Mehrabpur Sindh

Mehrabpur — City Guide & Local Info

Discover Mehrabpur: news, weather, businesses, and local resources. Stay connected with the official community hub of Mehrabpur Sindh.

Tuesday, 24 February 2015

سيد ابرار علي شاهه جي وري پ پ پ ۾ آمد ، عوام کي ڇا ڏيندي ؟



مون  تو ڪارڻ  ڪانڌ،  سهسين سکائون  ڪيون!
سيد ابرار علي شاهه جي  وري پ پ پ ۾  آمد ، عوام کي ڇا ڏيندي ؟
مولائي ملاح

   اتر جي گھلندڙ هير سان،  جڏهن  موسم جي تبديليءَ جو اعلان  ٿيندو آ،  ته  ان  سمي  آرهڙ جي موسم ۾  لُڪَ  ساڙيل لڱن ۾  به  تبديليءَ جو  احساس ڪَرَ موڙيندي نظر ايندو  آهي؛ اهو سنديس هوندو آهي خوشحال ءَ جو ، جئين اياز چيو  آ  ته:
هيءَ  هر  کر ريڻ بسيرن جي ، ٿي ويندي ساک سويرن جي،
مون  مُرڪي  پنهنجو  پاند  ڏٺو،   رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي .    اياز
ائين ئي سنڌ جي  اقتداري سياست  ۾   به جڏهن ڪوئي  “سياسي ڪلابازي”  کائيندو آهي ته ان جي اهڙي  عمل کي سياسي تبديليءَ جي موسم سان  محسوس  ڪيو ويندو آهي، جنهن جي شروعات اسان جي تعلقه محرابپور جي تڪ پي ايس 21 تان ( 11 مئي 2013ع واري ٿيل اليڪشن ۾) ٿورن ووٽن تان پ پ پ جي اميدوار سيد سرفراز شاهه کان  هارايل اين پ پ جي اميدوار،  لڪياريءَ جي لال سيد ابرار علي شاهه پاران اين پ پ کي ڇڏي پ پ پ ۾ شموليت ڪرڻ واري ڪيل فيصلي مان محسوس ڪئي وڃي ٿي.  ان کان اڳ ڪيترائي سياسي ڪبوتر پنهنجي پارٽيءَ جي ڇَٽي ڇڏي پ پ پ ۾ شموليت لاءِ  پنهنجا پرڙا  سوئي رهيا آهن.  انهن جي مفادن جو مرڪز بلدياتي اليشن هئي جيڪا هاڻ ٿيندي نظر نه ٿي اچي. مفادن واري سياست جي ڍنڍ تان اڏامندڙ هڙئي پکي هاڻ ڪهڙي پاسي لهندا، هو وقت جو انتظار ڪندا، يا َپرَ   ِڀڪوڙي  اکيون پوري  هڪ ئي هنڌ کڻي گھُت هڻندا، اهو ايندڙ وقت تي ڇڏجي ٿو. في الحال ته هي هالاڻيءَ جو  سيد سڀني کان اڳ ئي اقتداري ماڳ ماڻڻ ۾ ڪاميابي ماڻي  چڪو آهي. اڄ نه سڀاڻي نيٺ ڪا ڪرسي به کيس ملندي، جو  سندس آس پوري ٿيندي. هاڻي کان ئي چئو ٻول اهي آهن ته کيس صلاحڪاري  ملندي. هاڻ سوال اهو آهي ته  ابرار شاهه جي ڪيل ان فيصلي سان پارٽي ۽ تڪ جي عوام تي ڪهڙا اثر پوندا.؟                                                                                                     
سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران  اهو فيصلو ‘ تقدير جي فيصلي جيان’ طع ٿيل آهي ته هن تڪ  تي پي ايس 21 جي عوام مٿان سدائين  سيدن جي ئي ڇانوَ  رهڻي آهي ، پوءِ اهي ڀلي درٻلي جا هجن يا هالاڻيءَ  يا ڪنڊياري جا هجن ، ايم پي اي . جي سيٽ جو ڪڻو وري به انهن جو ئي نڪرڻو آهي.  ماضي ۾ به هن تڪ تان پ پ پ جو اميدوار ڊاڪٽر سيد احمد علي شاهه ئي ڪامياب ٿيو ، پر  عوام جي اميدن تي ڪيتريقدر پورو لٿو اهو عوام ئي ٻڌائي سگھي ٿو، پر  مونکي صرف ايتري خبر آهي  ته : هن ان وقت جي  پ پ پ  سٽي محرابپور جي صدر  اطهر ملاح جا ته ڪم نه ڪيا.  پر عوام جا جيڪي ڪم ڪيائين انهن جي سڄي خبر   11 مئي 2013ع واري  ٿيل اليڪشن ۾ عوام پاران ڏنل موٽ مان ئي  پئجي وئي.’ هن سيد تي اهو الزام هيو ته هن سڄي عرصي ۾ پارٽي ورڪرن کي ڇڏي پنهنجا ورڪر پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي نوازيو. سندس اهڙو ڪيل تجربو ڪيتريقدر ڪامياب ويو ان جو رزلٽ ته اليڪشن جي رزلٽ مان ئي ڏسي  سگھجي ٿو، جيڪو هاڻ پاڻ به ڏسي چڪو آهي. ان کانپوءِ  شهر ڪنڊياري جي ( ايم پي اي ، ٿيڻ واري شوق ۾ ) سالن کان سڪايل سيد سرفراز علي شاهه جو  به  نيٺ  ڪڻو نڪتو،  جنهن ماڻهن جا جيڪي ڪم ڪيا سي ته ٺهيو  پر چون ٿا ته: هاڻ هن فون ڪال کڻڻ ۽ غريب عوام وٽ اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙين مايوس حالتن ۾ هن تڪ تي سيد ابرار علي شاهه جي آمد ڪيتريقدر لاڀائتي ثابت ٿيندي؟!  اهو هن نوجوان جي صلاحيتن تي آهي،  جيڪو هن جي لاءِ به هڪ  وڏو چئلينج آهي. هاڻ ڏسجي ته هي سيد زادو ان مسئلن جي درياءَ مان ڪيئن ٿو پار اڪري. سندس لاءِ صورتحال ته في الحال  منير نيازيءَ جي هنن سٽن جهڙي نظر  اچي رهي آهي ته :
  اک اور دريا ڪا سامنا ٿا منير مجھ ڪو،
 مين ايڪ دريا ڪي پار اترا  تو  ميني ديکا.        منير نيازي . 
سيد ابرارعلي شاهه جو سياسي پروفائل ڪجھ هن ريت آهي ته: هن 20 ڊسمبر 1968ع تي هالاڻيءَ ۾ سيد عاقل شاهه عرف سيد سوڀاروشاهه جي گھر ۾ فجر مهل اک کولي 1987ع ۾ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان انجنئرنگ جي شعبي مان انٽر ڪري ، ايم اي، ايل ايل بي ، جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ  1993ع ۾  سياسي سفر جي شروعات ڪنهن به پارٽيءَ  جي پناهه بنا ڪيائين . ان وقت سندس وڏو ڀاءُ سيد منظور علي شاهه ‘ماريشس’ جو سفير هيو، ته پاڻ هن ئي تڪ تان آزاد اميدوار جي حيثيت سان  ايم پي اي . جي سيٽ تي بيٺو. هن پنهنجي سياست جي شروعات ايم پي اي جي سيٽ تي بيهڻ کان ڪئي پر سندس اهو سپنو اڃان ساڀيان ماڻي ناهي سگھيو . مفاد پرست سياستدانن جيان (سياسي ڪلابازي کائي)  پارٽي مٽائڻ سندس لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي رهي. ڇو ته هي ان کان اڳ به مسلم ليگ (ن)، اين پي پي ،  پ پ پ ۽  پوءِ  پنهنجي‘ لڪياري پينل ’ جي پليٽ فارم کي  اليڪشن  ۾ استعمال ڪري  چڪو آهي. هي 2000ع ۾ پ پ پ پاران ڪنڊيارو جو تعلقه ناظم چونڊيو، 18 آگسٽ  2005ع تي ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ وري ‘لڪياري پينل’ تان تعلقه ، ڪنڊيارو ۽ پوءِ محرابپور جو ناظم  ٿيو.( ياد رهي ته محرابپور سندس ئي ناظمي دور ۾  سنه 23 اپريل 2006ع ۾ تعلقه جو درجو ماڻيو جنهن ۾ به سندس ڪوششون شامل آهن ) گذريل سال 2012ع ۾ هن ئي تڪ پي ايس 21  تي ٿيل ضمني چونڊ ۾ ايم پي اي جي سيٽ تي ، اين پي پيءَ جي پليٽ فارم تان بيٺو، وري 11 مئي 2013ع  تي ٿيل  عام چونڊن ۾ وري ساڳئي پارٽيءَ  پاران ساڳئي سيٽ تان  تمام ٿورن ووٽن جي فرق تان  پ پ پ جي اميدوار سيد سرفراز علي شاهه کان شڪست کائڻ ( اهو به ياد رهي ته سندس چونڊ نتيجن تي مطمعن نه ٿيڻ ڪري … ڀيرا ڳڻپ ٿيڻ کانپوءَ به اهڙو ڪيس اڃان ڪورٽ ،اليڪشن ٽربيونل ۾ هلندڙ آهي جنهن ڪري  سيد سرفراز شاهه به اڃان  اسيمبليءَ ۾ قسم ناهي کڻي سگھيو، ابرار شاهه جي ڪيل هن فيصلي کانپوءِ کيس پنهنجي سيٽ پڪي ٿيندي نظر اچي ٿي. ) بعد، هاڻ  5 مهينن  کانپوءِ  وري  28 آڪٽوبر 2013ع تي پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو اٿائين.
هت سياسي ڪلابازي کائڻ وڏن ماڻهن لاءِ ڪو عيب ناهي رهيو، اسانجي ملڪ جي سواءِ چند نظرياتي سياستدانن ۽ پارٽيءَ جي سچن سپاهين، سرفروش ڪارڪنن جي، جيڪي بک ، ڏک ۾ پارٽيءَ سان وفا جي رکيل روزي کي نه  ٽوڙڻ جو قسم کنيو ويٺا آهن .  باقي ته سڀني سياستدانن جو حال ساڳيو ئي رهيو آهي.  سندن سوچ تي پروين شاڪر جو هي شعر ڪيترو نه ٺهڪي اچي  ٿو  ته :
اس شرط پي کيلونگي پيا  پيار ڪي بازي ،
جيتون تو پائون تجھي ، هارون تو مين تيري.     پروين .
هن تڪ تي سياسي ڪلابازيون  رڳو  سيد ابرار علي شاهه ئي ناهن کاڌيون، پر ان کان اڳ به اهڙيون سياسي  ڪلابازيون درٻيلائي سيد به کائيندا رهيا آهن .(انهن لاءِ ته هاڻي کان ئي اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته هو ايندڙ اليڪشن کان اڳ ئي پ پ پ ۾ اچي ويندا،) هونءَ  به  اهڙا فيصلا ڪرڻ ته پ پ پ جي روايت بڻيل آهي. جتي اميدوارن کي اهڙي سهوليت مليل هوندي ته پوءِ اتي ويندڙن کي ڀَئو ڇاجو..!! اجھو آيا ، ڀلا ڇونه اچن ؟!  هاڻ ته زرداري صاحب جي به اها ئي خواهش آهي ته ايندڙ اليڪشن تائين ميدان صاف هجڻ گھرجي، سنڌ ۾ پ پ پ جو ڪوبه مخالف باقي نه  بچي، رهي ، ڇو ته هو ايندڙ وقت ۾ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ  چاهي ٿو ، جنهن لاءِ هو هاڻ کان ئي هوم ورڪ ، راهه هموار ڪري رهيو  آهي. 
سيد ابرار علي شاهه جو خانداني شجرو به لڪياريءَ جي لعل سان لڳي ٿو، سندن گھراڻو سياست جي ميدان ۾ نئون ناهي رهيو، سندس بذرگ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سياست جي ميدان ۾ سرگرم پئي رهيا آهن. سندن والد سيدعاقل شاهه عرف سوڀارو شاهه ضلع ڪائونسل نواب شاهه جو چيئرمين رهي چڪو  آهي. توڙي جو ايندڙ قومي اليڪشن ۾ اڃان ڳچ سال پيا آهن ، پر پوءِ به شاهه صاحب کي ايندڙ اليڪشن ۾ بيهي سوڀ ماڻڻ واري ڪوشش کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هاڻ کان ئي محنت ڪرڻي پوندي ،  جنهن لاءِ کيس پاور جي ضرورت آهي. ڏسجي ته هن سيد کي اقتدار، پاور جي پڪل ديڳ مان ڪيترو ٿو  ونڊ  ملي  ۽ هي پنهنجي سيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ  عوام کي ان مان ڇاٿو ڏئي سگھي .؟    
في الحال ته: اڳوڻن ۽ موجوده ايم پي اي ،کان مايوس ٿيل  پ پ پ جو ورڪر لڏو ، اڳوڻا ۽ موجودهه سڀ  اڳواڻ ۽ تعلقه محرابپور جو غريب عوام،  سيد ابرار علي شاهه کي ڀلي ڪار ڪندي نظر اچي ٿو ، سندن ٻهڪندڙ چهرن جي چاشنيءَ مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته:  هي مسئلن جو ماريل  عوام ،  ڏانهس اميد جي نظرن سان نهاريندي شاهه لطيف  جي سٽن  ۾  سندس آجيان ڪندي  چئي  رهيو  آهي ته:
سر  نسريا پاند اتر لڳو آءُ  پرين،
مون  تو  ڪارڻ ڪانڌ، سهسين  سکائون  ڪيون.   شاهه.

( پورو ٿيو )
)  روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني عبرت حيدرآباد، 5 – نومبر ، 2013ع )

No comments:

Post a Comment