Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Monday, 23 February 2015

جان جان هئي جيئري ويٺي نه ويساندِ




بيگم نصرت ڀٽو جي ورسيءَ جي مناسبت سان
جان جان هئي جيئري  ويٺي نه ويساندِ
 مولائي ملاح
ايراني نسل جي هن؛ شهزاديءَ جو هندستان جي شهر بمبئي ۾ جنم وٺي ؛ سنڌ جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ وارو سفر به ڪيڏو نه عجيب ۽ عام زندگيءَ کان مختلف آهي.! مونکي سندس سڄوسفر شاهه جي مزاحمتي ڪردارن سسئي ۽ سهڻيءَ جي سفر جيان لڳندو آهي . نصرت پنهنجي نالي جيان ڀٽوفيمليءَ . ۽ هن ديس جي غريب عوام  ۽ پ پ پ سان هرموڙ ۽ هر محاذ تي ثابت قدميءَ سان ساٿ نڀائي وئي آهي  .
نصرت اصفهانيءَ جي زندگيءَ جو خاڪو به ڪجھ هن ريت آهي ته : سندس پَڙ ڏاڏي کي ٽي پٽ هيا. جن مان هن وڏي پٽ کي ريشم سازيءَ جي صنعت جي سکيا لاءِ چين موڪليو ، ٻئي پٽ کي عالمِ دين ڪرڻ لاءِ نجف اشرف موڪليائين ته وري ٽئين پٽ کي زمين سنڀالڻ ، پوکي راهي ڪرڻ لاءِ .پاڻ سان گڏ رکيائين . نصرت جو والد جديد خيالن جو ماڻهون هئو هن عالم دين نه ٿي ٿيڻ چاهيو . نصرت پنهنجي يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿي ته : ” منهنجي پَڙ ڏاڏي کي ٽي پٽ هئا . جيڪو نجف اشرف ويو هو سو منهنجو ڏاڏو هئو .جڏهن هو نجف اشرف مان پڙهي عالم ٿي ’ آيت الله ‘ جي ڊگري وٺي موٽيو ته سندس والد هن لاءِ اصفهان ۾ هڪ مسجد جوڙائي . پر انهيءَ کان اڳ جو منهنجو ڏاڏو انهيءَ مسجد ۾ علم جي روشني پکيڙي ،( مسجد جي  تعمير دوران ئي هو ) گذاري ويو . اها ڏاڍي سهڻي مسجد آهي ۽ اڃان تائين موجود آهي . منهنجو والد مرزا محمد ، نجف اشرف ۾ ڄائو هئو . هن جي ماءُ سيد زادي هئي ، جڏهن ته منهنجو ڏاڏو غير سيد هئو. منهنجي والد جو خانداني نالو مرزا محمد عبدالطيف اصفهاني هئو .هو جديد خيالن وارو ماڻهون هئو. تنهنڪري هن صرف نجف اشرف ۾ ( جديد ) تعليم حاصل ڪئي .(   یا د   ین  بھٹو   کی  _  1979 _ 2008 _ 29 _ 18  )    
مرزا محمدعبدالطيف اصفهاني جڏهن موڪلون گذارڻ لاءِ دوستن سان گڏ هندستان اچي ٿو. ته اتان جو ڪاروباري ماحول کيس موهي وجھي ٿو. هو واپسي تي هندستان جي شهر بمبئيءَ ۾ ئي پنهنجي مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. پوءِ هو ڪٽنب سميت هندستان لڏي اچي ٿو . جتي هو ” بغداد سوپ “ انڊسٽري قائم ڪري پنهنجون ڪاروباري سرگرميون شروع ڪري ٿو. صابڻ سازيءَ جي سامان خام مال لاءِ کيس  اڪثر ڪري ڪراچي اچڻو پوي ٿو.
 23 مارچ 1929ع تي بمبئيءَ ۾ ئي فاطمه اصفــانيءَ کي (جيڪا بمبئيءَ ۾ ئي دفن آهي) ٽين نياڻي نصرت اصفهانيءَ جو اولاد  ٿئي ٿو جنهن کي ڀاڳن ڀري سمجھيو وڃي ٿو .ان بعد ئي کيس پٽن جي اولاد ٿئي ٿي .جنهن سبب نصرت کي ڀاڳوان سمجھيووڃي ٿو. هت اهو واضع ڪندا هلون ته ؛ نصرت ڀٽو جو جنم هندستان جي شهر بمبئيءَ ۾ ئي ٿيو آهي ؛ نه ڪي ايران جي شهر اصفهان ۾؛ سندس نالي پٺيان اصفهاني هئڻ ڪري اسان جا اڪثر صحافي دوست اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾کيس اصفهان ڄائي چوندا ۽ لکندا رهيا آهن. نصرت اصفهانيءَ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هئو ته: “منهنجي پيدائش بمبئيءَ ۾ ئي ٿي”. ( یا  د   ین بھٹو   کی  _  1979_  2008 _   18  )
هن ابتدائي تعليم بمبئي ۾ حاصل ڪئي . وڌيڪ تعليم جيس اينڊ مير ڪائونٽ مان سينئر ڪمبرج تائين حاصل ڪيائين . برقعي جي پردي سبب يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري نه سگھي . ويهه ورهين جي ڄمار ۾ پاڪستان نيشنل گارڊ ۾ شامل ٿي ۽ آرمي ۾ ڪئپٽن جي عهدي تي پهتي .
ايراني نسل جي هن شهزاديءَ جو نصيب به ؛ سنڌ جي راڻي سان ئي لکيل هئو. تقدير هنن ٻنهين کي پهريون ڀيرو هڪ پهاڙي علائقي ” کنڊالا “جي ڀرسان ” لوڻا والا  “ جي هڪ تفريحي مقام تي ملائي ٿي . جتي ٻارنهن ورهين جي ذلفيءَ جو يارنهن ورهين جي ننڍڙي نصرت اصفهانيءَ سان پهريون ڀيرو تعارف ٿئي ٿو. اتي سنڌ سان سندس تعلق هئڻ تي نصرت کانئس سنڌ بابت پڇي ٿي . ’ نصرت  ڀٽو پنهنجي يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿي ته :” جڏهن اسان بمبئيءَ ۾ رهندا هئا سون ته بمبئيءَ جي ڀر ۾ هڪ ٽاڪرو وندر گاهه ’ کنڊالا ‘ هئو جتي اسين گھمڻ ويندا هئا سون . اتي اسان جي هڪ جاءِ به هئي جنهن کي اونهاري جي موڪلن ۾ گھمڻ وقت استعمال ڪندا هئا سين . ڪڏهن ڪڏهن ’ کنڊالا ‘ جي ڀر ۾’ لوڻا والا ‘ به وينداهئا سين .۽ اتي ئي مون کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو . مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ؛ مان ان وقت يارنهن سالن جي هيس . اسان به ٽهلي رهيا هئاسون ، هو به پنهنجن گھر وارن سان اتي چهل قدمي ڪري رهيو هئو . گھمندي گھمندي ڪنهن نموني ٻنهين خاندانن جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٿيو ۽ سڀ گڏ جي وياسين . ٻارن ۾ ڪل ٽي ڇوڪريون ۽ هي هڪ ڇوڪرو ( ذالفقارعلي ڀٽو )  هئو . اسان ٻار پاڻ ۾ گڏ جي وياسين ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لڳاسين . هنن ٻڌايو ته هنن جو تعلق سنڌ سان آهي . اسان کي ڪراچيءَ جي خبر هئي ؛ پر سنڌ جي ڪا ڄاڻ ڪان هئي تنهنڪري اسان کانئن پڇيو ته سنڌ ڪٿي آهي ؟. هنن اسان کي انهيءَ بابت ٻڌايو . (  شھا د ت  سے   شھادت  تک   :  قیو  م   نظا  می   _  2008   ۔  137 _ 138     )
هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ هي خاندان سنڌ ڪهي اچي ؛  ڪراچيءَ جي پيلس هوٽل( اڄ جي شيرا ٽن هوٽل )  ۾ رهائش اختيار ڪري ٿو. جيڪا شهر جي بهترين هوٽلن مان هئي . ڪجھ وقت کانپوءِ هي ويجھن دوستن ، عزيزن جي بيحد اسرار تي ؛ سرشاهنواز ڀٽو جي گھر ۾ پنهنجي عارضي طور رهائش اختيار ڪري ٿو. پوءِ ٿوري ئي وقت ۾ هو سمنڊ ڪناري 23 ڪلفٽن تي پنهنجو گھر خريد ڪري ٿو. تيزيء سان وڌندڙ هن شهر ۾ نصرت جو والد سمنڊ طرف ويندڙ مين شاهراهه تي هڪ ڪارخانو قائم ڪري ٿو. پوءِ اتان کان پنهنجين ڪاروباري سرگرمين جي  شروعات  ڪري. ٿو.
 1949ع ۾ سرشاهنواز ڀٽو جي نياڻي مَنا ( بيگم منورالاسلام ) جي شاديءَ جي ڏهاڙن ۾ هي سنڌ جو راڻو ، ذلفي پنهنجي امڙ ( بيگم خورشيد ) سان لاڪر مان پنهنجا  ڳهه ڳٺا ( زيورات  ) ڪڍرائڻ لاءِ بينڪ  اچي ٿو . جتي اتفاق سان سندن ملاقات نصرت اصفهانيءَ سان ٿي وڃي ٿي .( اهاسنڌ جي راڻي سان سندس ڦوهه جوانيءَ جي ڪراچيءَ ۾ پهرين ۽ رسمي طور ٻين ملاقات ٿئي ٿي ) هلڪي روشنيءَ ۾ ذلفيءَ جي امڙ نصرت اصفهانيءَ سان سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ ؛ تڪڙ ۾ تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿي ته :” آئي نصرت هي منهنجو پٽ آهي . جيڪو  آمريڪا ۾پڙهندو آهي . ڀيڻ جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ  هاڻ آمريڪا کان آيو آهي هن جو نالو ذلفي آهي . “ هن  جي امڙ کي اها خبر هئي ته نصرت اصفهاني سندس نياڻيءَ مَنا جي سٺي سهيلي ، دوست آهي .
سنڌ جي راڻي جون عقابي نگاهون سندس سونهن جو طواف ڪن ٿيون ۽ سندس تصوير دل جي فريم ۾ لهي وڃي ٿي . هاڻ ذلفيءَ جي نيڻن ۾ هڪ ئي تصوير ڦرڻ لڳي ٿي .اها آهي نصرت اصفهاني جي .
هٿين ، پيرن ، آرکڻين ، منهن نه مهاڻي
جيئن سڳو وچ سرندڙي ، تيئن راڻين ۾ راڻي
اصل هئي ان کي ، اهل ڄاماڻي
               سمي سڃاڻي ، ٻيڙو ٻڌس ٻانهه ۾   ( شاهه )
” مون پنهنجيءَ هڪ دوست ، جيڪا هاڻ مسز حبيب الله آهي ، تنهن کان ٻڌو هئو ته مَنا جو هڪ ڀاءُ آهي جيڪو قداور ۽ سهڻو آهي . مون ته هن کي ننڍي هوندي ڏٺو هو ، پر سچ هي آهي ته مونکي ياد ڪونهي ته هو ان وقت ڪيئن ٿي لڳو . بئنڪ جي اندر مون هن کي ڏٺوهو ان وقت بئنڪ اندر ٿورڙي اوندهه هئي يا ڪنهن ٻئي ڪارڻ ، آئون سمجھان ٿي ته هو ايترو موچارو ڪونه ٿي لڳو. وڏي ٿيڻ کانپوءِ ويهن ( 20 ) ورهين جي ڄمار ۾ هيءَ اسانجي پهرين ملاقات هئي .اسان مَنا جي مينديءَ تي وياسين اتي هو پرڪشش پئي لڳو . اتي هو  مون کي وڻيو ۽ مان هن کي وڻيس . (  یاد  ین  بھٹو  کی  _مرتب ، خو ر شید  جو  نیجو    _   يادگيريون :مرتب خورشيد جوڻيجو ، ترجمو : شيخ عزيز _ هردل ۾ ڀٽوڌڙڪي ٿو: مرتب . خورشيد جوڻيجو .، ترجمو شيخ عزيز _ 14 _ 2008  )
اهڙيءَ ريت هنن جي ٽين ملاقات ؛ مَنا جي شاديءَ ۾ ٿئي ٿي جتي ذلفيءَ کي ساڻس ڳالهائڻ جو بهاني سان موقعو ملي ٿو.  ان بعد ذلفي ڪنهن بهاني ساڻس ملڻ لاءِ دوستن کان داعوتون ڪرائي. ان ۾ کيس مدعوڪرڻ لاءِ دوستن کان کيس دعوتون ڏياري ٿو. انهن پارٽين ۾ نصرت سان ويجھي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهن تڪڙين ملاقاتن کانپوءِ ” ذلفي کيس پنهنجي هڪ شادي شده دوست جي زال جي معرفت هڪ وڏي هوٽل ۾ مدعو ڪري ٿو جتي کيس ساڻس شاديءَ جي آڇ ڏئي ٿو. پر نصرت خاموش رهي ٿي . ڇا ڪاڻ ته کيس اھا خبر آهي ته ذلفيءَ کي تعليم پرائڻ لاءِ واپس. آمريڪا وڃڻو آهي . ۽ ذلفي ڀيڻ جي شاديءَ کانپوءِ جلد ئي برڪلي وڃي ٿو .1950ع ۾ ذلفي انگلينڊ جي آڪسفورڊ جي ڪرائيسٽ چرچ ڪاليج ۾ قانون پڙهڻ لاءِ داخلا وٺي ٿو “ (ماهوار سرتيون _ مادري جھموريت نمبر _ جلد 23 نمبر 3 _ 4  ، مارچ / اپريل _ 2012 _  10 )
ذلفي آمريڪا پهچڻ کانپوءِ اتان پنهنجي هڪ دوست هٿان نصرت ڏانهن ؛ ساڻس پنهنجي  پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ پيغام موڪلي ٿو. هڪ محفل ۾ ذلفيءَ جي دوست پاران نصرت کي جڏهن ذلفيءَ جو موڪليل  پيار جي اظهار جو هي پيغام ملي ٿوته :” ذلفيءَ اوهان لاءِ پيغامِ محبت ۽ نيڪ تمنائون موڪليون آهن “  ته جواب ۾ نصرت ان کي اهو چئي کيس سڃاڻڻ کان انڪارڪندي پڇي ٿي ته : ’ڪهڙو ذلفي ؟ ‘ اهي لفظ ٻڌڻ کانپوءِ اهو دوست واپس وڃي کيس ٻڌائي ٿو ته : ” هوءَ توکي ڪونه ٿي سڃاڻي ۽ نه ئي وري اها خبر اٿس ته تون ڇو پيغامِ محبت موڪلي رهيو آهين ؟ .“
ٻن سالن کانپوءِ هو آڪسفورڊ پڙهڻ دوران پاڪستان اچي ٿو ۽ هڪ دوست جي جنم ڏڻ جي پارٽيءَ ۾ٻئي گڏجن ٿا. ته نصرت کي ڏسڻ کانپوءِ هو وٽس هلي اچي کيس ياد ڏيارڻ لاءِ چوي ٿو ته: ” ڇا ، آءُ پنهنجو تعارف ڪرائي سگھان ٿو۽ يا اوهانکي خبر آهي ته آءُ ڪير آهيان ؟ .“
مون وراڻيو ” نه“ . مونکي خبر هئي ته ان جو مطلب ڇاهي مون کي ان جواب تي اندر ۾ چهنڊڙي محسوس ٿي ؛ ٿورو رڪجي هن وري چيو ” ڇا آءُ اوهان لاءِ آئيس ڪريم کڻي اچان ؟ “ ” ها ڀلي “ مون وراڻيو؛ هو ٻڌندي واپس مُڙيو ۽ هڪ آئيس ڪريم کڻي آيو .“ ايئين ئي دوستن جي پارٽين ۾ هڪ ٻن ملاقاتن ۾ ملڻ کانپوءِ هو هڪ ٻئي کي ويجھو ٿي وڃن ٿا . سنڌ جو راڻو ساڻس محبت جو اظهار ڪري ويهي ٿو ۽ کيس پنهنجي راڄ راڻي بڻائڻ لاءِ چوي ٿو . سندس رضا منديءَ کانپوءِ ڀٽو جا گھر وارا سندس رشتي جي گھُر ڪرڻ لاءِ سندس گھر وڃن ٿا. جتي ڪجھ وقت/ ڏهاڙن  جي مهلت گھرڻ کانپوءِ سڀ ڳالهيون خوش اصلوبيءَ سان طع ٿي وڃن ٿيون .ته نصرت جا گھر وارا به شاديءَ لاءِ رضامندي ظاهر ڪن ٿا .
هڪ ڏهاڙي اوچتو هارون فيملي نصرت اصفهانيءَ جي گھر وڃي ٿي . اتي نصرت جي رشتي جي ڳالهه نڪرڻ تي کين ٻڌايو وڃي ٿو ته : ذلفيءَ جي  ته اڳ ۾ ئي هڪ شادي ٿيل آهي ...!! جنهن جي خبر شايد ته نصرت کي به ڪونه هئي .پر سندس فيمليءَ کي ته ان وقت ئي پئي؛ جنهن کان پوءِ ڪجھ وقت لاءِ ٻئي ڌريون پريشان ٿي وڃن ٿيون . 1944ع ۾ نصرت جي والده جي وفات کانپوءِ گھر جون سڀ ذميواريون سندس وڏي ڀيڻ سنڀالي ٿي جنهن نصرت کي ان رشتي کان انڪارڪيو. جنهن کي ڀٽو جي والده وضاحت ڪندي هيئن چئي بحال ڪيو ته: ”هن جي پنهنجي سئوٽ سان ان وقت شادي ڪرائي وئي جڏهن هو مشڪل سان 14 سالن جو هئو . بلڪ هن کي چيو ويو هئو ته: جيڪڏهن هن کي پنهنجي پسند جي ڪرڪيٽ بيٽ کپي ته هن کي شاديءَ ۾ ويهڻو پوندو . اها شادي ايئين ٿي .“
اهڙيءَ ريت 8 سيپٽمبر 1951ع ۾ هي جوڙو شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌ جي هميشه جي لاءِ هڪ ٿي وڃي ٿو .سندن نڪاح مولانا انيس الحسن حيدري مسجد سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ پڙهائي ٿو . هي اهو ماڻهون آهي جنهن قائداعظم محمد علي جناح جي نماز جنازه پڙهائي هئي .
ڀٽو جو خاندان ڪراچي ۾ ڪلفٽن پل جي هيٺان مڪنيل روڊ تي رهي ٿو ، جتي شاديءَ کانپوءِ نصرت ڀٽو به هنن سان گڏ رهڻ لڳي ٿي . بينظير جي جنم تائين هي جوڙو انهيءَ ئي گھر ۾ رهي ٿو. شادي ءَ جي ٿورن ئي ڏهاڙن کانپوءِ ڀٽو کي پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃڻو پوي ٿو. جتي نصرت به ساڻس گڏ وڃي ٿي. آڪسفورڊ ۾ هن جو پهريون سال هئو . هاسٽل جي قائدن مطابق هن کي رات جو هاسٽل ۾ ئي رهڻو پوي ٿو . ۽ نصرت ڀٽوکي هوٽل ۾ رهڻو پوي ٿو . نصرت ڀٽو چواڻي ته :” اسان صرف ڏينهن جو گڏ گذاريندا هئا سين ، صرف هڪ رات هو مون سان گڏ رهيو ته ٻئي ڏينهن پڇاڻي ٿيڻ تي پنهنجي ڊين ( Dean ) کي هي چئي معذرت ڪيائين ته ’رات آئون پنهنجي زال سان گڏ هيس ‘، پر ڊين هن جي ننڍي عمر ڏسي يقين ئي نه پيو ڪري ته ڪو هي شادي شده آهي .اهو محسوس ڪري ٻئي ڏينهن هو مونکي پاڻ سان گڏ ڊين وٽ وٺي ويو .تنهن تي ڊين کي پڪ ٿي . هو سزا کان بچي ويو . پر همدرديءَ ۾ چيائين : ’ مونکي پاڻ افسوس آهي ته اوهان گڏ نه ٿا رهي سگھو ؟ .“ نصرت جي اچڻ تي جتي هي گھرخوشين سان ٻهڪي پوي ٿو هر طرف خوشين جا گلاب ٽڙي پون ٿا . اتي سندس وَرَ سان گڏ وڃڻ کانپوءِ. هي سڄو گھر اداس ٿي پوي ٿو . سَسُ سَهُري جي اسرار تي نصرت کي وري واپس وطن ورڻو پوي ٿو.  ذلفيءَ کان الڳ رهڻ سندس لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو. هنن جو پاڻ ۾ فون ، خط وسيلي هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو. ذلفيءَ کانسواءِ نصرت جي مک تي اها مرڪ نه ڏسي سندس ساهُرا کيس ذلفيءَ سان رهڻ لاءِ پرڏيهه موڪلين ٿا. نصرت پرڏيهه پهچڻ کانپوءِ ذلفيءَ سان جيون جا خوشين ڀريا پهريان ڏينهن گڏ گذاري ٿي .سندس زندگيءَ جا اهي يادگار ڏهاڙا به اياز جي هنن سٽن جھڙا هيا ته :
جوڀن پهريان ڏينهنڙا  ساوڻ گھاٽا مينهن
سارا سارا ڏينهن جھڙ نيڻئون نه لهي.  اياز
آڪسفورڊ پهچڻ کانپوءِ  1952ع ۾ ڊاڪٽر جڏهن نصرت کي حمل هئڻ جي تصديق ڪن ٿا ، اها خبر  جڏهن نصرت ذلفيءَ کي ٻڌائي ٿي ته ان وقت ذلفيءَ جي خوشيءَ جي حد ئي نه ٿي رهي .هو زور زور سان ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳي ٿو ” : آئون پيءُ ٿي ويندس “ . ٻئي سال 21 جون 1953ع ۾ بينظير ڀٽو کي جنم ڏنائين .
سرشاهنواز جي گھر ۾جتي ڀاڳن ڀري نصرت جھڙي نُهن جي اچڻ سان خوشين ۾ اضافو اچي ٿو. اتي 21 جون 1953ع تي هن گھر ۾ بينظير جي ڄمڻ سان هن گھر ۾ ٻيهر خوشين جي بهارگھلي وڃي ٿي . ۽ نصرت جو مقام / رتبو هن گھر ۾اڃان به وڌي وڃي ٿو. سرشاهنواز ڀٽو ان خوشيءَ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڙن تائين مسڪينن ، غريبن ۽ محتاجن ۾ کاڌو ، صدقو ۽ خير خيرات ورهائي ٿو. بينظيرڀٽو( پنڪيءَ ) کانپوءِ هن گھر ۾ ا ولاد جي ڄمڻ وارين خوشين جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. 18 سيپٽمبر 1954ع ۾ مير مرتظي ڀٽو جو جنم ، 24 آگسٽ 1956ع صنم ڀٽوجو جنم ،  21 نومبر1958ع شاهنواز ڀٽو جي جنم سان هن گھر ۾ خوشين جي بهار لڳي وڃي ٿي .
ذوالفقارعلي ڀٽو تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ وطن اچي سياست ۾ پير پائي ٿو . هو پارلياماني سياست ڪرڻ لاءِ پهرين اسڪندر مرزا ، پوءِ جنرل ايوب جي ڪابينا ۾ آڪٽوبر 1958ع ۾ وزارت جو حلف کڻي.شامل ٿئي ٿو. پوءِ 1963ع ۾ وزير خارجا ٿئي ٿو . 30 نومبر 1967ع ۾ پنهنجي عوامي پارٽي ٺاهڻ لاءِ لاهور ۾ ڪوٺايل ٻن ڏهاڙن واري ڪنوينشن کان پهرين ڊسمبر پيپلز پارٽي جي قيام تا ئين  نصرت ڀٽو به هر مشوري ۽ هر محاذ تي ساڻس گڏ گڏ رهي ٿي . 13 نومبر 1968ع ۾ ايوبي آمريت ۾ جڏهن ڀٽو جيل وڃي ٿو ؛ ته : 14 / 15 نومبر تي نصرت ڀٽو لاهور پهچي قلم  98 جي تحت مغربي پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ ۾ مسٽر ڀٽو جي گرفتاريءَ جي حڪم کي چيلنج ڪري ٿي .کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ پوري ملڪ جو دورو ڪري جدوجهد شروع ڪندي سندس ڪيس کي عوامي ۽ سرڪاري عدالتن ڏانهن کڻي وڃي ٿي .جتان ڪجھ ڏهاڙن ۾ ئي کيس آزاد ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ٿي .
ٽٽل ، ٿڪل، ملڪ جون واڳون جڏهن ڀٽو جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون؛ ته هو ڏينهن رات محنت ڪري هن ملڪ کي پنهنجي پيرن ڀر بيهارڻ جي قابل بڻائي ٿو. ان سڄي سفر ۾ به نصرت ساڻس گڏ گڏ رهي ٿي . نصرت ڀٽو 1971ع کان سياست جي ميدان ۾ پير پائي ٿي. هن ملڪ ۽ عوام کي خوشحال ۽ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ سڄي حياتي جدو جھد ڪري ٿي  .
16 / 18 مارچ 1972ع ۾ صدر پاڪستان ۽ پنهنجي وَرَ ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سوويت يونين جو دورو ڪيو ، عظيم سوشلسٽ ملڪ جي اهم ۽ معزز عورتن سان ملاقاتون ڪري خيالن جو اظهار ڪيو.نصرت ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دورن ۾ 1971ع کان 1977ع تائين هن ملڪ جي خاتون اول رهي ٿي . انهن ڏهاڙن ۾ سندس قدمن جي آواز ٻُرڻ تي ايوانن جا دروازا کلي ويندا هيا ۽ هر طرف سندس حڪم هلندو هئو . هيءَ دنيا جي اها خوش نصيب عورت هئي . جيڪا دنيا جي وڏي اعزاز سان نوازيل هئي هن جو سهرو به( جھونا ڳڙهه جو ) وزير اعظم ، مڙس به صدر ، وزير اعظم ته ڌيءُ به وزير اعظم هئي . قدرت هن جي زندگيءَ جي جھول ۾ جيترا سک ڏنا . ته اوترا ڏک به ڏنا .. هن پنهنجي زندگي جي ڏکين گھڙين ۾ به وڏي شان ، بهادريءَ سان گذاري .
کس بری  کی  نظر   لگی  ک   یے گھر    ما  تمی  بنا   !
محلن توڙي ڪکائين جھڳين ۾خوشيون کڻي ايندڙ ؛ هن خاتون اول جي زندگيءَ ۾خوشين جي چنڊ کي ان وقت گرهڻ لڳي ٿي.  جڏهن شمر جو ڀاءُ ( جنرل ضياءُ )  5 جولاءِ 1977ع تي ڀٽو جي عوامي جھموري حڪومت تي راتاهو هڻي ملڪ مٿان آمريت جي ڪاري رات مڙهي ٿو. نصرت ڀٽو لاءِ انهن ڏهاڙن ۾ چئني پاسن کان مسئلن / مونجھارن جي هڪ جنگ ڇڙي پئي ٿي . جنهن کي هيءَ هڪ ئي وقت منهن ڏئي ٿي . هڪ طرف سربراهه کان خالي ٿي ويل گھر کي سنڀالڻ ، ٻئي طرف پارٽيءَ کي سنڀالڻ لاءِ وقت ڏيڻ ، ٽئين طرف وَرَ کي بچائڻ جاجتن ڪرڻ  ،  ته وري آمر جنرل ضياءَ لاءِ ميدان خالي نه ڇڏڻ لاءِ کيس جدو جھد ڪرڻي پوي ٿي . جيڪا جنگ هيءَ وڏي همت ، حوصلي ، بهادري ۽ دانشمنديءَ سان وڙهي  ٿي .
ڀٽو جي قيد ٿيڻ کانپوءِ هن کي هڪ طرف ڀٽو جو ڪيس سرڪاري ۽ عوامي عدالتن ۾ آڻڻو آهي ته وري ٻئي طرف ؛ پارٽيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ سرگر۾ ٿيل سازشي عناصرن کي منهن جي شڪست ڏئي پارٽي کي منظم ڪري تحرڪ ۾به رکڻو آهي .هن اهي سڀئي بار پنهنجي ڪلهن تي کنيا . هن هڪ ئي وقت ڀٽو فيملي کي به سنڀاليو. ته هن ملڪ ، عوام ۽ پيپلز پارٽيءَ کي به سنڀاليو .هن ڪنهن پل به ڀٽو دشمن سامراجي عناصرن کي سک ۽ سانت جو ساهه کڻڻ نه ڏنو . هن آمريت خلاف رات ڏينهن سياسي جدو جھد ڪئي ، هن سياسي پارٽين کي ’ ايم آرڊي‘ جھڙي اتحاد ۾ آڻي آمريت خلاف هڪ هلچل شروع ڪري آمريت جون وايون بتال ڪيون . هن جي اها زندگي به شاهه جي هنن سٽن جي مصداق هئي ته :
جان جان  هئي جئري ، ويٺي نه ويساندِ .
لڙهي لهرن پاند ، مُيائي  ميهار ڏي . ( شاهه .
نصرت ڀٽو پارٽيءَ جي قيادت انهن ڏکين ڏهاڙن ۾ سنڀالي ٿي جڏهن ڀٽو قيد ۾ هو ۽  پارٽي جي قيادت سنڀالڻ لاءِ پارٽي جي وائيس چيئرمين شيخ رشيد کي چيو وڃي ٿو. جنهن ذميواريءَ کي سنڀالڻ کان هو انڪار ڪري ٿو . ۽ پارٽيءَ جي قيادت بيگم نصرت ڀٽو جي حوالي ڪرڻ لاءِ قيادت کي مشورو ڏئي ٿو .
1977ع ۾ ضيائي مارشل لا ؛ پنهنجي پوري آب وَ تاب ۾ آهي ، هنن جون  پ پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ ، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خريد ڪرڻ ۽ کين بندوق جي زور تي هيسائڻ جون ڪوششون جاري آهن ؛ ڀٽو قيد ۾ پاڻ مٿان مڙهيل سازشي ( محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ) کي منهن ڏئي رهيو آهي . اهڙين حالتن ۾ جڏهن پارٽي قيادت سنڀالڻ جو سوال اڀري ٿوته : ڀٽو پارٽي پاليسي واضع ڪندي چيو ته : ” اهڙي صورتحال ۾ پارٽيءَ جي قيادت پارٽيءَ جي وائيس چيئرمين شيخ محمد رشيد حوالي ڪئي ويندي .“ پارٽيءَ لاءِ هي انتهائي مشڪل گھڙيون هجن ٿيون . هنن ڏهاڙن ۾ ماڻهون . ورڪر ، عهديدار  ۽ دوست ، ڀٽو کان منهن موڙيندا ، سندس ساٿ ڇڏيندا کيس اڪيلو ڪندا پارٽيءَ کي ڇڏيندا وڃن ٿا .انهن ڏکين گھڙين ۾ پ پ پ / ڀٽو جو ساٿ ڏيڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير ڏيڻ برابر هئو. اهڙين مشڪل گھڙين ۾ ئي شيخ محمد رشيد ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڀٽو سان ملي کيس پارٽي قيادت سنڀالڻ کان معذرت ڪري ٿو . ۽ ڀٽو کي صلاح ڏئي ٿو ته : ” اهوبار به نصرت ڀٽو کي ڪلهن تي وڌو وڃي جيڪا انهيءَ بحران واري صورتحال مان پارٽيءَ کي ڪڍي سگھي ٿي .“ شيخ رشيد جي اهڙي معذرت کانپوءِ پارٽيءَ جي واڳ نصرت ڀٽو جي حوالي ڪئي وڃي ٿي . جيڪا 1983ع تائين وٽس ئي رهي ٿي .
ڀٽو جي قيد دوران کيس ڀٽو سان پهرين ملاقات 21 مئي 1978ع ٻيون ڀيرو 21 جون 1978ع تي ڪرائي وئي . ان ڏهاڙي محترما بينظير ڀٽو جي سالگرهه هئي جيڪا ٽنهين گھر ڀاتين جيل ۾ گڏ ملهائي .  17 مئي 1978ع کان 3 اپريل  1979ع دوران بيگم ڀٽو پنڊي جيل ۾ قيد دوران ڀٽوصاحب سان ڪل 44 ڀيرا ملاقات ڪئي . ان ملاقات ۾ مجموعي وقت 110 ڪلاڪ  20 منٽ  هو .
ڀٽو جي شهادت واري صدمي ، مسلسل نظربنديءَ سبب بيگم ڀٽو جي طبيعت خراب ٿي  پوي ٿي . ميڊيڪل رپورٽن موجب کيس ڦڦڙن ۾ ڪينسر ٻڌائي وڃي ٿي . جولاءِ 1982ع تي کيس رت جي اُلٽي اچي ٿي ان کانپوءِ کيس ٿڪ ۾ به رت اچڻ لڳي ٿي . وڌندڙ بيماريءَ سبب ڊاڪٽر کيس فوري طور پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏين ٿا . پر جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت کيس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ اجازت ڏئي آزاد ڪرڻ کان نابري وار ٿي .لنڊن ۾ سينٽ ٿامس اسپتال جي ماهر ڊاڪٽر ٿلما بيٽس جڏهن بيگم ڀٽو جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي ته سندس چوڻ هو ته : ”بيگم ڀٽو کي ڦڦڙن جي ڪينسر آهي ۽ اگر ان جو جلدي علاج نه ٿيو ته هيءَ هڪ سال کان مٿي زنده رهي نه سگھندي .“. (   بشیر   ریاض   _ بھٹو  خا ندان   جھد مسلسل   _   2007    _  107    _104   )
 مسز اندران گانڌيءَ ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ کي جڏهن بيگم ڀٽو کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي . ته  ملائيشيا جي دوري دوران هن هي عجيب منطق پيش ڪيو ته : ” بيگم ڀٽو کي ٻين مريضن جيان حڪومت اڳيان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته سندس معاملو جائز آهي ۽ ان لاءِ سينٽرل ميڊيڪل بورڊ کان طبي معائنو ڪرائڻو پوندو . اسان ان جي بيماريءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون . ۽ اگر اها ڪنهن اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي . جيڪا پاڪستان ۾ لاعلاج آهي ته مان پهريون شخص هوندس جيڪو ان کي چوندس ته :’ محترما وڃو وڃي پنهنجو علاج ڪرايو “  حڪومت جي اهڙن ظالماڻن ، ناپاڪ ارادن کي سمجھندي ، بيگم ڀٽو جي خراب ٿيندڙ صحت سبب سندس پارٽي ۽ لنڊن ۾ رهندڙسندس غير سياسي ڀيڻ مسزبهجت هريري سخت پريشان ٿين ٿا. هو ڀيڻ جي ڪري مجبور ٿي هڪ مهم هلائي پرڏيهي ملڪن جي سربراهن کان جنرل ضياءُ جي فوجي حڪومت تي دٻاءُ وجھرائي بيگم ڀٽو کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. لنڊن ۾ ( بيگم ڀٽو بچايو مهم  ) نالي هڪ تنظيم جو قيام عمل ۾اچي ٿو جنهن جو چيئرمين’ لارڊ ايوبري ‘ هو. ان لاءِ سڀ کان گھڻو سرگرم لنڊن ۾ رهندڙ بيگم نصرت جي ڀيڻ مسز بهجت هريري  رهي ٿي
بغداد مان شايع ٿيندڙ عراقي اخبار ” الجھموريه “  جي 10 جون 1981ع 7 شعبان واري شماري ۾ جڏهن بيگم ڀٽو جي غير قانوني نطربنديءَ ، بيماريءَ جي خبر سندس تصوير سان گڏ نمايان طور شايع ٿئي ٿي ته ، پوري دنيا ۾ ان خبر کي وڏي موٽ ملي ٿي . جنهن بعد بيگم ڀٽو جي غيرقانوني نظر بندي بين القوامي ميڊيا جو موضوع بڻجي وڃي ٿي . اهڙي دٻاءَ کانپوءِ ئي جنرل ضياءُ بيگم ڀٽو کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو   .
نومبر 1982ع ۾ بيگم ڀٽو آزاد ٿيڻ بعد؛ پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ ، ڪجھ وقت آرام ڪرڻ کانپوءِ ، جڏهن جنوري 1983ع ۾ جرمني پهچي ٿي . اتي ميونخ  جي فورسيز هوٽل ۾ ڪارڪنن سان ملي ٿي ته؛ ڪارڪن سندس هماليا جيڏي حصلي کي ڏسي حيران ٿي وڃن ٿا. بيگم ڀٽو اتي ڪارڪنن کي جدوجھد لاءِ اُتساهي ٿي ته ڪارڪنن جي ٽٽل دلين ۾ به هڪ اميد جي ريکا ڪرموڙي جاڳي پوي ٿي . بيگم ڀٽو ڪنهن پل به ضيائي آمريت اڳيان آڻ نه مڃي ۽ وڏي همت ۽ حصلي سان جيئندي رهي . هوءَ 16 ڊسمبر 1977ع تي ڪرنل قذافي اسٽيڊيم ۾انگلستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ ڪرڪيٽ مئيچ ڏسڻ لاءِ وڃي ٿي جتي کيس زخمي ڪيو وڃي ٿو .کيس مٿي ۾ 12 هن ٽانڪا لڳن ٿا ان ڏيهن کان کيس اسپتال ۾ ئي گرفتار ڪري پهريان لاهور ۾ پوءِ راولپنڊي شهر کان گھڻو ٻاهرهڪ سنسان  علائقي ۾ قائم سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ پنهنجي ڌيءَ بينظير ڀٽو سان گڏ قيد ۾ رکيو وڃي ٿو . جتان هر هفتي فوجي نگراني ۾ ملڻ ويندي هئي . ڀٽو جي شهادت کانپوءِ کيس مئي 1979ع ۾ آزاد ڪيوويو. ورچي نه  ويهڻ سبب کيس  21 فيبروري  1981ع تي لاهور ۾ MRD  جي هڪ خفيه اجلاس دوران کيس گرفتار ڪري ڪراچي آڻي جيل جي ( سي ) ڪلاس ۾ رکيو وڃي ٿو. طبيعت جي ناسازيءَ سبب کيس  20 نومبر 1982ع ۾ وڏي جدوجھد کامپوءِ پرڏيهه علاج لاءِ اجازت ملي ٿي . 18 جولاءِ 1985ع ۾ ننڍي پٽ شاهنواز ڀٽو جي شهادت کي قبول ڪندي. پوءِ به آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي سياسي جدوجھد کي وڏي جرئتمنديءَ سان جاري رکندي اچي ٿي .
ڏاگھن  ڏيرن  ڏونگرن   ٽنهي ڏنم ڏک
              سي سڀ ڀائيم سک هيڪاند ڪارڻ هوت لئه   (شاهه )
1983ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي پليٽ فارم تان سياسي جدوجھد جاري ڪري . ضياءَ کي جمائتي بنيادن تي  آزاد  چونڊون  ڪرائڻ تي مجبور ڪري ٿي .ٻن شهيدن جي لاشن کي ڳڙهي خدابخش جي قبرستان ۾ دفنائڻ کانپوءِ جڏهن  1988ع جي چونڊن ۾ سندس پارٽي سوڀ ماڻي ٿي ته پاڻ لاڙڪاڻي ۽ چترال جي سيٽ تان  ايم اين اي چونڊ جي  قومي اسيمبليءَ ۾ پهچي سينئر وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ٿي . ( 5 ڀيرا  1977 1988 1990 1993 1996 تائين قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي ٿي  ) 1979ع کان 1983ع تائين پ پ پ جي چيئرپرسن طور ذميواريون سرانجام ڏئي ٿي . ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ ، ڌيءَ جي حڪومت (وڏ وزارت ) جي وڃڻ وارو صدمو به برداشت ڪري ٿي . 1996ع جي چونڊن ۾ مُرڀي پٽ مير مرتظي ڀٽو کي لاڙڪاڻي مان ايم پي اي  جي سيٽ تي ڪاميابي ڏيارڻ تي بي انتها خوشي ماڻي ٿي . پر 20 سيپٽمبر 1996ع تي جڏهن سندس شهادت واري خبر ٻڌي ٿي ته اها خبر سندس زندگيءَ جي آخري خبر بڻجي ٿي . ان کانپوءِ ضيا ءَ جي ( موت ) جھڙي آمريت اڳيان بند نه ٿيندڙ لب اَڄُ اهي مرتظي جي موت تي( هميشه جي لاءِ ) پنهنجي موت تائين خاموش ٿي وڃن ٿا . جيڪا آخري خبر عوام کي 81 سال 7 مهينن جي ڄمار ۾ 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئيءَ مان اچي ، پوي ٿي. جنهن جي نمازي جنازه مفتي عبدالرحيم ڪنڌر کان پڙهائي کيس پنهنجي پنهل ، سنڌ جي راڻي جي ڀرسان سنڌ امڙ جي هنج ۾ هميشه جي لاءِ سمهاريو وڃي ٿو. ڪالهه لوڻا والا جي مَقام تي ڀٽو سان ٿيل پهرين ملاقات ۾ پاڻ ڀٽو .کان سنڌ بابت ڳالهيون پڇيون هئائين ۽ اڄ 32 سالن جي وڇوڙي کان پوءِ هوءَ ڀٽو کي اڄ ڳڙهي خدابخش جي مُقام ۾ جھموريت جي راهه ۾ کاڌل سيني ۾ سڀني زخمن سميت  دل جا سڀ حال اوري ٿي . سندس ڏکئي وڇوڙي تي مون لکيو هو ته :
ڇا ڇا سٺئي گھاءَ ، سيني شهيدن جا
مرتظي جي ماءُ ، اڄ تو اُلڪا ويا لهي
ها ئي ! هائي ! ڪو وقت هو ؛ جو جڏهن هن ملڪ جي ايوانن ۾ نصرت ڀٽو جي آواز جو پڙاڏو گونجندو هيو .۽ ان جا دروازا سندس هڪ اشاري سان کلندا ۽ بند ٿيندا هيا . پر جڏهن بخت ٽُٽي ٿو  ۽ ڏکن جو طوفان لڳي ٿو؛ ته ڏسڻ لاءِ ته توڙي جو اهي ايوان اڄ به موجود آهن پر انهن ۾ اها نصرت ڀٽو نظر نه ٿي اچي ...!
نه سيي ونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون .
پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ  ٿئي  ( شاهه )
1971ع کان 1977ع تائين هن ملڪ جي ايوانن ۾ جڏهن  سندس آواز ٻُرڻ لڳندو هو ته اتي مسئلن جي ماحول ۾ سانت ڇانئجي ويندي هئي . اڄ به انهن ايوانن ۾ پارٽيءَ جا پيارا ورڪر ويٺا اٿس. پر جي ناهي؛ ته ان ايراني نسل جي راڻيءَ نصرت اصفهانيءَ جو ڪو به حُل ناهي . اڄ انهن ايوانن کي نصرت کان خالي ڏسي مون چيو هو ته :   
هوائن ۾ حُل ، هو نصرت تنهنجي ناز جو
اڄ نه آهي ڪو ، پتو تنهنجي ڪاڪ جو
( ليکڪ سنڌ جو سينئر صحافي ۽ ناميارو ڪالمسٽ آهي (
( پورو ٿيو )
(  ماهوار “پيغام” ڪراچي، آڪٽوبر  2012ع)

No comments:

Post a Comment