پبلشر نوٽ:
ساهتي پرڳڻو
علمي، ادبي، صحافتي، تهذيبي ۽ ثقافتي حوالي سان هميشه سازگار پئي رهيو آهي. مٿي
بيان ڪيل زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ ڏيهان ڏيهي ساک رکندڙ شخصيتن جو
جنم هن خطي جي خوشنصيبي ڀانئجي ٿو. هونءَ ته ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ ئي آهي. پر
ساهتيءَ جا رنگ نرالا آهن. تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سان گڏ، هي خطو روايتن جو امين به
آهي.
ساهتيءَ مان
قديم زماني کان ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن جو قيام پنهنجي اهميت ۽ افاديت جي حوالي
کان جداگانه سڃاڻپ رکي ٿو. اسان مٿي بيان ڪيل شعبن جي حوالي کان پنهنجي وس ۽ وت
آهر، پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ’مولائي پبليڪيشن محرابپور‘، ضلع نوشهروفيروز
پاران سنڌ جي همت، شجاعت ۽ روايت جي امين شخصيت ۽ نامياري ملهه پهلوان شير ميربحر
جي فن ۽ شخصيت تي پهرين وک تصور ڪندي زير ِنظر ڪتاب اوهان پڙهندڙن جي معرفت سڄيءَ
سنڌ ۽ جيستائين سنڌ جو پيغام پهچي سگهي ٿو، تيستائين جي ماڻهن کي انتهائي عزت،
پيار ۽ پاٻوهه مان آڇيون ٿا.
اسان پنهنجي
اداري پاران، سنڌ جي هن سُچيت پٽ شير ميربحر جي مهان شخصيت جو رڳو سرسري جائزو پيش
ڪري سگھيا آهيون. سندس شخصيت بابت اڳتي به گھڻو ڪجھ نه سهي پر ڪجھ نه ڪجھ ڏيڻ جي
ڪوشش جاري رکنداسين ۽ سنڌ ديس جي ٻين لکي پڙهي سگھندڙ ماڻهن مان پڻ اميد ڪنداسين ته
اهي پڻ ڌرتيءَ جي هن املهه ماڻڪ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ۽ ساڳئي وقت
پڙهندڙ ساٿي ۽ سهڪاري سنگت جي تعاون سان ساهتي ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، صحافتي ۽
ثقافتي ادارن توڙي شخصيتن تي ڪتاب آڻڻ جي ممڪن ڪوشش جاري
رکنداسين.
ادارو
No comments:
Post a Comment