Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

ساهه ساميئڙو مڙئي مهمان آ!





( ليکڪ، مولائي ملاح ۽ ابرار نديم ملاح ، پهرين جنوري 2014ع )




ساهه ساميئڙو مڙئي مهمان آ!
مولائي ملاح

ڪجھ مهينا اڳ آگسٽ ۾ ‘ڪي ٽي اين نيوز’ تي( M R D ) مرد ، تحريڪ تي کاهوڙي صحافي فيض کوسي جي ترتيب ڏنل ڪهاڻي ڏسڻ کانپوءِ ان تحريڪ جون يادون، منظر ۽ اهي امر ڪردار ذهن جي اسڪرين تي تري اچن ٿا. اهائي لڱ ساڙيندڙ گرمي، آرهڙ جا ڏهاڙا، تتل روڊ. ۽ ماڻهن جي هجومن ۾ پوليسارن جا ڏنڊا اُڀا ۽ ڪارڪنن جا جذباتي نعرا ۽ انهن نعرن جي گونج ۾ جمهوريت، 73 جو آئين بحال ڪيو،ملڪ بچايو عوام بچايو، جي گونج اڄ به منهنجن ڪنن ۾ ٻُري رهي آهي.
اهي جيءَ جيارا جيالا جن مان ڪي وزير مشير ته ڪي وري پاور کان پري ته ڪي بيماريءَ جي بستري تي بيحال بڻيل آهن ۽ پنهنجي بيماريءَ سبب بي وس بڻيل زندگيءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن.
پ پ پ جا اهڙا سرفروش ڪارڪن جن جي دم، ڪم ۽ عمل سان هن تحريڪ زور ورتو هيو، اهي اڄ ويسر جي واءَ ۾ پپل جي ڇڻيل پنن جيان ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ بي سهارا بڻيل بيماريءَ جي لڳل باهه جي اُجھامڻ جي اوسئڙي ۾ پيل آهن ...!!
   پ پ پ جي اهڙن سرفروش ورڪرن مان تعلقه محرابپور جو جنرل سيڪريٽري ابرار نديم ملاح به هڪ آهي جيڪو ڪافي عرصي کان جگر جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي جنهن جو علاج ڪافي وقت کان اسپتال سائوٿ سٽي ڪراچي ۾ هلندڙ هيو جنهن کي هاڻ سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ضيغم عباس اهو چئي جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته: هاڻ تنهنجو علاج هت ممڪن ناهي جنهن لاءِ توکي انڊيا، چائنا وڃڻو پوندو، جنهن جو قل خرچ هڪ ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ آهي جيڪو هن ڪارڪن جي وس ۾ ناهي. ان لاءِ هو ڪيترن ئي مهينن کان سرڪار ڏانهن سهائتا لاءِ واجائي رهيو آهي. هن وقت سندس هر گذرندڙ ڏينهن سندس لاءِ مايوسين جا پاڇا ئي ڇڏي رهيو آهي. سندس اندر جي ڪيفيت آڪاش انصاريءَ جي هن شعر جهڙي ڏکائيندڙ ٿيندي وڃي پئي ته:
  وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو، پيو ٿئي گھر گھلو يار جلدي ملو،
جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ، ساهه ساميئڙو مڙئي مهمان آ
ڪيس تائين هي رهندو ڀلا قافلو، يار جلدي ملو يار جلدي ملو،
پ پ پ سرڪار کي هنن ڪائي جهڙن ڪارڪنن جو قدر ڪرڻ گهر جي، ها! هيءُ اهي ئي ته ڪارڪن هيا جن سنڌ ۾ آمريت خلاف باهه ٻاري شمر جي ڀاءُ جنرل ضياءُ جي غرور کي ٽوڙيو ۽ بين القوامي دنيا جو هن ملڪ ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو جنهن کان پوءِ عالمي قوتن ضياءَ کي هن ڌرتيءَ تي بار سمجھڻ شروع ڪيو. ان بعد پ پ پ کي حڪومت ملي. ته ڪارڪنن مس ونجي ڪو سک جو ساهه کنيو. انهن ڏهاڙن ۾ ملڪ ۾ عوام جي باقائدي حڪومت محسوس ٿيندي هئي. پارٽيءَ اندر ورڪرن جي ڳالهه ٻڌي ان تي فوري طور عمل ڪيو ويندو هيو. ورڪرن جي مالڪي ٿيندي هئي، پر سنڌ راڻيءَ جي شهادت عيوض “ زرداريءَ مان ڀٽو بڻيل” اڳواڻن کي جيڪا حڪومت ملي آهي ان ۾ پ پ پ ۾ ڀٽو جا سپاهي سڏائيندڙ پارٽيءَ جا سرفروش ڪارڪن اڄ بلڪل ويسر جي واءَ ۾ ائين رُلي ويا آهن جئين طوفان ۾ ڪانوَ رُلي ويندا آهن. جتي پارٽيءَ جي اهڙن جيءَ جيارن سان اهڙو ورتاءُ روا رکيو وڃي پوءِ اتي عوام جو ڇا حال ڪيو هوندن ان جو اندازو هر سياڻو ماڻهون سندن اهڙين پاليسن مان بخوبي لڳائي سگھي ٿو.ان ۾ قصور کڻي ڪنهن جو به هجي پر ذميوارته وري به  اڳواڻ ئي آهن اهي ان جي پڇاڻي جو حق رکن ٿا ته عوام آخر مسئلن جي منهن ۾ ڇو آهي.  
هن وقت محسوس اهو پيو ٿئي ته هنن اهم ادارن ۾ پنهنجا مخصوص ماڻهون ويهاري ڇڏيا آهن جن جو ڪم صرف عوام جي خدمت ڪرڻ نه پر سندن اڪائونٽ ڀرڻ آهي. حاڪم ڪنهن لاءِ ڪو اعلان ڪن ٿا ته سندن گاڏين ۾ ويهاريل واٺا انهن کي “ سڀ ٺيڪ آ سائين ” چئي رُلائي ٿا ڇڏين. ٽي مهينا اڳ پ پ پ  تعلقه محرابپور جي جنرل سيڪريٽري ابرار نديم ملاح جي علاج لاءِ تشنا شبير ميمڻ لانگ مارچ ڪري سنڌ راڻيءَ جي مزار تي دانهين ٿيڻ ويو ته: اتي ڳڙهي خدابخش ۾ محترمه جي مزار تي آصفه ڀٽو جي گاڏي گذري تي هي سيڪيورٽيءَ جي ڪابه پرواهه نه ڪندي سندس هلندڙ گاڏيءَ اڳيان اچي ويو ۽ موقعي جو فائدو وٺندي کيس ابرار نديم ملاح جو ڪيس اڳيان رکيائين، جنهن تي آصفه ڀٽو فوري طور سندس علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن شبير ميمڻ جهڙي نوجوان جيالي کي به اتساهه ڏنو، پر پوءِ ٿيو ڇا. اجھو ٿا علاج جا پئسا پهچن. پورا ٽي مهينا بيمار ابرار نديم ملاح ، ڪامريڊ آفتاب ملاح ۽ شبير ميمڻ ، ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن اسلام آباد جي آفيسن جا  چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن. هي آرٽيڪل لکجڻ تائين ته مليو ڪجھ به ڪو نه سوائي ٺلهن آسرن جي، هاڻ ته سندس مرض به آخري اسٽيج تي اچي پهتو آهي جتي هن کي دوائن کان به وڌيڪ دعائن جي ضرورت آهي.
آصفه ڀٽو پاران ڪيل مڪمل علاج واري اعلان جي آسري ۾ هن ڪامريڊ جو ڪافي قيمتي وقت ضايع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هاڻ هي پنهنجو الهه تلهه وڪڻي پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جيڪا ويزا کيس هزارن ۾ ملڻي هئي اها ويزا هن هاڻ ڏيڍ لک ۾ ورتي آهي. هو عجيب قيفيت ۾ هزارين درد کڻي علاج لاءِ چائنا اسهڻ لاءِ تيار آهي جنهن وٽ هڙ ۾ ڪجھه به ڪونهي…!!!  هي ڄاڻي ٿو ته سندس وڇوڙي کانپوءِ پارٽيءَ جا سڀ ڪارڪن ۽ اڳواڻ پاڻ چمڪائڻ ، فوٽو سيشن ڪرائڻ لاءِ سندس تڏي تي سهڪندا اچي پهچندا ۽ وڏا وڏا اعلان ڪندا، منهنجي جدوجهد جي ساراهه ڪندا، پر اها ڪهڙي ڪم جي، هي چوي ٿو، “ جيڪي مئي ڪندا ، سو جيئري ڪريو سپرين”
هن کي حوصلي ڏيڻ لاءِ پارٽي نه پر 2 پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي جيڪا هن دنيا تي هن جي قل ملڪيت آهي. هن جو حوصلو اڄ به حماليه جيان بلند آهي، ارادا مضبوط اٿس ، سون تي سيڻ مٽائڻ جي موڊن ۾ ناهي ، هن کي هن وقت تائين بيماريءَ ايترو ڪمزور ناهي ڪيو جيڪو پارٽيءَ جي اڳواڻن جي بي رخيءَ ۽ روين مايوس ڪيو اٿس. هاڻ هن جي زبان مان باربار هي لفظ اچارچي رهيا آهن ته : “ دوستن جو سلوڪ ماري ٿو”
ٽي ڏهاڙا اڳ سندس پٽ ذوالقرنين ۽ نياڻي فضه ابرار ملاح جا آصفه ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو ڏانهن کليل خط پڙهيم ته  ڏاڍو افسوس ٿيو. سوچڻ لڳم ته هن عوامي پارٽيءَ جي اڳواڻن جي هانو تي هنن خطن جو رڳو اهو اثر ٿيو آهي جو ٺلهي فون ڪري ويهي رهيا آهن عمل لاءِ ڪجھ به نه …!!
هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته پ پ پ سرڪار ۽ سندس جيالا اڳواڻ جتي پنهنجن اهڙن قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي اهڙي حال ۾ هڙ ۾ هر شئي هوندي به ڪجھ ڪو نه ٿا ڏين، سندن واهر ڪرڻ بجاءِ غيرن جيان بيهي ڏسي رهيا آهن ۽ انهن جي ڪرب ڀري ڪيفيت تي رحم کائڻ بجاءِ ان مٿان آمريت جيان ڏند ٽيڙ ڪري رهيا آهن، ته پوءِ اتي عام ماڻهوءَ جي مدد ڪهڙي ڪندا.؟! عام ماڻهوءَ جو حشر ڪهڙو ٿيڻو آهي.؟!! سڀاڻي جڏهن بلدياتي، عام اليڪشن ۾ڪامريڊ  آفتاب ملاح  عوام وٽ ووٽ  لاءِ ويندو ته انهن کي ڏيڻ لاءِ هڙ ۾ ڇا هوندس ڀاءُ جي بيوسي! انهن کي ڏيڻ لاءِ ڇا کڻي ويندو، انهن کي ڇا چوندو ته اسان جي پارٽي اقتدار ۾ اچي اوهان عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪندي، ڇا ڪنهن جي زندگيءَ کان وڌيڪ به ڪوئي بنيادي مسئلو آهي ڇا؟!!
ڇا سرڪاري خزاني مان صرف وزيرن ، مشيرن جي بيگمات جو ئي علاج ڪرائڻو آهي.؟! ٻي مخلوق جو ڪوبه حق ناهي، اها روايت جمهوري ته ناهي ، ائين آمريت ۾ ٿيندو هيو…!!
هي مسئلو رڳو ابرار نديم ملاح جو ئي ناهي. پر هي مسئلو سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، غريب عوام جو مسئلو آهي پ پ پ جي ووٽر، ورڪرن ۽ پارٽيءَ جي نوجوان ڪارڪنن جو مسئلو آهي. پارٽيءَ جي عوام ۾ ساک جو مسئلو آهي . اڄ اگر ابرارملاح هن ڪسمپرسيءَ واري ڪيفيت ۾ اسان کان وڇڙي ويو ته پوءِ سڀاڻي عوام، توڙي عام ڪارڪن جو هن حڪومت ۽ هن پارٽيءَ ۾ ڪهڙو ويساهه بچندو…؟!!.
هت ڪالهه به وڏيرن کي ويزا سرڪاري خرچ تي مفت ۾ ملندي هئي ۽ اڄ به انهن جي اولاد کي ڪوئي روڪڻ وارو ناهي رهيو، ڪالهه آمريت ۾ به غريب عوام دربدر هيو ۽ اڄ به اهو پيرين اگھاڙو آهي. اردوءَ جي هن سٽ جيان ته: پائون ننگي هئين آج ڀي ، باضميرون ڪي.!
Moulaiem@yahoo.com
روزاني عبرت حيدرآباد، ڊسمبر 2013ع
(پوروٿيو)

No comments:

Post a Comment