سنڌڙيءَ جا سردار- حسيني لال مروندي
مولائي ملاح
پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاريءَ جي اها خوش نصيبي آهي جو هتي
شهباز بلند پرواز جهڙيءَ هستيءَ جي پرواز/ آمد ٿي آهي. جنھنجي
صدقي ۾ سنڌڙيءَ جا ڀاڳ ڀلا ٿي پيا آهن. جو اڄ پورو سيوستان (سيوهڻ) ست رنگي انڊلٺ
جي رنگن جيان جرڪي پيو آهي. جتي هروقت مالڪ جي رحمت ۽ ڪرم جي بارش ٿئي ٿي، جنهن
مان ڪيترائي حاجتمند فيض پرائي رهيا آهن.
روايت موجب ته: هڪ ڏهاڙي سرڪار ابراهيم ڪبير ’جوابي‘، مولا
حسين عليہ السلام جي روضي اقدس جي صحن ۾ بيٺو هيو ته کين پٺيان آواز آيو ته ’بابا
سائين، مان هن دنيا ۾ اچڻ چاهيان ٿو منهنجي آمد جو سبب بڻايو‘ ڪن روايتن ۾ ائين به
ملي ٿو ته: سرڪار ابراهيم ڪبير ‘جوابي’ جن مولا حسينؑ جي روضي اقدس تي ٻهاريدار
هيا انهن مولا حسينؑ جن کان دعا گھري ته ’مولا، مونکي به ڪو تحفو ڏيو، جيڪو هن
دنيا تي منهنجي نسل جي نالي سان سڃاتو وڃي‘. ان کان پوءِ، هڪ ڏهاڙي، کين اهڙي
خوشخبري ملي. اهڙي عطا تي پاڻ بيحد خوش ٿيا. اهڙو اظهار پاڻ واپس مروند وڃي واليء
مروند سان ڪيو، جن کين پنهنجي نياڻي، راڄ راڻي عقدِ نڪاح ۾ ڏني. ساڳي ڳالهه ڪتاب
’قلندرنامي‘ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ هيئن لکيو آهي ته:
”حضرت قلندر جي والد ماجد حضرت
شاه روشن ضمير، سيد ڪبير قدس سره ٻڍاپڻ تائين شادي خير مرادي ڪانه ڪئي هئي. ساري
عمر گران مايه، پنهنجي تنهائي ۽ تجرد جي گوشي ۾ گذاري هئائون. تنهنجو سبب استغراق
دائمي هيو. هميشہ حق جي مشاهدي ۽ جلوي ۾ محو رهيا. ان ڪري دنيوي داداگير کان بيخبر
هيا. پوءِ هڪ ڏهاڙي خواب ۾ ڏٺائون ته حضرت لال شهباز عالم ارواح مان کين ٿو چوي ته
’بابا مون کي پنهنجي پشت مبارڪ مان ٻاهر آڻيو.‘ حضرت ڪبير روشن ضمير فرمايو ته
’بابا، ظهور پرنور اوهان جو بهتر آهي ته بهشت ۾ ئي ٿئي ۽ نه اسان جي پشت ۾!‘ شهباز
جواب ڏنو ۽ فرمايو ته ’نبين ۽ ولين جي طريقي موجب دار دنيا ۾ ظهور ڪرڻ ۽ خاص ۽ عام
تي پنهنجي فيض جو انعام پورو ڪرڻ ضروري آهي. هاڻي توهان حضرت جن کي جڳائي ته عقدِ
نڪاح جي ڪريو ۽ فيض جي درياه جو ڪلف کوليو‘. انهيءَ اشارت فيض بشارت موجب حضرت سيد
ڪبير جي عقدِ نڪاح جي جستجو جو گفتو ڪرڻ ٿيو، اوچتو بادشاه عالي جا سلطان شاه والي
مروند جي اعاده باطنيءَ سان انهيءَ خبر تي اطلاع لڌو ۽ انهيءَ مائٽيءَ ۾ سعادت
دارين سمجهي، پنهنجي نياڻي حضرت ڪبير جي راڻي ڪيائين؛ جا ظاهري، باطني حسن ۾ ساري
خلق مان ممتاز ۽ پاڪ پاڪيزگيءَ ۾ سڄي عالم کان سرفراز هئي. پوءِ شادي شاهاڻي اهڙي
ٿي، جنهنجو بيان تحرير ۽ تقرير کان ٻاهر آهي.“ (سيوهاڻي، 2009: 9- 10)
سرڪار لال شهباز قلندر جن جي هن دنيا تي آمد سن 835 هجري ۾
ٿي؛ جڏهن ته تاريخ جي ڳولها ڦولها سان لال سائينءَ جي جنم سال ۾ اختلاف سامهون اچن
ٿا. محقق محبوب علي چنا موجب سرڪار جو جنم سال 673 هجري ڄاڻايل آهي، جڏهن ته فتح
محمد سيوهاڻيءَ 835 هجري لکي آهي. ان حوالي سان جنم سال جي حقيقت تحقيق طلب آهي.
سندن نالو شاه حسين رکيو ويو، کين معصومين عليهمُ السّلام جن جي دروازي تان کين
ڪيترائي لقب عطا ٿيا، جن ۾ سخي، لال، شهباز، قلندر، مست وغيره شامل آهن.
هيءَ دنيا جي اها واحد بزرگ هستي آهي، جيڪا دنيا تي پنهنجي
سڀني لقبن سان هڪ ئي وقت پڪاري وڃي ٿي. سرڪار جا عقيدتمند کين هڪ ئي وقت سڀني لقبن
۾ هيئن نعرو هڻي ياد ڪندا آهن ته: ’جئي سخي لال شهباز قلندر مست …شهباز....! ’
سرڪار جن مالڪن جي عنايت ٿيل لقبن تي پورا لٿا، پاڻ جڏهن به
اهڙي ڪيفيت ۾ اچي ويندا هئا ته دنيا دنگ رهجي ويندي هئي. چون ٿا ته: سرڪار جن تي
جڏهن به سرمستيءَ واري ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ته پاڻ پيرين اگھاڙي جهنگ يا پهاڙي
علائقي ۾ نڪري ويندا هئا. اتي اڀن پٿرن ۽ ڪنڊن تي هلڻ شروع ڪندا هيا. يا وري هلندي
هلندي اتي بيهي رهندا هئا. اتي بيهڻ جو انداز سندن نرالو هيو، پاڻ هڪ پير ڪنڊن يا
پٿرن تي رکندا هئا ته ڪافي دير کان پوءِ ان بدران ٻيو پير رکندا هئا. ڪافي وقت
تائين اهڙي سخت ڪيفيت ۾ رهندا هيا، ايتريقدر جو سندن پير زخمي ٿي پوندا هئا ۽ انهن
مان رت وهڻ شروع ٿي ويندو هيو.اهو سندن مولا حسينؑ سان عقيدت جي اظهار جوهڪ انداز
هيو، اهائي ڌمال هئي جيڪا پاڻ اکيون بند ڪري هڻندا هيا ۽ ڪربلا جي ڪرب کي ياد ڪري
اکين مان نير وهائيندا هيا. اهائي رسم اڄ تائين سندن مريد ۽ عقيدتمند سندن درگاه
تي حسيني لال جي ڌمال جي انداز ۾ ادا ڪندا آهن، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
سرڪار جن اها ڌمال منزل عسقلان کي ياد ڪري ادا ڪندا هيا. منزل عسقلان تاريخ جي اها
ڏکي منزل آهي، جنهن تي حيوان به هلڻ کان نابري واري بيهي رهيا هئا. قتل حسين (ع) کان
پوءِ جڏهن شامي سادات کي قيدي ڪري شام ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ڪيتريون
ئي منزلون آيون؛ جڏهن منزل عسقلان آئي ته اتي سادات کي پيادل هلڻ جو حڪم مليو.
ظالمن سادات جي گذرگاه تي اڀا پٿر، ڪاوا، ڪنڊا ۽ ٽانڊا وڇائي ڇڏيا هئا، جن مٿان
سادات کي پيرين اگھاڙي گذاريو ويو. هيءَ اها منزل هئي جو جڏهن سوارين (اٺن ۽
گهوڙن) کي اتان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جانورن لاچاريءَ ڏيکارڻ لاءِ، پنهنجن
گوڏن کي چڪ هڻي هلڻ کان نابري واري ڇڏي.هئي .
سرڪار لال شهباز جن ننڍپڻ ۾ جڏهن وجد واري ڪيفيت ۾ اچي
ويندا هئا ته پاڻ سڪل زمين ۾ غوطا يا ٽٻي هڻڻ شروع ڪندا هئا. جڏهن زمين ۾ اندر
وڃي وري ٻاهر نڪرندا هئا ته سندن اکين مان
لال موتي ڪرندا هئا ۽ اتي موجود ٻارن کي چوندا هيا ته هي موتي توهان کڻو.
پاڻ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد جا حافظ بڻيا، جڏهن
جوانيءَ جي بهارن کي ڇهڻ لڳا ته کين پنهنجي والد محترم سان ملڻ جو اشتياق ٿيو.
سندن سفر تي اسهڻ مهل سندن ناني والي مروند سندن نالو عثمان مروندي رکي روانو ڪيو.
انهيءَ دؤر ۾ حسيني سيدن کي قدم قدم تي مشڪلاتون درپيش هيون، جنهن جي ڪري سندن اصل
نالي شاه حسين کي راز ۾ رکيو ويو. مروند مان نڪرڻ کان پوءِ پاڻ پهريائين مديني
منوره ۾ روضه رسول صلعم تي حاضري ڀري، ان کان پوءِ مولا عليؑ جي درٻار ۾ حاضر ٿيا.
اتي ڪجهه وقت قيام ڪرڻ کان پوءِ اتان بغداد ڪاظمين طرف روانا ٿيا، جتي امام موسى
ڪاظمؑ جن جي سلامي ڏني. اتي ڪجهه وقت قيام کان پوءِ ايران ۾ امام رضاؑ جي درٻار ۾
حاضري ڏنائون. اتي ڪجهه وقت قيام کان پوءِ پاڻ سڌو عراق مولا حسينؑ جي درٻار ۾
حاضري ڏيڻ لاءِ پهتا. جتي سندن پنهنجي والد حضرت ابراهيم جوابيءَ سان ملاقات ٿي.
سرڪار جن سندن چهري مبارڪ تي لهي آيل ڏاڙهي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. اتي ڪافي عرصو رهڻ
کان پوءِ اجازت گهريائون. مولا حسين (ع) کي عرض ڪيائون ته اسان کي به ڪوئي ونڊ عطا
ٿئي . اتان کين حڪم ٿيو ته توهان دين اسلام جي تبليغ خاطر سنڌ طرف نڪري پئو. ائين
پوءِ پاڻ پنهنجي والد کان موڪلائي مختلف منزلون ڪندا اچي سيوستان (سيوهڻ) ۾ هيترن
سارن اوليائن جي وچ ۾ آمد جو اعلان ڪيائون ۽ پوءِ کير ڪٽوري ۾ رکيل گلاب جي گل
جيان ترندا رهيا.
سيوهڻ جي سرزمين تي سرڪار جن جي قيام کانپوءِ اتان ظلم ،
برايون جڙن / پاڙن کان ختم ٿيڻ شروع ٿيون .ڦهليل فحاشت تي ضابطو اچڻ شروع ٿيو. ظلم
جي باهه وسامڻ لڳي ۽ دين اسلام جي تبليغ جو هڪ نئون دور شروع ٿيڻ لڳو.
تحفته الڪرام ۾ مير علي شير ڪانع ،قلندر نامو ۾ حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي ، تذڪره مشائخ سيوستان ،۾ لکيل آهي ته: حضرت شهباز سيوستان کي پنهنجي
قدم سعادت لزوم سان مشرف فرمايو، تڏهن اول ان جاءِ تي آيا ،جتي هاڻ سندن درگاه
عالي جاه آهي. ان وقت اها جاءِ ڪسبياڻين. جي مياڻي هئي. جتي حضرت شهباز جي آمدن
شرط جيڪي ماڻهون ان رات ڪسبياڻين وٽ بدڪاريءَ لاءَ
ويا. تن سڀني کي مڙسي ڪانه ٿي. جڏهن ڏينهن
ٿيو. تڏهن سڀ ڪنهن هڪ ٻئي کان حوال پڇيو .پوءِ سڀ ڪنهن اها دانهن ڪئي .سڀ حيران
رهيا! گھڻي حيرانيءَ بعد سمجھيائون ته اهو اثر تجربي جھڙو هن درويش اهل الله جو
آهي. جو هن بذرگ جو هتي اچڻ ٿيو آهي. اها ڳالهه سمجھي سڀ زالون ۽ مرد ،شهباز بلند
پرواز جي قدمن مبارڪن تي ڪري پيا. حضرت شهباز جي نظر فيض اثر کان سڀني کي اثر ٿيو.
ان ثر کان سڀني دلئون و جانئون توبهه ڪئي.( ميرعلي شير قانع ــــــ 2006 ــــــــ 429 / قلندرنامو ، سيوهاڻي ـــ 2009 ــــــــ 39
)
سرڪار جن جي درٻار تي لڳندڙ ڌمال تي اڄ به ڪيترن ئي
حاجتمندن جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون.
سرڪار جن جي صحن تي. نغارن، ناد. ۽ گھڙيال. تي وڄندڙ نوبت تي ڌمال: دمادم مست
قلندر… جي صدا سڄي سنڌ ۾ ٻُرڻ لڳندي آهي.
ته اهڙي صدا تي سڄي سنڌ سيوهڻ جو نصيب جاڳي پوندو آهي.”روايتن ۾ ملي ٿو ته : سرڪار
جي درٻار تي نوبت ٽي وقتي لڳندي آهي. هڪ شام کان وٺي سمهڻيءَ جي وقت تائين ٻه ڪلاڪ
۽ ٻي سوا پهر رات جو سرڪار جو دروازو قائم (بند) ڪرڻ مهل ، ٽي تهجد جي مهل ؛ جيئن
اڃان سوا پهر رات جو بچيو پيو هوندو آهي. انهيءَ نوبت وڄڻ تي زائرين لاءِ صبح جو
دروازو کلندو آهي. انهيءَ نوبت وڄڻ جو ٽائيم معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ گھڙيال قديمي هرڌات
جو گول ٺهيل رکيل آهي. ان جي ڀرسان هڪ ديڳڙو پاڻيءَ جو ڀريل مقرر رکيل آهي. ان ۾
هڪ وٽي سنهي سوراخ سان پيل آهي. جا ان پاڻيءَ تي ترندي آهي. ۽ هڪ گھڙيءَ کانپوءِ
ٻڏندي آهي. تڏهن ان گول گھڙيال کي گھڙيالچي هڪ اوزار، مترڪي سان ڌڪ هڻندو آهي.
تنهن تي ڪنهن قابل، معما ڳجھارت ٺاهي آهي. ڳجھارت هيءَ آهي .“
’جر ۾ بيٺي جوءِ ، مڙس ڪٽائي پنهنجو‘
انهن نوبتن کي شروع ٿيندي سوين سال گذري ويا آهن جو قائم
دائم هلنديون اچن پيون. انهن نوبتن مان ايندڙ مست قلندر جي صدائن تي ستل ضمير به
جاڳي پوندو آهي. اسر ويل وڄندڙ نوبت کانپوءِ الله جا نيڪ ٻانها ، حاجتمند. عشق
الاهيءَ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. جتي هر ماڻهون پنهنجو پاڻ وساري هيڪڙائيءَ جي هُل ۾
مصروف عبادت نظر ايندو آهي،. ڪيڏونه سرور آهي. سرڪار جي ڌمال ۾ ..!
اچو ته اڄ ؛ سرور جي سرڪ ڀرڻ لاءِ لالڻ سائينءَ جي نگريءَ، سيوهڻ
هلئون.…!
( ماهوار پيغام ڪراچي - جلد 15- شمارو 5- جولاءِ 2012ع )
( ليکڪ سنڌ جو سينئرصحافي ۽ ناميارو ڪالمسٽ آهي )
No comments:
Post a Comment