ويندي هئي جيڪا اتي ان مواد کي ٽائيپ ڪندي سهيڙيندي ويندي هئي. پاڪستان ۾ آمريت هئڻ سبب اهڙي مواد تي پابندي پيل هئي، سندس ڪتاب تي ڀٽو جي ڪيس ، قيد ۽ سزا تي روشني وڌل آهي.  جيڪو ڀٽو ڪيس کي سمجھڻ لاءِ ڪافي مددگار، لاڀائتو ثابت ٿيو. جنهن جو اردو ترجمو “ بهڻو مقدمه اور سزا ” جي نالي سان ڪافي وقت کانپوءِ پاڪستان ۾ ئي ڪيو ويو. سندس اهڙين صحافتي سرگرمين سبب پاڪستان حڪومت طرفان سندس 24 ڪلاڪ چوڪسي ڪئي ويندي هئي، ايجنسين جي مٿس باقائدگيءَ سان نظر رکيل هئي، وڪٽوريا شفيلڊ پنهنجا سڀ فرض نڀائيندي ڀٽو ڪيس کي ايمانداريءَ، مڪمل حقيقتن سان پيش ڪيو آهي جنهن اهڙي ڪم، ڪردار ادا ڪرڻ تي، کيس جس هجي.
اهڙي جس لائق الائي ته ڪيترا ڪردار موجود  آهن جيڪي ويسر جي دز ۾ دٻجي تاريخ جا وساريل ورق بڻيل آهن. جن جي ڪاوشن، قربانين تي لکڻ گھرجي، اهڙن عظيم ورڪرن  جي ڪم ۽ ڪردار کي ساراهڻ ۽ سلام پيش ڪرڻ گھرجي. ان لاءِ مون سوچيو ته ڇونه سندن تي ڪو پروفائل ڪجي جنهن لاءِ اڄ وقت ۽ اسپيس ايتري اجازت نه ٿو ڏئي. وري ڪنهن ٻئي ڀيري ڪنهن نئين ڪردار سان پڙهندڙن آڏو پيش، حاضر ٿبو تيستائين ساٿ سلامت سنڌ سلامت، حق موجود سان، سدائين گڏ .

روزاني عبرت حيدرآباد، روزاني سوڀ ڪراچي ،( 4 اپريل، 2014ع )

No comments:

Post a Comment