Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Monday, 23 February 2015

ون يونٽ تحريڪ ۾ ابراهيم جوئي جو ڪردار



مولائي ملاح
ون يونٽ تحريڪ ۾ ابراهيم جوئي جو ڪردار
هڪ صديءَ جي آواز، محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جي شخصيت هونءَ ته گھڻ پاسائين آهي جنهن تي هن مهل تائين، هن ٿورڙي عرصي ۾، ڏاڍو تيزيءَ سان جيڪو ڪم ٿي چڪو آهي، ايترو تيزيءَ سان اڳ ڪنهن شخصيت تي ناهي ٿيو. اسان جي اها روايت رهي آهي ته اسان ڪنهن سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيت جي فن، فڪر ۽ فلسفي ۽ شخصيت تي ايترو ڪم تڏهن ڪندا آهيون، جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويندو آهي ۽ پوءِ کيس مانُ ڏيڻ لاءِ سندس ڪمن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ پنهنجو فرض پورو سمجھندا آهيون، پر سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن جي جيتري ڀاري شخصيت آهي اوترو ئي کيس حياتيءَ ۾ مان مليو آهي. جيڪا هڪ سٺي روايت آهي.
سائين جويي صاحب جن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ جھيڙيندي گذاري آهي. سنڌ جي وحدت خلاف جڙندڙ هر محاذ تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح فرنٽ لائين وارو ڪردار ادا ڪيو اٿن. ايوبي آمريت ۾ جڏهن سنڌ جا حق غصب ڪرڻ لاءِ صوبن جي حيثيت ختم ڪري ’ون يونٽ‘ قائم ڪيو ويو ته ان جي مزاحمت خاطر جڙيل ’اينٽي ون يونٽ تحريڪ‘ دوران توڙي پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هيو ان هوندي به ان جي پسمنظر ۾ ادبي ۽ فڪري ميدان ۾ سندس مُهڙ وارو ڪردار رهيو، جنهن کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگھجي. انهن ڏهاڙن ۾ پاڻ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ ڪري پردي پويان قومي ڪارڪنن جي رهنمائي ڪندو رهيو. ايوبي آمريت جي مڙهيل ون يونٽ سان سنڌ برطانوي دور ۾ 1847ع کان 1935ع تائين 88 سالن کانپوءِ هڪ آزاد وطن ته نه پر جيڪا صوبائي حيثيت حاصل ڪئي هئي اها به ون يونٽ مڙهي کانئس کسي وئي. انگريز جڏهن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪيو ته تڏهن کان اڄ تائين جي عرصي مان 103 سال ته اهڙا هيا جن ۾ سنڌ کي ڪا جدا انتظامي حيثيت به حاصل نه ٿي سگھي. 18 نومبر 1954ع تي ون يونٽ ٿيو جيڪو لڳ ڀڳ 16 سال هليو ابراهيم جويي جي تحريرن سنڌي قوم کي آمريتي نظام جي اهڙي عذاب مان نڪرڻ لاءِ مڙي مٺ ٿيڻ تي مجبور ڪيو. جن چيلـﻫـن سان سندرا ٻڌي اهڙي ته تاريخي جنگ جوٽي، جو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جو محاذ 16 ورهين کانپوءِ پـﻫـرين جولاءِ 1969ع تي فتح ڪري ڏيکا ريو.
ون يونٽ تحريڪ جي حوالي سان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي ڪيل جدوجهد تاريخ جي ڪتاب ۾ ڀلي مختصر انداز ۾ ملي پر جيتري به رقم ٿيل آهي اها جامع آهي ۽ ان مان سندس ڪردار چمڪندڙ ستارن ۾ بيٺل چنڊ جهڙو نظر اچي رهيو آهي. ون يونٽ خلاف ڪيل جدوجهد تي ون يونٽ جي تاريخ سهيڙيندڙ پروفيسر اعجاز قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب ’ون يونٽ ۽ سنڌ‘ جي صفحه نمبر 329 تي ابراهيم جويي لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو ون يونٽ دور ۾ جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هيو، پر پوءِ به ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي رهنمائيءَ جو فرض دل جان سان سرانجام ڏيندو رهيو. سائين جويو صاحب مارچ 1954ع کان 1961ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو؛ ان دور ۾ /561955ع دوران ٽماهي ’مهراڻ ‘ پڻ ايڊٽ ڪيائين، ’مهراڻ‘ ۾ سائين ڪوشش ڪري اهڙو مواد شايع ڪيو جنهن سان سنڌ ۾ اجتماعيت ۽ قومي تشخص جي ساڃاهه پئدا ٿي ۽ اديبن ۽ شاعرن پاران ون يونٽ خلاف هلايل هلچل ۾ سندن رهنمائي ۽ همت افزائي ٿي.“ جويي صاحب ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ خلاف آواز اٿاريندي لکيو ته: ”سنڌي هتان جي ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. 1961ع واري آدمشماري (اسان کي اهو به معلوم آهي ته اها آدمشماري ڪيئن ٿي هئي) موجب صوبي ۾ صرف 15 سيڪڙو ماڻهون سنڌي نه پر ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا. اهو هاڻ هڪ مڃيل اصول ٿي چڪو آهي ته ذريعه تعليم مادري زبان هئڻ گھرجي. ڇا 85 سيڪڙو صوبي جي آباديءَ کي علم ۽ ڄاڻ کان صرف ان ڪري پري رکجي جو هو ڪجھ ماڻهن جي جذباتي جنون کي سرد رکي سگھجي جيڪي چاهين ٿا ته هڪ ڌاري ٻوليءَ ۾ سڀني کي تعليم ڏني وڃي  ... ۽ هاڻ اهو وقت اچي چڪو آهي ته تعليم لاءِ زندگيءَ جي بنيادي اصول کي مڃيو وڃي. ٻي صورت ۾ وقت جلد يا دير ئي سهي اهو اصول مڃڻ تي مجبور به ڪري ڇڏيندو.“ جويي صاحب ان دور ۾ ڪيترائي اهڙا پمفليٽ ۽ ڪتابچا پڻ لکيا (جن مان ڪجھ ٻين نالن سان پڻ شايع ٿيا) جن ۾ ون يونٽ جي مخالفت ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي حقن جي پرچار ڪئي وئي . جهڙوڪر اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو، اصل انگريزيءَ ۾ مئي 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي وقت ڪراچيءَ جي سنڌ ۾ وري شامل ڪرڻ واري مسئلي بابت 1969ع ۾ ابن حيات پنهور جي نالي ۾ لکيائين.
جويو صاحب وک وک تي سنڌي شاگردن جي رهنمائي، حوصلا افزائي ۽ هر ممڪن مدد ڪندو رهيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي خاتمي بعد 1956ع ۾ جڏهن سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو ته يونيورسٽيءَ جي سئنڊيڪيٽ آڏو شاگردن جيڪا ياداشت پيش ڪئي، اها جويي صاحب جي ئي لکيل هئي، پاڻ ايوبي مارشل لا واري ڪاري دور ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ  باوجود به بزم صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنس توڙي جشن روح رهاڻ جي سرگرمين ۾ شرڪت ڪندو رهيو.
جويي صاحب جي ون يونٽ مخالف خيالن کان سرڪار باخبر هئي تنهنڪري کيس بدلي ڪري 1962ع  ۾ لاهور موڪليو ويو ۽ بعد ۾ 1968ع ۾ کيس گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسيپال بڻايو ويو. آخر 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي بعد کيس سنڌ واپس بدلي ڪيو ويو.“ جويو صاحب جنهن به محاذ تي رهيو اتي سنڌ جي حقن خاطر آواز بلند ڪيو جنهن سبب کيس ڪافي عرصي تائين تڪليفن کي ڀوڳڻو پيو. ملازمت واري عرصي ۾ ون يونٽ جي ڏهاڙن ۾ کيس ڪنهن هڪ هنڌ رهي سک سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو بار بار بدليءَ جي سزا کي ڀوڳيندو رهيو. پر پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري مقصد تان ڪڏهن به هٿ نه کنيائين. سنڌ  1955ع کان 1960ع ون يونٽ مڙهجڻ کان ٽٽڻ تائين واري عرصي ۾ ان خلاف هن جيڪا به جدوجهد ڪئي اها عيسوي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو اهم حصو، باب رهندي. جنهنجي سرواڻيءَ جو سَهرو سندس سِرَ تي اچي ٿو.
سنڌ سان عشق جي جرم ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ به کيس سک سان نوڪري ڪرڻ نه ڏني وئي. ڪنهن نه ڪنهن طرح کيس پريشان ڪندا رهيا. جن تڪليفن کي هي اڏول انسان سنڌ جي عشق ۾ صبر سان سهندو پنهنجي مقصد کي جاري رکي وڏي شان سان جيئندو رهيو. غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب: جهڙا گل گلاب جا، جي ٻئي حصي جي صفحه 455، تي لکيو آهي ته :”جويو صاحب پيدائشي باغي هو. سڄي عمر هن اصول تي ڪاربند رهيو ته:
جس کيت سي دهڪان ڪو ميسر نه هو روزي
اس کيت ڪي هر گو شئي گندم ڪو جلادو.
جويو صاحب نئين سنڌ جي قيادت لاءِ پيدا ٿيو هو. پير حسام الدين راشديءَ: ڳالهيون ڪندي، هڪ ڏينهن مونکي چيو ته:”اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ڏنو.‘
سنڌ ۾ مڙهيل ون يونٽ وارن ڏهاڙن ۾ جويو صاحب سرڪاري نوڪريءَ ۾ هيو. پر ادبي ڪچهرين ’مهراڻ‘ ۽ اخبارن ۾ فهميده لهجي ۾ فرضي نالن سان ون يونٽ خلاف ڪالم لکي قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين اتساهيندي سندن جذبن کي گرمائيندو رهيو. جيڪا ڳالهه سرڪار سڳوريءَ کان لڪل ڪانه هئي جنهن ڪري کيس بار بار کيس نوڪريءَ تان بدلي ڪري ڪڏهن هڪ شهر ته ڪڏهن ٻئي صوبي ۾ رکيو ويو جنهن تي هن به سندن اڳيان ڪڏهن ڪائي هيڻي نه ٻولي ۽ سنڌ دوستيءَ واري عمل ۾ آخر تائين مصروف رهيو. سرڪاري نوڪري پوري ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ديس جي خدمت هڪ خاموش خدمتگار جيان صحت جي سلامتيءَ تائين جاري رکي.
هن سنڌ ڄائي کي سدائين پنهنجي ماتر ڀوميءَ جو اونو رهيو، هي جنهن به پليٽ فارم تي رهيو اتي سنڌ جي حقن خاطر لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ به سندس ڪردار فرنٽ لائين وارو رهيو. هي ايوبي آمريت جي انهن ڪارن ڏهاڙن ۾ به سنڌ جي ماڻهن جي ذهني تربيت ڪري کين ون يونٽ خلاف اتساهيندو رهيو نيٺ سنڌ مٿان آمريت مڙهيل ڪاري قانون کي ٽوڙي ساهه کنيائين. سنڌ جي اهڙي امر ڪردار جي شال! ذات ۽ ڏات هميشه سلامت رهي، جُڳ جُڳ جيئي ۽ پنهنجي رمز ۾ رمندو رهي. جس لهڻي سائين سليم ميمڻ صاحب جنهن سندس ڪم، ڪردار ۽ گوناگون زندگيءَ کي تاريخ جي ورقن ۾ سهيڙڻ جو ڪم کنيو آهي.

( پورو ٿيو )
.                                                                                            



  

No comments:

Post a Comment