Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

سنڌ جي ساون وڻن تي پکين جو جوڙو ڪڏهن ويهندو..!


پيار جون ڳالـﻫـيون پکين کان پڇو ...
 سنڌ جي ساون وڻن تي پکين جو جوڙو ڪڏهن ويهندو..!
مولائي ملاح

اڄ بسنت رت جو پـﻫـريون ۽ عاشقن جو عالمي ڏهاڙو آهي. هي ڏهاڙو پکين ۽ عاشقن لاءِ )خوشيءَ) عيد جي ڏڻ جـﻫـڙو هوندو آهي. عاشقن جي عيد ان ڏهاڙي ٿيندي آهي جڏهن کين محبوب جو ديدار نصيب ٿيندو آهي. جڏهن ديد سان ديد ۽ دل سان دل ملندي آهي؛ ته تڏهن هن ڏهاڙي کي امرتا ملندي آهي. جنـﻫـن جي سندر احساسن کي هر عاشق دل  محسوس ڪندي هئين سان هنڊائيندي آهي. 
هي ڏهاڙو هر سال هن ئي موسم ۾ ايندو آهي. جڏهن انگريزي سال جي ٻئي مـﻫـيني جي چوڏهين تاريخ تي سياري جي سرد رات جي پڄاڻي ٿئي ٿي، ته هيءَ رومينٽڪ رُت هن وشال ڪائنات تي پنـﻫـنجا پر پکيڙي بـﻫـار جي آمد جو اعلان ڪري ٿي. جنـﻫـن کي بـﻫـار چئجي ٿو. بـﻫـار جيڪا علامت آهي خوشحالي، سک ۽ سانت، امن ۽ پيار جي سلامتيءَ جي. هن موسم ۾ هوائون به پنـﻫـنجا رخ مٽائينديون آهن، ڪڏهن اُتر، ڪڏهن ڏکڻ ۽ ڪڏهن چئو وائو به پيو لڳندو آهي. مطلب ته هوائون هر طرف کان ٿڌڙي هير کڻي اينديون آهن جيڪي پيار وارين ٻن دلين کي پاڻ ۾ (ملڻ جو احساس ڏياري) ملائينديون آهن. بسنت رت جي  اهڙي گھلندڙ هير جي تعارف لاءِ اردو جي گمنام شاعر هيئن  چيو آهي ته:
مين اس ڪا  نام نه لون،  ڦر ڀي لگ پـﻫـچاني،
ڪي تعارف آپ هئي اپنا،  هوا  بـﻫـار  ڪي  هي ،
 بسنت جي اهڙي ٿڌڙي هير ۾ جڏهن واهوندي جو واءُ جا جھوٽا هٻڪار کڻي ايندا آهن ته اهو سنديس هوندو آهي آمدِ بـﻫـار، رٺل دلين ۾ سرچاءُ جو. اها بـﻫـار جنـﻫـن جي هوا جا جھوٽا ائين ڀاسندا آهن ڄڻ ڪي الـﻫـڙ نينگريون پاڻ ۾ بيخوديءَ ۾ ويـﻫـي ٽـﻫـڪ ڏينديون هجن. بسنت رت جي اهڙي هڳاءُ کي محسوس ڪندي اياز چيو هو ته:
وينگس ڳاڙهو ويس، پيلا گل پلاند ۾ ،
دهڪيو سارو ديس، آئي بوءِ بسنت جي.   اياز
 اها بـﻫـار جنـﻫـن جي صبح، ڪنـﻫـن پرينءَ جي ننڊ مان اٿي آرس ڀڃڻ جـﻫـڙا سندر هوندا آهن.ان بـﻫـار جا سپنا به ڪنـﻫـن اُپسراءَ جي نيڻن جـﻫـڙا ڪيڏا نه گـﻫـرا ۽ مدحوش ڪندڙ هوندا آهن.! FIFTY YEARS ON THE PATH OF LOVE DTILL THE PATH IS UNKNOWN FIFTY PAGES THE BOOK OF LOVE SITTON THE FIRST PAGE. ”
“پنجاهه سالن کان وٺي پيار جي پيچري تي آهيان پر اڄ به پيچرو مون لاءِ اجنبي آهي. پيار جي ڪتاب جا 50 صفحا آهن پر اڃان تائين پـﻫـرين صفحي تي بيٺو آهيان.”  جڏهن انگريز مصنف ڊي ايڇ لارينس “ليڊي چئٽرلي لور” جي عنوان سان ناول لکيو هو، تڏهن يورپ جي پادرين وڏي واويلا مچائي انـﻫـن ڊي ايڇ لارينس تي مقدمو ڪيو هو. ڊي ايڇ لارينس، عدالتي ڪٽـﻫـڙي ۾ بيٺي چيو هو ته:” جيڪڏهن هي مذهب جا پادري آهن ته مان پيار جو پادري آهيان. ۽ مان آخر تائين پيار جي پرچار ڪندو رهندس. پيار جيڪو هڪ سٺي زندگيءَ جو اصول ۽ رهبر آهي پيار جنـﻫـن کي ٿڌا ساهه ۽ گرم ڳوڙها گڏجي ٺاهيندا آهن پيار جنـﻫـن جو پيچرو ڪڏهن به سڌو سنواٽو ناهي هوندو، انسان اگر پيار جي اصل پروڙ حاصل ڪري وٺي ته هو پيار ڪرڻ ڇڏي ڏئي ها. پيار جو طوفان پنـﻫـنجا ڪنارا پاڻ طئه ڪندو آهي. پيار جيڪو پيريءَ ۽ جوانيءَ کان وٺي وڌيڪ اذيت ناڪ هوندو آهي. شيڪسپيئر جي هڪ سانيٽ وانگر هوندو آهي ته:“ پيار بابت منهنجي جي به اعجازمنگيءَ واري راءِ آهي ته:”پيار ٻار وانگر ڪروڌ ڪندو آهي انـﻫـن شين جي لاءِ به جيڪي ان جي وس ۾ نه هونديون آهن. اهو پيار جنـﻫـن کي رخ محبوب امر بڻائي سگھي ٿو. محبوب جو هڪ ديدار ئي عاشق جي ڪوماٽيل دل ۾ انقلاب جـﻫـڙي جوت جڳائي سگھي ٿو. پر ان جي ڪابه آخري حد ناهي ٿيندي، پيار سمنڊ آهي جنـﻫـن جي ٻئي ڪناري تي اڄ تائين ڪوبه عاشق پـﻫـچي ناهي سگھيو. چيڪوسلواڪيا جي شاعر چيو هو ته:“ ياد ناهي ڪٿي پڙهيو هئم ته: جڏهن پوري دنيا ۾ انقلاب اچي ويندو ۽ جڏهن سمورا مسئلا حل ٿي ويندا تڏهن به سائي گاهه جي مٿان ٻه پريمي هڪ ٻئي سان گڏ ائين ويٺل نظر ايندا جيئن انـﻫـن جو وڏو مسئلو منجھي پيو آهي.“
پيار جي پرچارڪ انگريز راهب سينٽ ويلنٽائين جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته:” روم جي بادشاهه ڪلاڊيس (ٻئين) ماڻـﻫـن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ چيو هنن انڪار ڪيو. جنـﻫـن تي هن کي ڪاوڙلڳي؛ هن اهو سمجھو ته ماڻـﻫـون پنـﻫـنجن زالن کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. ڪلاڊيس ملڪ ۾شادين تي پابندي مڙهي ڇڏي ان وقت ويلنٽائن هڪ چرچ ۾ پادري هو هن ڪلاڊيس جي اهڙي فيصلي خلاف آواز اٿاريو، کانئس بغاوت ڪئي ۽ پوءِ چوريءَ چرچ ۾ نوجوانن جون شاديون ڪرائڻ لڳو. بادشاهه کي اهڙي کڙڪ پئجي وئي، نيٺ هڪ ڏهاڙي ويلنٽائين هڪ جوڙي جي رات جي وڳڙي ۾ ميڻ بتيون ٻاري چرچ ۾ شادي ڪرائي رهيو هو ته هن سپاهين جي اچڻ جو کڙڪو ٻڌي هن جوڙي کي ڪڍي ڇڏيو. سپاهين کيس گرفتار ڪري ورتو. بادشاهه کيس قيد ۾ رکيو جتي ساڻس ڪيترائي جوڙا ملاقات لاءِ ايندا هيا جن جي هٿن ۾ گل ۽ چاڪليٽ هوندا هيا، جن ۾ جيلر جي ڌيءُ به ساڻس ملاقات لاءِ ايندي هئي جنـﻫـن جو ساڻس عشق ٿي ويو. جنـﻫـن جو اظـﻫـار ويلنٽائين مرڻ کان اڳ پنـﻫـنجي آخري خط ۾ ساڻس هيئن ڪيو هو ته:” love for your valentine “ روم جي بادشاهه کيس اڄوڪي ڏهاڙي 14 فيبروري 229ع ۾ نوجوانن جون شاديون ڪرا.ڻ جي جرم ۾ کيس سزائي موت ڏئي ڇڏي. ويلنٽائين جي مرڻ کانپوءِ عيسائين جي روحاني پيشوا پاپ گلاسيس 496ع ۾ هن ڏهاڙي تي عام موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن ڏهاڙي کي باقائدي ملـﻫـائڻ جو اعلان ڪيو.“
پيار جيڪو هڪ بغاوت آهي. جنـﻫـن جي حقيقت کي هن مـﻫـل تائين ڪير به پـﻫـچي ناهي سگھيو. شڪارپور جي مشـﻫـور شاعر رحمت الله شوق لکيو هو ته:
پڙهندو ٿو رهان مان عشق سندا ديوان  اڃان پورا نه ٿيا.
ٿي جھور ويس، تن جلدن جا  عنوان  اڃان  پورا نه  ٿيا.
شيڪسپيئر پنـﻫـنجي ناٽڪ ‘اونـﻫـاري جي آڌي رات جو خواب’ ۾ لکيو هو ته: “پيار اعتبار ۽ خادميءَ جو نالو آهي. اعتبار جيڪو اکيون ٻوٽي ڪبو آهي. ان ڪري هو چون ٿا ته پيار انڌو هوندو آهي پر رڳو پيار وارائي ڄاڻين ٿا ته عشق کي ويـﻫـ اکيون هونديو آهن.“ آئون چوندو آهيان ته پيار ڪنـﻫـن رت، ڏهاڙي جو محتاج ناهي. ڀلا پيار جي پـﻫـرين پل ۾ ورتل پـﻫـرين چميءَ کي اڄ تائين ڪو عاشق وساري سگھيو آهي.؟! هي اهو پل هوندو آهي جنـﻫـن پل ماڻـﻫـونءَ، عاشق جي دل ۽ دماغ جون سڀ اکيون کلي پونديون آهن جنـﻫـن کي هر اک ۾ صرف هڪ ئي چـﻫـرو نظر ايندو آهي. جيڪو سندس پرينءَ جو هوندو آهي. ان سمي کيس نه ڪنـﻫـن موسم جو احساس  هوندو آهي ۽ نه ڪنـﻫـن ڏهاڙي جي خبر هوندي اٿس. پيار کي اگر اڄوڪي ڏهاڙي لاءِ ئي محدود ڪري ڇڏجي ته منـﻫـنجي ننڍڙي نظر ۾ پيار ڪرڻ وارن سان اها ناانصافي ٿيندي. پيار کي ڪائي رسم، روايت نه بڻائڻ گھرجي، پيار ته خود هڪ بغاوت آهي. بغاوت کي ڪيئن ٿو ڏهاڙي، رسم، روايت، ۽ موسم ۾ تبديل ۽ پابند ڪري سگھجي؟!.
اڄ انـﻫـن عاشقن لاءِ هي (عيد ڏڻ) خوشين کان اڻپورو هوندو، جن کي پنـﻫـنجي پرينءَ جو درشن نصيب نه ٿيو هوندو. جن جا پرين محلاتن ۽ لوهي ڪارن ڪوٽن ۾ قيد هوندا آهن انـﻫـن لاءِ عيد به عام ڏهاڙي جــﻫـڙي هوندي آهي. اڄ هي انـﻫـن عاشقن لاءِ ئي عيد جو ڏڻ هوندو، جن کي پرينءَ جو چـﻫـرو ڏسڻ ۽ چمڻ نصيب ٿيو هوندو..! اُهي اڄ محبوبن جي محفلن ۾ جھومندي ايندي چوندا ايندا ته: ”اڄ سڄڻ مون عيد ڪئي، جڏهن يار جا ديدار ٿيا!.“ اهو سمو جڏهن ڪنـﻫـن پريميڪا جي حصي ۾ آيو هوندو ته ان جي زندگيءَ جا وساڻل سڀئي ڏيئا ٻري پيا هوندا، سندس زندگي شام شفق جو ٻرندڙ ڏيئن جيان جرڪي پئي هوندي. ان لمحي هن مُرڪي جڏهن پنـﻫـنجو پاڻ ڏٺو هوندو ته ان خوش جي لمحي کي هن اياز جي هن سٽ ۾ هيئن محسوس ڪيو هوندو ته:“
آ رات لڙي هو اچڻو آ ،
تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي.
مون مرڪي پنـﻫـنجو پاند ڏٺو ،
رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي .    اياز
ڀلا عشق جي ان الـﻫـڙ موسم کان ڪوئي اهل دل ماڻـﻫـون ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگھي؛ جنـﻫـن جي دل جي در تي عشق آرائينءَ (مالـﻫـيءَ)  جيان گلن جي جھول ڀري اچي دستڪ ڏئي. اهڙي سمي چئوڏس اياز جي وائيءَ  جي جھونگار ٻرڻ لڳي ٿي ته:
عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن آيو جھول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري!
موتئي جـﻫـڙي مرڪ پرينءَ جي، مگرو مات ڪري
ڪوئي ڪيئن ڪري!
ڏاڙهونءَ ڦوهه ڦلاريا منـﻫـن ۾ ، ٻـﻫـ ٻـﻫـ يار ٻري
ڪوئي ڪيئن ڪري!
جنـﻫـنجي چڳ چنبيليءَ ول جيئن، سرهي سيج ڀري
ڪوئي ڪيئن ڪري!
جنـﻫـن جا نـﻫـٺا نيڻ ائين جيئن ، رڻ ۾ رات ٺري
ڪوئي ڪيئن ڪري!
پل پل تي ٿو پيار ڪمل جئن، ڪومل هٿ ڌري
ڪوئي ڪيئن ڪري!
تنـﻫـن کان ڪيئن جدا ٿي جيئون، سرتيون!ڪيئن سري
ڪوئي ڪيئن ڪري!
جڏهن ڳاڙهن ٻيرن جي رت ايندي آهي، جوان دلين ۾ پيار پلجڻ شروع ٿيندو آهي، تڏهن ڪائي اپسرا پنـﻫـنجي پوتيءَ جي پاند کي ڪنڌ موڙي مرڪي ڏسندي آهي؛ ته ان مـﻫـل سندس من اندر ۾ محبت جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا آهن. اهڙي پل سندس چيلـﻫـ جو هڪ موڙو ۽ چپن تي تري آيل مرڪ، سندس اندر جو اظـﻫـار هوندو آهي. ان سمي ڌرتيءَ تي کڄندڙ سندس هر قدم ڪنـﻫـن زلزلي کان گھٽ ناهي هوندو. انـﻫـن البيلين دلين کي ڪنـﻫـن ڏهاڙي جو انتظار هوندو آهي.؟! انـﻫـن لاءِ هر موسم پيار جي ۽ هر ڏهاڙو پيار جو ڏڻ هوندو آهي. زندگيءَ جي انـﻫـن حسين گھڙين ۾ سندن ڪيفيت به اياز جي هنن سٽن جـﻫـڙي هوندي آهي ته:
جـﻫـڙا ڦول ڦلار ۾ ،  تـﻫـڙي  سرتيءَ  سونـﻫـن،
هر هر واءُ  ورونـﻫـن، هيٺ ڪلـﻫـي کان ڪينرو.  - اياز
بسنت رت، هن رُت کي آئون روحن کي بيچين ڪندڙ رت چوندو آهيان. يقينن اها هر ماڻـﻫـونءَ جي دل جي ڳالـﻫـ هوندي، پوءِ ڀلي ان کان ڪو انڪار ڪري، پر، اياز ان رت کان متاثر ٿيل دلين جو اظـﻫـار پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪيو آهي.ته:
سکي هوا ۾ هڳاءُ آهي.
گلي گلي گيت ٿي وئي آ،
پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي،
بسنت رت جو بي چئي آ.  – اياز
عشق هر پابنديءَ – حد بنديءَ کان بالاتر آهي. عشق پنـﻫـنجا رستا پاڻ ٺاهيندو آهي. اهو پيار ئي آهي جيڪو پکين کي به پنـﻫـنجائپ جو احساس ڏياري ٿو. پيار ۾ اها شڪتي آهي جيڪا ناممڪن کي به ممڪن بنائي ڇڏي ٿي. اهڙو هڪ انداز هندي شاعر سورداس جي ڪٿا مان لڳائي سگھجي ٿو جيڪو هر رات پنـﻫـنجي محبوبا سان ملڻ ويندو هو چون ٿا ته: هڪ رات مينـﻫـن پيو هو ۽ چنتامڻي اهو سوچي دروازو ڏئي سمـﻫـي پئي ته سورداس نه ايندو. سورداس ڪافي دير تائين هن جي  گھر جي در جو ڪڙو کڙ ڪائيندو رهيو پر جڏهن در نه کليو ته هن کي ڀت تي هڪ نوڙي لڙڪندي نظر آئي سورداس جڏهن ان نوڙيءَ تي چڙهي مٿي پهتو تڏهن کيس پتو پيو ته اها نوڙي نه پر ناننگ هو. جنـﻫـن کي هو عشق جي انڌ ۾ نوڙي سمجھي ويٺو هو.“ پيار ڪندڙ دليون جڏهن پاڻ ۾ ملنديو آهين ته اهي ان سمي نئون ڌرم تخليق ڪنديون آهن. شايد ته اهڙي ئي ڪنـﻫـن منظر کي سوچي ڏسي ارجنٽائين جي اديب جارج لوئس لکيو هو ته:”جيڪا دل پيار ڪندي آهي سا هڪ نئون ڌرم تخليق ڪندي آهي.“ پيار ڪندڙ دليون ئي سنسار کي سونـﻫـن، سوڀيا ۽ سڦلتا بخشينديون آهن. انـﻫـن جي سڦلتا ئي بـﻫـتر سماج جي اڏاوت وارو ڪردار ادا ڪندي آهي. هڪ سچو پيار ئي سماج جو سينگار آهي. جنـﻫـن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو پيار جنـﻫـن جي ياد کي اڄ ملـﻫـايو وڃي ٿو. در اصل اهو ئي اڄو ڪي ڏهاڙي جو پيغام آهي. پيار بنا سنسار جو سينگار اڌورو آهي. آمريڪا جي ذهين ماڊل يوزامي چوندي هئي ته:” love is great beautifier يعنى: پيار عظيم سينگار ڪرڻ وارو آهي.“ جنـﻫـن ڏهاڙي اسين اهڙو سينگار ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وياسين ته يقينن ان ڏهاڙي اسين ويلنٽائينس جي مقصد کي ڄڻ ته تڪميل ڏني سين. اهوئي ته پيار هو جنـﻫـن جي سربلنديءَ خاطر ويلنٽائينس موت کي به محبوبا جيان ڳل لڳائي پيار جي پر چار کي جيئدان ڏنو.
اي سنڌ جا عاشقو! اچو ته: اڄ گڏجي نفرتن ۽ ڇسن مفادن کي ڇڏي، پيار جا پرچارڪ بڻجي، جھول ۾ سنڌ امڙ جي محبتن جا گل کڻي، سنڌ جي وارثن جي درن تي (ووٽ وٺڻ لاءِ نه پر) اڄ آرائين بڻجي. پيار ۽ امن پکيڙڻ جي دستڪ ڏيون. ان عمل سان به (هڪ ڏهاڙي لاءِ ئي سـﻫـي) سنڌ سنواري سگھجي ٿي.
اي سنڌ جا وارثو! اڄ ڀلي اسانجي جھوليءَ ۾ ڪجھ نه هجي، پر اهڙي عمل ڪرڻ  سان ان ويساهه سان اهو چئي سگھجي ٿو ته: سڀاڻي اسانجي جھوليءَ ۾ محبتن جا ڳاڙها گلاب ضرور هوندا، جنـﻫـن جي سرهاڻ سان سنڌ مرڪي ۽ مـﻫـڪي سگھي ٿي. اهڙو احساس ڏياريندي، اياز چوي ٿو ته:
تنـﻫـنجيءَ جھوليءَ ڪـﻫـڙا گل؟
ڳوڙها، سائين!
هن ڌرتيءَ جا لڙڪ اجھل.
او آرائين!
تنـﻫـنجي جھوليءَ ڪـﻫـڙا گل
پيارا سائين!
واءُ سرءُ جي جا ڇل ول
او آرائين!
نيٺ ته کڙندا ڳاڙها گل!
ها، ها، سائين!
نيٺ ته ٽڙندا ڳاڙها گل!     - اياز
اڄو ڪي ڏهاڙي تي هن آرٽيڪل جي پڄاڻيءَ کان پـﻫـرين، اخبار جي آڳر تي هي سوال. سنڌ جي ساڃاهه، عاشقن جي اڳيان جواب جي لاءِ رکجي ٿو ته: سنڌ جي ساون وڻن تي پيار ۽ امن جي پکين جو جوڙو آخر ڪڏهن ويـﻫـندو.؟! - آخر ۾ مون پاران سنڌ جي سڀني عاشقن کي، عشق سلامت، سونـﻫـن سلامت ۽ سنڌ سلامت .

( روزاني عبرت حيدرآباد، 14 فيبروري 2015ع )


No comments:

Post a Comment