Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Monday, 23 February 2015

هڪڙو هيو ڪنور ، هڪڙي هئي سنڌ !



 مولائي ملاح
2  نومبر ورسيءَ جي مناسبت سان
هڪڙو هيو ڪنور ،  هڪڙي هئي سنڌ !

سنڌ پنـﻫـنجي ڪک مان ڪيترن ئي ڪلاڪارن، آرٽسٽن، راڳين ۽ امن جي جوڳين، روڳين ۽ سچن ساڌوئن کي جنم ڏنو آهي؛ جن پنـﻫـنجي انداز سان هن نفرتن جي سينور چڙهيل سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پنـﻫـنجي وس، وت  ۽ ڄاڻ آهر پئي لوچيو ۽ سوچيو آهي. سنڌ جي هن سريلي راڳيءَ جو جنم، سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ‘ واهڻ ’ جروارن ۾ پورا 10 مهينا ويساک سنبت 1942 برابر سنه 13 اپريل  1885ع  ۾ ٿيو.( ڪنور جي جنم تاريخ ۾ به سندس قاتلن جي نالن جيان اختلاف آهي. ڪٿي سن 1842ع ته ڪٿي22  آڪٽوبر 1885ع  لکيل  آهي.) جروارن  جو ڳوٺ  ‘واهڻ ’ ميرپور ماٿيلو اسٽيشن کان اٽڪل  8 ڪلو ميٽر پري آهي. ( امر شهيد ڀڳت ڪنور رام -  1982ع – ص: 11 ) سندس پيءُ جو نالو تارا رام ۽ امڙ جو  نانءُ  تيرٿ ٻائي هيو. تارا رام کي ڪو به“سنتان” اولاد ڪو نه هئو. سنتان جي سڪ ۾ هي پيرن، فقيرن  جون درگاهون ڀيٽيندو ۽ ا تي دل سان حاضري ڏيندو رهيو. چون ٿا ته: “هڪ دفعي سنت سوامي سائين سترام داس اچانڪ اچي اتي پڌاريا جنهن جي ڀائي تارا رام گھڻي شرڌا ۽ پريت سان تن من ڌن ڪري شيوا ڪئي. هن جي شيوا ٽهل ۽ شرڌا ڏسي هن  تي تمام گھڻو پرسن، خوش ٿيا. چيائونس ته توکي ڇاجي لوڙ آهي. تارا رام تمام نرمتا ۽ نيزاريءَ سان هٿ جوڙي وينتي ڪئي ته: مان اولاد جو سڪايل آهيان. ايئن چئي اکين ۾ لڙڪ آڻي هٿ جوڙي وينتي ڪيائين. سندس دعا اگھامي ان رات ئي مائيءَ کي گرڀ  ٿيو.”  تارا رام جي ان وينتيءَ کي ‘ڄيٺل’ مل پنهنجي لفظن ۾ هئين سمايو آهي ته:
بنا سنتان  جي  سوامي ! جيئڻ  جنجال  آ منهنجو،
جدائيءَ جيءُ ڇڏيو جھوري! فقيري حال  آ منهنجو،
بنا  اولاد  آکيرو !  مثل  آهي  مساڻن  جي ،
جي گلشن آ  ته گل گھرجي، جي حويلي ته هُل گھرجي ،
“ڄيٺل ” سڀ  ڄاڻ  ڄاڻو  ٿا ! سڪايل ساهه  آ  منهنجو.
تارا رام جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏهاڙي اها گھڙي به آئي جڏهن سندس سڪايل هنج ۾ ڪنول گل جهڙو، ڪَنورُ ٽڙي پيو. ڪنور جو نالو سنت کوتا رام رکيو ۽ کيس دعا ڪندي چيائين ته: ٻچا ڪنور! سدائين خوش هوندين ، ساري سنڌ، هند کي ياد هوندين ۽ جڳ جڳ ۾ تنهنجو نالو روشن هوندو. سنت کوتا رام وري تارا چند کي چيو ته: ٻالڪ جو نالو ڪنور ان ڪري رکيو ويو آهي جو سدائين ڪنور جي گل جيان ٽڙيل خوشبودار رهندو. ڪنور ننڍڙي هوندي ئي ڏاڍو نٻل هوندو هو سندس وڏڙا خصيص دوڪانداريءَ جو ڌنڌو ڪندا هيا ۽ ٻنيءَ جو هڪ ٽڪرو هين جيڪو پاڻ آباد ڪري گذر سفر ڪندا هيا. سنبت 1956 ۾ ڀائي تارا چند جروارن ۾ هڪ ننڍڙو دوڪان کوليو جنهن جو سامان گھوٽڪيءَ مان ڀائي چوئٿ مل گدو مل جي دوڪان تان آڻيندا هيا. ڪنور جي امڙ تيرٿ ٻائي ڪنور کي هنج ۾ کڻي لاڏ کوڏ سان پالڻ لڳي. ڪنور جا وڏڙا مالي طور تي غريب هئا جنـﻫـن جو ڪنور جي زندگيءَ تي گھرو اثر هيو. چون ٿا ته: “ڪنور اڃان ٻالڪ پڻ ۾ ئي هيو ته کيس سندس پتا هڪ گوسائين (جوڳين) سنت کي سونپي ڇڏيو. ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ سندس پتا 300 روپيه ڏئي پنـﻫـنجي پٽ جي ٻانـﻫـن موٽائي ورتي.” ڪنور جو ٻالڪ پڻ کان ئي ستسنگ ڏانـﻫـن لاڙو هو. سچن ساڌن جو سنگ ئي هن جي لاءِ بک لاهيندڙ سرجيون ٻوٽي هئي. تارا رام ننڍڙي ڪنور کي هنج ۾ کڻي پيار. پريت. امن. ۽ آشتيءَ جي لولي ڏني جنهن تي ڪنور ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين ثابت قدم رهيو. هن پهرين ڏهاڙي کان ئي من ۾ محبت جو اهڙو ته وکر ويهاريو جو پئي پراڻو نه ٿئي. شاه چواڻي ته: “وکر سو وهاءِ ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.” پريم جو پيچرو ڏاڍو اڙانگو آهي. سر جو سانگو ڇڏي، لوڪ جا لاڳاپا لاهي سوريءَ تي سر ڏيڻ ڪنـﻫـن سچي سالڪ جو ئي ڪم آهي. ڪنور ڀڳت  به عشق جي ان ماڻ ماپي تي پورو لٿو.
 ڀڳت ڪنور کي  5 سالن جي ڄمار ۾ هندي، سنڌي اکر پڙهڻ لاءِ ماستر ڏائو مل وٽ ويـﻫـاريو  ويو  جتي سندس سئوٽ  ‘ حڪومت ’  به اڳ ئي ساڳيا اکر سکندو هيو، هي ذهين هئو ان ڪري استاد جو به مٿس ڌيان هيو . توڙي جو دير سان داخل ٿيو، آيو،  پر پوءِ به پنهنجي سئوٽ ‘حڪومتکان  هوشيار هيو. اتان  اکر شناسيءَ کان واقف ٿي پنهنجو هٽڙو هلائڻ لڳو جنهن جو ليکو چوکو ، حساب ڪتاب پاڻ ڪندو هيو . ننڍ پڻ ۾ ڀڳت ڪنور جي ڳلي ۾ من موهيندڙ مرلي ڏسي سندس پتا کيس گائن وديا سکڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو ۾ ‘حيات پتافيءَ جي ٽڪاڻي’ ۾ موڪليو جتي هن گائين وديا جو اڀياس ڪيو. ڪنور جو ننڍي هوندي ئي اهڙو ته مٺڙو آواز هوندو هيو جو ماڻـﻫـون  ته ڇا پر مِرن جي دلين کي به موهي وجھندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شري ستگرن سان به ڀڳت وجھندو هو. هن جي پريم جي پرلاءَ تي پکي به پنـﻫـنجا آکيرا ڇڏي اچي هن گھوٽ جي گھائيندڙ آواز کي ٻڌندا هيا. ڪنور جي آواز ۾ اها سگھ  هئي جا دلين جي بند دروازن کي به ٽوڙي وجھندي هئي ته دريائن جي روانيءَ  ۽ دهشت جي وهشت کي به روڪي رکڻ  جي سگھه رکندي هئي . ڪوي ڄيٺل جي سٽن ۾ ته:
تنـﻫـنجي مرڪ ته مٺڙيءَ ماڻـﻫـن جو،
هڻــي  گھــوٽ  ڪليجــو  گھـايو  هو.
سـاري  سـنڌ  جـي  مـردن  ماين  جو،
ســﻫـڻي  سرندي  ساهه  سڪايو  هو،
ٻـڌي  پــکي  پســو  پـر  لاون  کــي ،
کولي  کنـڀڙن  سـﻫـڻن  ساون  کي ،
تنـﻫـنجي  پڪڙي  دلبر  وارن  کي ،
پنـﻫـنجو  تن  من  ڀي  تڙ  پايو  هو،
تنـﻫــنجي  لاءِ  مـرون  مشـتاق  هـئا،
  بـنا  درشـن  جـي   نـا چـاڪ  هـوا،
ڪيئـي  گـوندر  ۾  غمـناڪ  هـوا،
جـن  سـڪ  ۾  سـاهه سـڪايو  هو،
تنـﻫـنجي سانول سـﻫـڻي وائي تي،
محـبت  جـو  مـينگھ  وسايو  هو،
تنـﻫـنجي ڇيرن جي ڇمڪار ٻڌي،
۽  مـــرڪ  مــٺـي  منـٺـار  ٻــڌي ،
‘ڄيٺل’ گائين  ڀي  گفتار  ٻڌي ،
بس آب  انـﻫـيءَ  دم  وسايو  هو.
ڪنور، ڪنـﻫـن ذات پات، رنگ ۽ نسل جو محتاج نه هيو. هي عشق الاهيءَ جو ديوانو هيو هن جي سوچ سڌير ۽ دل شاهه جي دنبوري جـﻫـڙي هئي جنـﻫـن جي  تار  چوويـﻫـ  ئي ڪلاڪ  پنـﻫـنجي مالڪ سان ڳنڍيل هئي. هن صوفيءَ جي سڄي زندگي شاهه لطيف جي هنن سٽن جي مصداق رهي ته:“ تن تسبي من مڻيو،  دل دنبور جن ، تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن.”  جروارن جي ڳوٺ ۾ ڪابه اهڙي پاٺشالا ڪانه هئي جتي عربي لپيءَ ۾ پڙهايو وڃي. ان ڪري ڪنور کي ميرپور ماٿيلو ۾ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ويـﻫـاريو ويو جتي گرنٿي هاسارام مشـﻫـور راڳيندڙ هو جنـﻫـن ڪنور کي ڳائن وديا سيکاري هوشيار ڪيو. هي جڏهن به ڳائيندو هيو ته ان وقت هي ڪنـﻫـن ٻئي جـﻫـان ۾ پـﻫـتل محسوس ٿيندو هيو. سندس اهو قصو  به مشـﻫـور آهي ته:“ هڪ ڀيري فصل پچي تيار ٿيا ته جھارِ لاءِ سندس پيءُ ڪنور کي ويـﻫـاري ويو ٻنيءَ تي. ڪنور جن پيـﻫـي تي مٿي چڙھي ويٺا ته سندن ڌيان مالڪ ڏانـﻫـن هليو ويو جھارِ وساري ويٺا ۽  مٺڙي آواز  ۾  پنـﻫـنجي رمز ۾ اچي راڳ تلنگ مان هي ڀڄن چوڻ لڳا ته:
ڪيئن ريجھائيان توکي ڪيئن پرچائيان،
ڏس ڪو ڏانءُ ، ڏس  ڪو  ڏانءُ !
ان ويل پاڻ مالڪ جي عشق ۾ اهڙا ته مست ٿي ويا جو کين ٻاهرين دنيا جي ڪائي خبر ئي ڪانه پئي. اوچتو فصل ۾ ماڪڙ به اچي لٿي ٻيا سڀ ماڻـﻫـون پنـﻫـنجي زمين، کيت ۾ سنڀال لاءِ ويٺا هيا انـﻫـن جي رڙين واڪن ڪرڻ تي ماڪڙ کان بي ڌيان ويٺل ٻالڪ ڪنور جون اکيون کليون ۽ ڏٺائون ته جنـﻫـن کيت تي پاڻ سنڀالڻ لاءِ ويٺا هيا ان  تي ماڪڙ اصل ڪان هئي؛ باقي ٻيا جيڪي کيت جي سنڀال لاءِ ويٺا هيا انـﻫـن ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي تنـﻫـن هوندي به انـﻫـن جا کيت ماڪڙ کائي وئي. هيڏانـﻫـن جنـﻫـن وقت ماڪڙ جا ڪٽڪ ڳاڙهن پرن سان اڏامندا جروارن جي بلڪل ويجھو آيا ته آسمان سڄو مڪڙن سان رڱجي ويو، مڪڙن جي کنڀڙاٽين جي ڦرڙاٽن سڄي شـﻫـر کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو ان وقت هر هڪ هاريءَ جي حالت قياس جوڳي هئي.
تاراچند جڏهن اها حالت ڏٺي ته سڌو ٻنيءَ ڏانـﻫـن ڀڳو دل ۾ خيال آيس ته ننڍڙو ڪنور جوئر جي فصل کي ڪيئن بچائي سگھيو هوندو. هي ڊوڙندو ٻنيءَ تي پـﻫـتو ته : ڇا ڏسي ڪنـﻫـن جو به فصل باقي ناهي رهيو هن ڪنور کي سڏ ڪيو. ڪنور ! او ڪنور! ڪنور…! ڪو به جواب ڪونه آيو ته هي ويتر پريشان ٿيو. خيال ٿيس ته ڇا ڪٿي ماڪڙ پيـﻫـي تي ننڍڙي ڪنور کي به کائي پورو ڪري ڇڏيو ڇا …! اِلاهي اسرار ڏسڻ وٽان هيو. ڀائي تارا چند جي حيرت جي ڪائي حد نه رهي هن ڏٺو ته سندس ٻنيءَ ۾ هڪڙو  به  مڪڙ  نالي  ماتر  به  ڪونه هيو..!! )امر شهيد ڀڳت ڪنور رام،1982ع - ص: 15)
ڪنور، سنڌ جي سونـﻫـن، سرهاڻ ۽  سچ، ساک، امن جو سچو پرچارڪ هيو؛ هن فقير منش ماڻـﻫـونءَ جي من ۾ ڪينو، ڪپٽ، ڪروڌ ۽ ڪچائي ڪانه هئي. سندس چواڻي ته:“ سچ جي ڪمائي هڏن جو پورهيو ڪري جو  اَنُ  کائجي ٿو  سو  دل کي روشن ڪري ٿو. ڪپت، ٺڳي، دغا ۽ دولاب ڪري جو  اَنُ  ٿو کائجي سو دل کي ڪارو ڪري ٿو. جـﻫـڙو  اَنُ  تـﻫـڙو من. ان شڌ ته من به شڌ، ان کائڻ ڪري خراب خيال من کي ائين وڪوڙي ويندا آهن جئين مٺائيءَ کي ڪوليون چوڌاري وڪوڙي وينديون آهن.” قويءَ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
ڪري دل کي ڪارو ، ڪپت جي ڪمائي،
سـچائيءَ  سان  روح  کي ،  رسـي  روشنائي .      ‘ هيمان ’          (ڀڳت ڪنور رام ولاس، ص: 30 )
ڪنور،  پنهنجي من ۽ مزاج ۾ فقير منش ۽ سچو سنت هيو، هڪ ڀيري ڪنهن سڄڻ ڪنور کان پڇيو ته سائين! سچي سنت جا ڪهڙا لڇڻ آهن؟ تنهن تي سنت مشڪي فرمايو ، ڇو سائين! توهانکي به سنت ٿيڻ جو  ويچار آيو آهي ڇا؟ ڀائي، سچو سنت ٿيڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي.
ساڌو ڪهاون  ڪٺن  هئه ، جيسي لمبا پيڙ کجور،
چڙهي  تو  چاکي  رام رس ، گري  تو  چڪنا چور.
ڀڳت صاحب وڌيڪ فرمايو ته:“ ابا! سچو سنت اهو آهي جيڪو پنهنجي سِرَ جو آسرو لاهي پهريان پاڻ کي فنا ڪري ٿو ، پاڻ فنا ڪرڻ کانسواءِ درشن ٿي ڪونه سگھندو. سڪڻ، سِرُ  ڏيڻ ۽ لِڪڻ اُهي ٽئي نشانيون آهن سچي سنت جون!”   
جي  تون  سڪڻ سکيو، ته، ڪاتيءَ پئي ۾ ڪنجھ،
سپـريـان  جي  سـور  جــو ،  مـاڻهـن  ڏي  نه  منجھ ،
انـدر  اي  اهـنـج ،  سـانـڍج  سـکـائـون ڪـري.‘ شاهه’.  ( امر شهيد سنت ڪنور رام - 1986  -  ص:143 )
ڪنور، ڪٺور دلين جو به راڻو هيو، سندس نرم مزاج هئڻ ڪري کيس سُر ‘ آسا ’ ۽ ‘ پرڀاتي’  ڏاڍو موهيندا هيا، جنهن کي تمام گھڻي ۽ گهري انداز ۾ ڳايو اٿس. سُرُ ‘مارو  وهاڳ ’ جيڪو مرتئي تي ڳايو ويندو آهي جنهن ۾ رڳودرد ۽ وڇوڙي جو ورلاپ آهي اهو به کيس ڏاڍو وڻندو هيو  ان کي ڳائڻ مهل پاڻ زارو قطار روئيندا هيا ۽ ٻڌندڙن جي اکين ۾ به آب اچي ويندو هيو . پاڻ اسر ويل جڏهن ‘الک ’ اورڻ ويهندو هيو ته محفل ۾ چئوڏس سانت ڇانئجي ويندي هئي.
ڀنڀرڪي جو اٿي رام ريجھائڻ جو ڏانُ ته ڪوئي ڪنور کان سکي، هو اسر ويل اٿي پرهه ڦٽيءَ تائين پيو ڳائيندو ۽ پاند ڳچيءَ ڳل پائي نچندي نچندي پنهنجي رب کي ريجھائڻ ، پرچائڻ لاءِ  پيو ايلاز ڪندو هيو ، مالڪ به مٿس مهربان هيو ، جو هو جيڪي به دعا گھرندو هيو اها پوري ٿيندي هيس؛ سندس اهڙين اگھاميل دعائن جا ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون اڄ به ڪتابن ۽ ماڻهن جي سينن ۾ سانڍيل آهن. ڪٿي ڪو مئل ٻار زندهه ٿيو، ڪٿي اڻ مندائتي  برسات پئي ته ڪنهن کي اولاد ٿيو ته ڪٿي ڪنهن ضرورتمند جي ضرورت پوري ٿي.
ڪنور ڪڏهن به پاڻ لاءِ ڪو نه ڳايو ، هن وٽ جڏهن به ڪوئي حاجتمند، سوالي ايندو هيو ته کيس چوندو هيو ته ڌڻيءَ جو نانُ وٺي ڀڳت وجھئون ٿا پوءِ جيڪي پيو سو تنهنجو، فقير ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي ڇير ڇمڪائي ٻئي ٻانهون کولي هڪ هٿ ڪن تي رکي ٻيو هٿ ماڻهن ڏانهن ڪري  مٺڙي آواز ۾ چوندو هيو ته : او شل ڪا ٻاجھ پوَئي.! هوڏانهن سارنگيءَ تي ويٺل ڦتن ميراسي به ساز ڇيڙي سارنگيءَ مان اهڙيون ته عجيب وَ غريب راڳڻيون ڪڍندو هيو جو ڪنور سارنگيءَ جي تند ۽ تان سان سُرملائي اهڙا ته آلاپ آلاپيندو هيو جو ڪٺور دلين ۾ به رحم جوڳي لهر لُڇي پوندي هئي ۽ سندن نيڻن مان نير ريلا ڪري وهي پوندا هيا، ان ويل ڪنور ڇير ڇمڪائي ۽  ڦيرڙي پائي جيڪي به سدا هڻندو هيو اها اتي ئي پوري ٿيندي هيس.
 هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به تکو مَٺو نه ڳالهايو، هميشه ڪنڌ هيٺ ڪري نياز نوڙت سان هرڪنهن سان پيش ايندو هيو. اهڙن من جي اُجرن ماڻهن کي ئي سچو ساڌو چئجي ٿو. هن جي من ۾ لالچ ۽ لوڀ جي ڪابه ِميرِ ڪانه هئي. سچل جي سٽن ۾ ته:
ڪلمون پڙهان  ته ڪافر ٿيان ، گھڙان نه انهيءَ گھير،
جــاڏي   راهه   رســول  جـي ،  تــا ڏي   پــا يــان  نه    پـيــر،
جي من مان ڪڍان نه مير ، ته حضور حاصل ئي نه ٿئي.
 ڪنور، جيڪي ڪجھ ڀڳت مان ڪمائيندو هيو اُهي پئسا سون ۽ چانديءَ جا سڀ سڪا ميڙي ان مان محتاجن جي مدد ڪندو هيو. پاڻ اهڙو پئسو ڪڏهن به گھر ۾ نه آندائين، اُهي اُتي ئي فقيرن، غريبن ۽ مسڪين ، محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هي پئسن خاطر نه پر غريبن جي مدد خاطر ئي ڳائيندو هيو. هي اڙيلن جو آڌار هيو. هن بنا ڪنـﻫـن ذات پاٽ، ڀيد ڀاوَ جي هر گھرجائوءَ جي مدد ڪئي. آڌي، مانجھي سانجھ، سوير، سندس وٽ جڏهن به ڪوئي سوالي ڊيڍ، برهمڻ، باگڙي ۽ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ڪـﻫـي آيو ته هن ان کان ڪڏهن به ذات، مذهب معلوم نه ڪيو. هي انـﻫـن کي ڳل لڳائي انـﻫـن جي مدد ڪندو هيو. هن وٽ ڪيتريون ئي وڌ وائون، اناٿ، يتيم ايندا هيا جن جي هي مدد ڪندو هيو. هي ڪيترن ئي معذورن، بيواهن ۽ اناٿن جو ڪارج به پاڻ پنـﻫـنجن هٿن سان ڪندو هيو. سندس اهڙي ئي ادا ڪيل ڪردار کي قوي ‘ڄيٺل’ پنـﻫـنجن خوبصورت لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته:
انـڌن   ۽   منـڊن   جــــو!   اَجھـــو   آســــرو   ٿـــي،
بکين کي ڏيندين ڍءُ! وَڃائين گھول گھولي،
ڄـمي   ڄــام   ‘ڄيٺل’ !    امـر انـت   ٿيـنـديــن،
ايندي خلق ات لـک ! ڏسـڻ تنــﻫـنجـي ڏولـي .
ها! اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ڪنور شهادت ماڻي ته:  سندس ڏولي جنهن به شهر مان  ٿي گذري  ته اتي ماڻهن جا ڪٽڪ ، ڪيولين جيان ميڙ مڙي ٿي ويا. جنهن ۾ خلق جا مٿا اگھاڙا ۽ اکين ۾ لڙ ڪ ۽ هٿن ۾ ڪارا جھنڊا هيا. منڊليون ويران هيون هرطرف ماتمي جلوس جهڙو سوڳوار منظر هيو. هر شهر ۾ هٽ تاڙ ( هڙ تال ) هئي روڊ تي پير پائڻ جي جاءِ نه هئي، سندس ڏولي ڏسڻ لاءِ ماڻهون ، مرد توڙي عورتون گھرن ، ڪوٺن جي ڇتين تي چڙهي سندس ڏوليءَ جو انتظار ڪندا رهيا.  جتان جتان ڪنور جو لاش گذري رهيو هيو اتان اتان (ڪوٺن تان)  سندس لاش تي گلن جي ورکا  ٿي رهي هئي گلاب، مُشڪَ ڇٽيو ٿي ويو، ڪيترائي رومال، لنگيون  ۽  اجرڪ مٿس پيا.
ڪنور گوليءَ جي گھاءِ جڻ کانپوءِ زخمي ٿيو ته سندس  لاش کي ٽرين مان لاهي ڏوليءَ ۾ وجھي پهريان ٽڪريءَ تي نم جي چاڙهيءَ مٿان ڀائي منگل مل جي گھر سکر کڻي آيا جتي سڄي شهر جا ماڻهون درشن لاءِ پهتا؛ ان  بعد شهر مان  ٿيندا ميت کي ساڌ ٻيلي ۾ سوامي هرنام داس ۽  موتيرام ٽڪاڻي جي مهراج  پاکرون  ۽ پتاشا وڌا، سکر پل لنگھي هي سوڳوار جلوس وسڻ رام سنت جي ٽڪاڻي ۾ آئي؛ روهڙي گهمائي پوءِ  ارٿيءَ  کي لاريءَ  ۾ چاڙهي  گھوٽڪي ، ميرپور ماٿيلو، جروار،  (ڪنور کي جڏهن ڳوٺ کڻي ويا ته سندس گھرواري بيهوش ٿي وئي، جڏهن هوش آيس ته گرم گرم ڳوڙهن سان لاش پسائي ڇڏيو،)  حيات پيافي ، گھمندا سڌو رهڙڪي آيا جتي ڪنور جو اگني سنسڪار ڪيو ويو.
ڪنور کي ڌن دولت بجاءِ هر وقت مالڪ حقيقيءَ  جي  ٻاجـﻫـ جي طلب هئي. پاڻ هر  وقت پنـﻫـنجي مالڪ کي پرچائڻ لاءِ جتن ڪندو هيو ۽  پنـﻫـنجي مٺڙي آواز ۾ ائين ميڙ ، منٿ ۽ ايلاز ڪندو هيو جئين ڪائي ماءُ پنـﻫـنجي ننڍڙي ٻار کي پرچائڻ، ريجھائڻ لاءِ کيس پنـﻫـنجي مٺڙي آواز ۾ لولي ڏيندي آهي؛ جڏهن هو ٻار کانئس ڪونه پرچندو آهي ته  ماءُ  ٻاجھ  مان کانئس ئي پڇندي آهي ته: ڀلا ! تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته تون مونسان ڪيئن پرچندين. ائين ئي ڪنور به ڪندو هيو؛ ڳل، ڳچيءَ ۾ نياز نوڙت جو پاند پائي عاجزيءَ مان ٻانـﻫـون ٻڌي سرڙو نوائي  پيو چوندو هيو  ته:
ڪيئن ريجھائيان تو کي ڪيئن پرچايان ؟
ڏس ڪو ڏانءُ !
ڏس ڪو ڏانءُ !
جان ٿيان مومن پاڪ نمازي
جنـﻫـن ۾ جانب تون ٿئين راضي !
جامي جوڙايان ڪن سرڙو نوايان ؟
سرڙو نوايان !
ڏس ڪو ڏانءُ !
جان ٿيان هندو پوڄيان بت خاني
ڪاشي، دواري گنگا اسنان !
جڻيون پايان، ڪن تلڪ لڳايان ؟
تلڪ لڳايان !
ڏس ڪو ڏانءُ !
جان ٿيان ناچو پـﻫـريان پيش وازي
ڌڪڙ، ڌمچر سازي آوازي !
ڦيرڙيون پايان ڪن ڇير ڇمڪايان ؟
ڇير ڇمڪايان !
ڏس ڪو ڏانءُ
اچ ته پيارل ڪريون پرچاءُ
ساڻ سليمان جي ڪريون سرچاءُ
لائق ناهيان ته به تنـﻫـنجي آهيان
تنـﻫـن جڙي آهيان
ڏس ڪو ڏانءُ  ڏس ڪو ڏانءُ .
ڪنور جڏهن  18 سالن جي ڄمار ۾ آيو ته مرشد جي چوڻ تي سندس شاديءَ جو سعيو ڪيو ويو. ان لاءِ ڪٽنب منگھرياڻين جي ڳوٺ مان ڀائي نوتومل مکيءَ جي ڪنيا سان مڱڻو ٿيس سنبت 1860ع ڦڳڻ مـﻫـيني ۾ سندس شادي ٿي. ڪنور جي پـﻫـرين ڌرم پتنيءَ جي چالاڻي (لاڏاڻي) بعد گھڻن ماڻـﻫـن جي چوڻ تي ٻي شادي گنگا ديويءَ سان ڪيائين جنـﻫـن مان کيس هڪ پٽ پيسورام ۽ ٽي نياڻيون  ڪلا، شيلا، ستلس هيون.
ڀڳت ڪنور رام، انــن عام راڳين جيان نه هيو جيڪي هر وقت پيسي جي پويان ڊوڙندا آهن. هن کي مايا جو موهه ڪڏهن به  موهي نه سگھيو.  هي پئسي تي مرڻ وارو لالچي نه  پر، سچو  ڀڳت ۽ هڪ سچو جڳت هيو. هن جتي به ڀڳت وڌي اتي هن دين ڌرم کان بالا تر ٿي ڪري غريبن جي بي لوس مدد ڪئي سندس مختصر زندگيءَ ۾ جھاتي پائڻ سان سندس رحمدليءَ ۽ انسان دوستيءَ جا اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا. جيڪي صدين کان سينا به سينا ٻڌبا ۽ ورجائبا اچن ٿا. هي مالڪ حقيقيءَ جو بندو هيو ان جي عشق ۾ ئي ان جي خلق ڪيل مخلوق سان بيحد پيار ڪندو هيو. جئين سندس لاءِ هي قصو مشـﻫـور آهي ته:“سکر جي هڪ وڏي ڊاڪٽر محمد ڳالـﻫـ ڪئي ته: “هڪ دفعي روهڙي اسٽيشن تي ٻن مسلمانن کي ٽڪيٽ نه هئڻ ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو جنـﻫـن کي ڪنور رام 11روپيه 2 آنا ڏئي انـﻫـن ٻنـﻫـين مسلمانن جو ڏنڊ ڀري کين آزاد ڪرايو.” چون ٿا ته:“ جروارن ۾ ڌاڙي جي خيال سان آيل ڌاڙيلن کي ڪنور رام ڪلام ٻڌائي معافي ڏئي خالي موٽائي ڇڏيو.” (امر شهيد سنت ڪنور رام ، 1986 – ص: 107 )
ڪنور، وائدي جو پڪو ماڻـﻫـو هيو هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنـﻫـن سان اهڙي ڪا وائدي خلافي نه ڪئي جنـﻫـن سان ڪنـﻫـنجي دل آزاري ٿئي. جيڪڏهن هن ڪنـﻫـن سان ڪا وائدي خلافي ڪئي ته ان ۾ به ڪنـﻫـن جي ڀلائي شامل هوندي هئي جئين هي هڪ مشـﻫـور واقعو اٿس ته:“ هڪ ڀيري مير علي مراد خان ٽالپر هڪ مسلمان کي ڪنـﻫـن ڏوهه سبب قيد ۾ وڌو ته سندس ماءُ ڪنور وٽ دانـﻫـين پـﻫـتي چيائينس ته: هڪ ئي ڪمائيندڙ هو اهو به قيد ۾ آهي. الله جي نالي پٽ آزاد ڪرائي ڏي. ڪنور مير صاحب وٽ لنگھي ويو عرض ڪيائين ته: مير صاحب اهو ماڻـﻫـون آزاد ڪري ڏيو، مير صاحب چيس ته هن ڀيري آئون اوهانجو چوڻ مڃان ٿو پر اڳتي اهڙا سوال مـﻫـرباني ڪري نه ڪجو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي حڪومت جو چرخو نه هلي سگھندو. تنـﻫـن تي ڪنور چيس ته: ڏاڙهيءَ جو انجام آهي اڳتي ائين نه ٿيندو،  نيٺ مير صاحب کي هڪ ڪلام ٻڌائي خوش ڪيائين. وري ٻئي ڀيري ڪنور کي پٽ آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪنـﻫـن ماءُ الله جو نالو اچي وڌو. ڀڳت مير صاحب ڏانـﻫـن ويو مير علي مراد خان ڀڳت کي ايندو ڏسي چيو ته: وري ڪيئن اهو سوال کڻي آيا آهيو. تنـﻫـن تي ڪنور چيس ته: الله جي نالي وجھڻ تي اسان تارازي کڻي هڪ طرف الله جو نالو وڌو ٻئي طرف پنـﻫـنجي ڏاڙهي وڌي سين ته الله جو نالو ڳرو ٿي پيو. وري پنـﻫـنجي مرشد جي پيءُ وري ان جي ڏاڏي جي ڏاڙهي به وڌي سين تڏهن به الله جي نالي وارو پاسو ڳرو ٿي پيو، انـﻫـيءَ ڪري اسان نٽائي نه سگھياسين، ڪنور جا اهي لفظ ٻڌي مير صاحب کي رحم اچي ويو ۽ ڀڳت جو چيو نه موٽايائين.” ( امر شهيد ڀڳت ڪنور رام، 1982ع ص: 33 – 34 ) هن ڪيترائي ڀيرا ٻن جھيڙيندڙ ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرائي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو. ڪنور جي اهڙي سڀاءَ ڪري سندس هاڪ ملڪان ملڪ مشــور ٿي ۽ هند، سنڌ ۾ سندس پرستارن ۾  اضافو  ٿيو.
صوفين ۽ سالڪن جي سرزمين سنڌ تي جڏهن  مذهبي  فسادن ڪَرُ  کنيو  ته  انهن حالتن تي گهري نظر رکندڙ ، دور انديش ماڻهن ڪنور ڀڳت کي اهو مشورو ڏنو ته سمو ڀاري آهي توهان پاڻ سان گڏ هٿيار بند ماڻهون کڻو، (گارڊ رکو) تنهن تي هن فقير منش ماڻهوءَ کين چيو ته :“ هٿيار کڻي هلڻ ته اميرن جو ڪم آهي اسان غريب گرهستي ماڻهون آهيون پوءِ هاڻ ڪهڙي طرح هٿيار کڻون. آخر شيواڌارين ۽ ستسنگ جي گھڻي قدر چوڻ ڪري ڀڳت صاحب جن ٻاهرين طرح مڃيو ۽ پوءِ 2 هٿيار بند ماڻهون پاڻ سان کنيائين  جيڪي حملي وقت به ساڻس گڏهيا.” توڙي جو قاتل 10 – 15 فوٽن جي فاصلي تي هيا پر پوءِ خبر ناهي ته انهن قاتلن مٿان فائر ڇو نه ڪيا ، اهڙي سمي اچڻ مهل هو ڪٿي هيا، اهڙي خوني حملي کان ڪنور کي بچائي ڇونه سگھيا اهو هڪ سوال آهي جيڪو اڃان به حل طلب جواب جي اوسيئڙي ۾ آهي. چون ٿا ته: اهڙين ڪٺن حالتن کي محسوس ڪندي اهڙي ڪنهن حادثي کان بچڻ لاءِ احتياط طور:“ مُکي خوبچند ان وقت جي ڪليڪٽر وٽ وڃي سمورو حال ٻڌائي هڪ بندوق خريد ڪئي ۽ ان جو لائيسنس منظور ڪرائي آيو. پوءِ  ٻه  ٽي مهينا ڀڳت صاحب جن جيڏانهن ٻاهر ويندا هيا ته هڪ ماڻهون بندوق کڻي ڀڳت صاحب جن سان گڏ هلندو هيو، ۽ مکي خوبچند جو پٽ به ليسن بردار هيو، اهو  به  پنهنجي بندوق کڻي ساڻس گڏ ويندو هيو. ”(امر شهيد سنت ڪنور رام، 1986ع ص: 72 – 73 )  پر جڏهن وقت پڄي آيو  ته فقير کي ساڻ کنيل بندوقن وارا  باڊي گارڊ  به بچائي نه سگھيا. تاريخ 11 ڪتي مهينو سنبت 1939ع   مانجھند مان  ٻائي گوبنداس ۽  ٻائي ديوداس جي ورسيءَ  تان موٽندي امرت ويلي رڪ ريلوي اسٽيشن تي شير شهات ماڻي.
 ڪنور، سنڌ جي ازلي آواز سان گڏ، سنڌ جو امر ڪردار به هيو. سنڌ، هند جي هن امن جي سفير کي ان ڪڌيءَ سوچ 2 آڪٽوبر 1939ع جي اڀاڳي ڏهاڙي تي رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي سکر ايندي کيس اڻ ڪيل گناهه  تي گوليءَ  جو کاڄ  بڻايو  جنـﻫـن جو  هي گنـﻫـگار، سزاوار  ئي  نه  هيو.
ڪنور جي قتل جا محرڪ ڪهڙا هيا، قاتل ڪير هيا ۽ انهن جو انجام ڪهڙو ٿيو، اهو هڪ تحقيق طلب سوال آهي جنهن تي سوچڻ  محققن جو ڪم آهي،  اهو ڪم انهن  تي ئي ڇڏجي ٿو.  باقي اسان کي ان  واقعي بابت مليل ڪجھ ڄاڻ هن ريت آهي ته: علي احمد بروهي لکي ٿو  ته: “ماهه جولاءِ 1939ع جي هڪ ڏينهن سکر جي اناج بزار ۾ هڪ نوجوان جو ڪنهن دوڪاندار سان “ تون ڇا تون ڇا ” ڪندي تڪرار ٿي پيو. انهيءَ دور ۾ بدقسمتيءَ سان هندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ  تي چڙهيل هئي، ۽ ساکرو شهري تعصبي آڳ ۽ فساد ڦهلائڻ جا ڪوڏيا هوا. نوجوان کي اڪيلو ۽ بي هٿيار ڏسي چند بي خير دوڪاندارن نه فقط سندس بي عزتي ڪئي، پر کيس مارڪٽ پڻ ڪئي.
اهو نوجوان هڪ با اثر ماڻهونءَ جو نينگر هيو، جو سکر شهر ۾ سودي وٺڻ لاءَ آيل هيو. نوجوان واپس ڳوٺ ورندو  ويو. ۽  ڀنڀور کي باهه لڳندي وئي.
نوجوان جي عزيزن قريبن ۾ تاءُ اچڻ هڪ لازمي امر هيو. پر سکر جي ڪليڪٽر مسٽر ڪوٺاوالا جي بر وقت جوڳا قدم کڻڻ ڪري هندو مسلم فساد ٽري ويو. پئنچائت طرفان معافي ورتي وئي ۽ اڻ وڻندڙ واقعو وقتي طور تي لئه مٽي ڪيو ويو. پر نوجوان واري ڌر جي ڪن شيدائين ۾ شورش بدستور رهي ۽ انتقام وٺڻ جو بهترين طريقو هي رٿيو ويو  ته جوابدار جي جاتيءَ  کي اهڙي ڀاري سزا ڏني وڃي جو عمر ڀر ياد رکن. ان فيصلي جو نزلو اچي ڀائي ڪنور تي ڪريو ڇا ڪاڻ ته هو سنڌ جي ماڻهن جو مقبول عام، مهاتما ۽ مها پرش هيو. هي هيو ڪنور جو قصور ۽ ڏوهه گناهه!( امر شهيد سنت ڪنور رام،  1986ع - ص: 6 ) ان واقعي جي حقيقت کي “زيب سنڌيءَ به پنهنجن لفظن ۾ هئين بيان ڪيو آهي ته:“ 4 آڪٽوبر 1939ع تي سکر شـﻫـر ۾ ڀرچونڊيءَ وارن پيرن جي هڪ نوجوان  ميان عبدالرحيم  جو ڪنـﻫـن هندو دوڪاندار سان جھيڙو ٿي پيو جنـﻫـن جي نتيجي ۾ ميان عبدالرحيم  کي مارڪٽ ڪئي وئي. ڀرچونڊي پير جي مريدن ۾ ان واقعي سبب تاءُ پکڙجي ويو ۽ انـﻫـن هندن کان انتقام وٺڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت سڄي تر ۾ ڪنور ڀڳت ئي سڀ کان مقبول ۽ وڏي شخصيت جو مالڪ هيو. جنـﻫـن ڪري مت جي موڙهيل ماڻـﻫـن بنا ڪنـﻫـن ڏوهه جي کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. غلط قبيلائي خيالن جي شڪار ٿيل جان محمد جلباڻيءَ  بي گناهه ڀڳت ڪنور رام کي 2 نومبر 1939ع تي رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي گوليءَ جو نشانو بڻايو”.( ڪالم -  ڪنور رام -  روزانه ڪاوش حيدر آباد   2010ع-  2 نومبر  )  ڪنور جي قاتلن کي لڪائڻ ۽ ان سُٽَ  کي منجھائڻ لاءِ سندس قاتلن جا نالا ۽ ذاتيون  به مختلف ٻڌايون  ويون آهن جنهن  تي  پڻ  تحقيق  جي ضرورت آهي .  انور ڏنگڙائيءَ  پنهنجي سهيڙيل ڪتاب : اسانجو ڪنور، جي‘ ٻه اکر ’ ۾  هئين لکيو آهي  ته:“ مونکي هڪ انتهائي ڀروسي جوڳي جھوني ماڻهوءَ ڪنور جي قاتلن جا نالا،  جانو جلباڻي رتيديري جو، عبدالڪريم کوسو  ڪنڌ ڪوٽ جو، ۽ ٽيون  رمضان ڏيرو  ٻڌايا جيڪي سنڌ جي هڪ وڏي پيراڻي گاديءَ جا مريد هيا ۽ انهن پيرن  جي ئي چوڻ تي فقير کي قتل ڪيائون.”(انور ڏنگڙائي، 2004ع - ص: 5- 8 ) ان واقعي کي گهري نظر سان ڏسندي سيد مرشد گيلانيءَ  ڪنور جي قاتلن جون ذاتيون ۽ شهرن  بابت ان ئي ڪتاب ۾ پنهنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ هئين لکيو آهي ته:“ هڪ ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جيڪب آباد جو  سهرياڻي بلوچ هيو ۽ ٻيو رتو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي جو جلباڻي ٻروچ  هيو. ”( سيد گيلاني ، 2004 - ص: 86 – 90 ) ان واقعي تي وڌيڪ روشني وجھندي  سوز ٻروچ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪنور جي قاتلن جي نالن ۽ انهن جي انجام بابت ڪجھ هن ريت لکي ٿو ته:“ محمد مراد سهرياڻي 15 سال اڳ گاڏيءَ ۾ چڙهندي سندس پير ٿڙڪي ويو ۽ ريل گاڏيءَ هيٺان چچرجي ايذاءَ کائي مري ويو. ٻئي قاتل جان محمد جلباڻيءَ  جو  به ساڳيو  ئي حشر ٿيو جو  پنج  ڇهه  سال اڳ اهڙو  چريو  ٿي ويو جو ڪتن وانگر ڀونڪندو هو  ۽ سنگھرن ( زنجيرن ) ۾ جڪڙيل هو. مهيني تائين رڙيون ڪندي ڪندي مري ويو. ” ( سوز ٻروچ ، 2004ع - ص: 102 – 111 ) قدرت جي ذات بي پرواهه آهي ان وٽ دير آهي پر انڌير ناهي ، ائين ڪڏهن ٿيو ئي ناهي ته ڌرتيءَ تي ڪنهن جو بيگناهه رت وهيو  هجي ۽  قاتل ان  سزا  کان بچي ويو هجي. ڪنور جي قاتلن جو  ئي رڳو  برو  انجام  نه ٿيو آهي پر تاريخ جي هر مظلوم  مقتول جي قاتلن جو اهڙو  ئي برو  انجام  ٿيو آهي . ڪربلا جي قاتلن کان وٺي ڪنور جي قاتلن  تائين ۽ ڪنور کان وٺي ڀٽو جي قاتلن تائين هر شهيد جي قاتلن ، ظالم جو  انجام  اهڙو ئي برو  ٿيو  آهي. ڪنور کان  پوءِ  ته اها اسٽيشن به اجڙي وئي جتي ڪنور جو رت وهيو هو، رڪ جي ريلوي اسٽيشن تان جنڪشن کي ختم ڪري حبيب ڪوٽ کي جنڪشن بڻايو ويو . ڪنور جي شهادت کانپوءِ  ان اسٽيشن تي  ڪانگ رڙندي ، ڪتا ڀونڪندي ۽ گدڙ اونائيون ڪندا رهيا.
ڪنور جي شهادت کانپوءِ سندس قتل ڪيس تي اسيمبليءَ  ۾ آواز اٿاريندڙ هاسا رام  پمناڻيءَ کي به ڪجھ ڏهاڙن ۾ ئي روهڙي ريلوي  اسٽيشن تي ماريو ويو ۽ تمام جلد ئي ڪنور جي ڀاءُ  جاڙا رام کي به شهيد ڪيو ويو. هن واقعي کي ڪنور واري واقعي جي ڪڙين سان ملايو وڃي ٿو. ورهاڱو ٿي ويو ته واقعو به لئه مٽي ٿي ويو. هنن مقتولن جا قاتل به وائکا نه ٿي سگھيا. جنهن تي اڄ سوچڻ دانشورن ، تحقيق ڪرڻ محققن جو ڪم آهي.
ڪنور،  ڀڳتي تحريڪ جو امر شهيد هيو، ڀڳتي هر ڀيد ڀاوَ کان بالاتر هوندو آهي  ۽ بنا ڪنهن لالچ ، لوڀ جي انسان ذات جي آجپي ۽ ترقيءَ لاءِ سوچيندو آهي. جيڪا ڳالهه ڪفر جي ڪٽ چڙهيل دلين کي اڄ تائين   آئڙي ناهي ۽ هو مذهب جهڙي مقدس منشور ، مقصد کي هٿيار طور استعمال ڪندي ڪنور جهڙن فقير منش ماڻهن جا بنا ڪنهن جرم جي ڪنڌ لُڻائيندا رهيا آهن. ڪنور کي  بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪري  سنڌ، هند کان امن کسي  مندر جهڙي  من  ۾  وڇوڙن جو وڍ  وڌو  ويو.
ڪنور! سنڌ هيو. سنڌ جي امن کي چکيا تي چاڙهيندڙن ڪنور کي ڪڌي سوچ جو نشانو بڻائي هڪ  ئي وقت سنڌ، هند کي روئاري ڇڏيو. ڪنور ته رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ريل ۾ به موت سان رهاڻ ڪندو . رمندو آرائين جي اسٽيشن تائين قاتلن کي به ميڙون  منٿون  ڪندو کين  پرچي  پوڻ لاءِ چوندو رهيو. پر هو  ته  ڪٺور  دل هيا جيڪي نه پرتا ۽ هي سچو ساڌو  2  نومبر 1939ع جي اڀاڳي ڏينـﻫـن تي اسان کان رسي اهڙي ماڳ پهتو جتان ڪوئي اڄ تائين موٽيو ئي ناهي.  ڪنور ڇا ويو ڄڻ سنڌ جو امن ويو…!!
بـنـدوق  سـان  گھـايـل  ڪنـور  جو  مک آهـي،
۽ صدين جو دک آهي، سنڌ جي آڪاش تي.   (حسن مجتبى)
جنهن وقت ڪنور کي گولي لڳي ته گولي سندس ڪنڌ مان پار ٿي سندس ساٿي ڀائي سيتلداس کي ٻانهن ۾ لڳي ، زنجير کي ڇڪي گاڏي کي بيهاريو ويو ، پر ساهه جو پکي جسم جي قيد خاني مان پرواز ڪري چڪو هيو، سندس رت سان رڱيل لاش کي ڏولي ۾ وجھي نم جي چاڙهيءَ  مٿان ڀائي منگل مل جي گھر سکر کڻائي آيا  ٿوري دير کانپوءِ کيس وڏي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي ويا جتي صبح جو  سرجن سندس مغز مان گولي ڪڍي  زارو  زار  رنو.
امر شهيد ڪنور رام ، جو  سنسڪار ريهڙڪيءَ ۾  5 سئو روپين جي چندن جي ڪاٺين سان جمع جي ڏڻ تي  3 بجه شام جو ڪيائون،  اگني سنسڪار وقت 5 هزار جي لڳ ڀڳ  ماڻهون  موجود هيا جتي وڏي سوڳ جو منظر هيو. ان ڏک ۾ ڪنور جي ڪيترن ئي عاشقن ۽ عقيدتمندن پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڇڏيا هيا. ڄيٺل نند قوي ءَ چواڻي ته:“ ان ڏک ۾ 300 سئو هندن پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڇڏيا.” ڪنور جي ميت تي ڪيترائي مسلمان به آيا. مرحوم خان بهادر قيصر خان بوزدار ۽ ٻين زميندارن ڪنور جي ارٿيءَ ( لاش ) مٿان ڪيتريون ئي قيمتي لونگيون وڌيون.  اجرڪ وڌا، ڪنور ، پنهنجي پويان هڪ پٽ پيسو رام ، ٽي نياڻيون  ڪلا، شيلا، ستلس ۽ هڪ بيواهه گنگا ديوي ڇڏي  پر لوڪ پڌاري ويو  ۽  پويان ڇڏي ويو اها ڳالهه ته:
        آءُ ڪانگ ڪر ڳالهه ، مونکي تن ماروئڙن جي ،
       مــاروئــڙن    جــي   ،   ســانگـيـئـڙن   جـي .

moulaiem@yahoo.com
 حوالا  جات:

    ڏنگڙائي، انور (2004 ) ٻه اکر: اسان جو ڪنور. سهيڙيندڙ: خود. ص: 5- 8.  ڪراچي: رافع پبليڪيشن.
گيلاني، سيد مرشد ( 2004) سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ جو آخري ڏيئو- امر شهيد سنت ڪنور رام: اسان جو ڪنور. سهيڙيندڙ: انور ڏنگڙائي. ص: 86- 90. ڪراچي: رافع پبليڪيشن.
ٻروچ، سوز ( 2004) ڀڳتيءَ جي آخري نشاني (امر شهيد ڀڳت ڪنور رام): اسان جو ڪنور. سهيڙيندڙ: انور ڏنگڙائي. ص: 102- 111. ڪراچي: رافع پبليڪيشن.
شاستري، پيسومل اتمچند (1982) امر شهيد  ڀڳت ڪنور رام. ڪوٽڙي: سندر شيوامنڊلي.
ڪوي، ڄيٺانند (؟)  ڀڳت ڪنور رام ولاس، سنڌيڪار: ڪرشن چندر بجاج. ميرپور ماٿيلو: جھولي لال پبليڪيشن.
تلريجا، ڪنعيا لعل (1986) امر شهيد سنت ڪنور رام. ڪراچي: سنت ڪنور رام شيوا منڊل.
بروهي، علي احمد (1986) سنڌ جو راءِ ڏياچ، ڀائي ڪنور: امر شهيد سنت ڪنور رام. ليکڪ: تلريجا، ڪنعيا لعل. ص: 1- 8. ڪراچي: سنت ڪنور رام شيوا منڊل.
سنڌي، زيب (2010 )  نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو،  روزنامه ڪاوش، 2 نومبر، جلد 21.  حيدرآباد: ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن.
(پورو ٿيو)
ٽِماهي مهراڻ  حيدرآباد  ، نومبر ، پرچو چوٿون   /42013ع   -


No comments:

Post a Comment