هو سنڌ تي سوچڻ لَئه، سيد ڏانهن لَڙي ويو آ.
مولائي
ملاح
توڙي
جوان جي مرتئي کي اَڄُ اٺون ڏهاڙو به اچي پورو ٿيو آ؛ پر سنڌجي ندورن نيڻن مان
لُڙِڪن جون وهندڙ نيئون اڃا به جاري آهن. سنڌي ماڻهن جي مَنَ اندر ۾ اڃان به ماتمي
ماحول جُڙيل آهي. ڪا به دل اڃان اِهو مڃڻ لاءِ تيارئي ناهي ته؛ ڪو سنڌ جو ’خان‘
کانئن وڇڙي ويوآهي. پر ويٺي ويٺي دکي دل مان اِها سرد آهه به ٻُري رهي آهي ته :
بڑی
مشکل سے ہہوتا ہہے چمن میں دیدہ ور پیدا
هن حلاليءَ پٽ جو سيد ۽ سنڌ سان عشق انهيءَ اُلهڙ وهيءَ ۾
ٿيو جيڪا وَهي بهار رُت جي جھونڪي جيان من کي موهيندڙ ۽ گلن کي سونهن اَرپيندڙ هوندي
آهي. انهن ڏهاڙن ۾ نوجوان ڪنهن وينگس جي ڀورن ناسي نيڻن گھاٽن ڪارن ذلفن جا اسير
بڻجي ويندا آهن. پر هن کي سنائي سيد جي فڪر ڌرتيءَ جي عشق ۾ اهڙو ته رنڱي ڇڏيو جو
هن کي زماني جي ڪنهن به عشق کي ڏسڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ۽ هو سيد ۽ سنڌجي عشق
۾ ساه جي سڳي ٽٽڻ تائين ماءُ جيان رهيو: ’سنڌ سان اهڙي جند جُڙي_ جو ٻيا دل وارا
وسري ويا‘
هي سادو ۽ سٻاجھڙو ٻار عشق جي فلسفي ۽ ان جي لاهن چاڙهن ڏکين گھڙين کان اڻ
واقف هو؛ پرهن کي عشق جي ان سفر تي هلندي ڏکن سکن جا سڀ لَڪَ لتاڙيندي اهو اندازو
ڀلي ڀت ٿي ويو هو ته هن عشق جي راه ڪيتري ڏکي ۽ ڊگھي آهي ۽ ان جي منزل اڃان ڪيتري
پري آهي پر تنهن هوندي به هن پنهنجي همت ۽ حوصلو نه هاريو ۽ عشق جا اُهي اوکا پل
هن اڙٻنگ جوان مڙس ماڻهن وانگي نڀايا. ان عشق هن جي رهبر جيان رهنمائي ڪئي. هن ان
عشق ۾گھڻو ڪجھ سکي ورتو.: فيض احمد فيض چواڻي ته :
اٍس عشق مین ھم نے کیا سیکھا،
ھم پہ مشترکہ ھین احسان غؑم الفت
کے ،
اتنے احسان کہ گٍنواؤن
تو گٍنوا نہ سکون
،
ھم نے اس عشق میں کیا کھویا
ھے کیا سیکھا ھے،
جز ترے اور کو
سمجھاؤ ں تو سمجھا نہ سکوں ،
عاجزی سیکھی ، غریبوں کی حمایت سیکھی ،
یاس و حرمان کے، دکھ درد
کے معنی سیکھے ،
زیر دستوں کے مصا
ئب کو
سمجھنا سیکھا ،
سرد آھوں کے
، ڑ خ زرد
کے معنی سیکھے ،
فیض احمد
مانجھي مڻياندار مڙس سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾اهوڪجھ ڪيو جيڪو سنڌجي عشق ۽ سيد جي
فڪر ۾جائز هيو. هو ان عشق ۾ مخالف جي درلنگھي وڃڻ ۾ به ڪوبه آر محسوس ڪونه ڪندو هو. سنڌ ڌرتيءَ جي حقن جي
حاصلات خاطر هر ڪنهن کي گڏجي جدوجھد ڪرڻ جي آڇ ڪندو هو؛ پوءِ ڇونه کڻي اُهي سيد جا
ڏنگا ٻار هجن/ پناه گير هجن يا پ پ پ وارا هجن، هي ان عشق ۾ دل جو ايڏو ته سخي هيو
جو هو ڪنهن جي به پويان هلڻ لاءِ تيار هوندو هو. هن اهڙي آڇ هڪ ڀيري ستين پير
پاڳاري سيد علي مردان شاه کي به ڪئي هئي. هي سادو ۽ صوفي منش هيو جنهن ڪٿي به پاڻ
کي نه پڏايو.
اسان عشق وارن ازل کان ”اياز“
ڪنهن لاءِ مندي ، سمائي نه من!
هي جيترو وقت به دنيا جي تختي تي رهيو شينهن جيان گجندو رهيو. پنهنجي سياسي
حڪمت عمليءَ سان سنڌ جي ويرين کي رُڪَ جا چَڻا چٻائيندورهيو. هن جوعزم پختو۽ حوصلا
هماليا جيڏا بلند هيا. هن جي نيڻ ۾آجپي جي گھڙين کي پسڻ جي آس هئي. هاڻ ته سندس
موت جو منجھيل سٽ به جلدي سلجھي ويندو. هن جي گھاريل زندگي آزاديءَ جي متوالن لاءِ
مشعل راه آهي. سندس يادن جي تري اچڻ تي دل سڏڪن ۽ نيڻ لڙڪن ۾ ڀرجي اچن ٿا :
تیرا نام لی جئے تو چشم بھر آوے
اس زندگی جینے کا کس میں جگر آوے
سوڳ ورتل سنڌ کي هاڻ پنهنجن نيڻ مان نير اُگھي، ان سوڳ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ
گھرجي۔ اها طاقت جنهن وسيلي سنڌ جا حق ۽ حدون محفوظ بڻائي سگھجن ٿيون. هاڻ اسانجي
سوچ جي سُئي جو ڪانٽو ان انتظارجي صحرا اڳيان اچي نه بيهڻ گھرجي ته: ’خان‘ جو موت فطري هيو يا غير فطري، ڇو ته ان جو
فيصلو به هاڻ جلد ٿيڻ وارو آهي. اسان جي سوچ جي سُئيءَ کي هاڻ سيد جي فڪر واري سفر
ڏانهن سڦلتا لاءِ وڌڻ گھرجي، جنهن لاءِ سنڌ جو ’خان‘ سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو. هن
وقت قومي قيادت کي وقت جي وڏين چئلينجن کي نظر ۾ رکندي عالمي ادارن تائين سنڌ جو
اهو ڪيس به کڻڻو آهي. جيڪو بشير خان ’23 مارچ جي فريڊم مارچ‘ واري ريليءَ سان تيار ڪيو هو. ان
ڪيس جي وڪالت لاءَ اهڙي باڪردار/ مدبر شخصيت جو هجڻ به ضروري آهي. جنهن ۾ ’محبتي
ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو‘ جهڙي سگھ ۽ صلاحيت
به هجي. سنڌ جي ان ڪيس کي اُتان کان ئي کڻڻ گھرجي جتي ’سنڌ جو خان‘ ان کي اِن اميد
سان ڇڏي ڌرتي امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيو ته:
اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،
الاءِ ڇو منهنجي ذهن مان اها ڳالهه اڃان تائين ناهي نڪري سگھي جيڪا اڌ رات جو پروفيسر
الطاف جوکئي جي فون ٻڌڻ مهل ’خان جي وڇوڙي جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ‘ منهنجي ذهن تي تري آئي هئي ته: تاريخ جو هر
بهادر هر اهڙي موڙ تي ئي ڇو ڌرتي، قوم کان ايئن ڇو وڇڙي ويندو آهي، جنهن وقت قوم
کي ان جي سخت ضرورت هوندي آهي. هنن حالتن ۾ سنڌ جي ’خان‘ جو سنڌ کان وڇڙي وڃڻ
ڪيڏونه هڪ خال/ نقصان ڀريو لمحو آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته ’خان‘ جي هن خال کي ڪير
۽ ڪيئن ڀريندو؟! هي سنڌ جو راڻو به هو هي نه وسريو آ ۽ نه ئي اسان کان وڇڙيو آ، پر
هي سنڌ تي سوچڻ لاءِ پنهنجي رهبر ڏانهن سن لَڙي ويوآهي: جمن دربدر جي لفظن جيان ته
ـ
هي شخص مئو ناهي،
هڪ دور مري ويو آ.
اَڄُ ديس سڄو پنهنجو،
لُڙِڪن ۾ لُڙهي ويو آ.
هن خواب نوان کيڙيا،
مظلوم دلين ۾ هئا،
هو سنڌ تي سوچڻ لَئه،
سيد ڏانهن لَڙي ويو آ.
( روزاني عبرت حيدرآباد، اپريل ، 2012 ع )
No comments:
Post a Comment