ايم آر ڊي
تحريڪ، مولائي ملاح
جمهوريت جي
بحاليءَ واري هلچل (MRD) ۾ جتي سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي اٿي هئي.
اتي اڳوڻي تعلقي ڪنڊيارو جي شهر محرابپور جنڪشن (موجوده تعلقي) جي رهواسين پڻ پاڻ
ملهايو هو. هن تحريڪ ۾ جتي پوڙها پڪا شامل هئا اتي هن شهر جي 14هن سالن جا ٻار
ابرار نديم ملاح ۽ مولائي ملاح صبح جو پهرين گورنمينٽ سنڌي (مين) پرائمري اسڪول ۽ پوءِ ’پِرو وَ
نشلائيزڊ هاءِ اسڪول محرابپور‘ جا بي وقتا گھنڊ وڄائي، بائيڪاٽ ڪرائي پوءِ پنهنجي اوطاق
(لانڍيءَ) تي ايندا هئا جتي اڳ ئي ڪامريڊن ۽ ڪارڪنن سان ڀريل بسون ۽ ٽريڪٽر
ٽراليون تيار بيٺيون هونديون هيون. پوءِ وڏن ڪارڪنن سان گڏجي ڪنڊياري ويندا هئا.
مولائي ملاح 1993ع کانپوءِ صحافتي سفر جو راهي بڻيو.
فيض کوسو
ڪاوش،حيدرآباد
No comments:
Post a Comment