سنڌ جي ورهاست جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي
مولائي ملاح
متحده اڳواڻ الطاف حسين پاران سنڌ
جي ورهاڱي جي ڳالهه کانپوءِ وري تازو ئي اها ڳالهه ڪئي وئي آهي ته:“سنڌ جو
وزيراعلى به اردو ڳالهائيندڙ ٿيڻ گھرجي، متحده جي اڳواڻ بابر غوريءَ ته ڪالهوڪين اخبارن
۾ ائين به چئي ڏنو آهي ته: ‘سنڌ ۾ الڳ صوبي جي تحريڪ شروع ٿي سگھي ٿي.” سنڌ خلاف
اهڙي سازش ڪائي نئين ڳالهه ناهي، سنڌ صدين کان اهڙين سازشن جي ور چڙهندي رهي آهي.
سوچ ته ساڳئي هوندي آهي پر رڳو ماڻهون مٽيل هوندا آهن ائين جيئن اڄ هي متحده جو
پاڻمرادو جلاوطن ٿيل اڳواڻ هن امن جي ڌرتيءَ تي نفرتن جو زهر اوڳاڇي رهيو آهي. هي
پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ فڪر سان ڪيترو سچو آهي ۽ ڪنهن جي آشيرواد سان ڪم ڪندو رهيو آهي،
ان لاءِ اچو ته پهرين سندس سياسي پروفائيل پڙهون. جيڪو تاريخ جو حصو آهي.
ها! هي اُهي ئي ڏهاڙا هيا جڏهن ڪراچيءَ
جي روڊن تي ففٽي موٽر سائيڪل تي سفر ڪندڙ، مهاجرن جي هن اڳواڻ کي سنڌ جي قوم پرستن
کڻي سياسي قعبي سن آندو هيو جتي هن؛ آزاديءَ جي فڪر، فلسفي جي امام سائينم جي ايم
سيد جي چرنن کي ڇهڻ جو شرف حاصل ڪيو. جنهن کانپوءِ سنڌ کيس نمسڪار ڪيو. ائين پوءِ
هو هٿ وٺي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ متعارف ڪرايو ويو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به کيس سنڌ جي هڪ سڄڻ واري سڃاڻپ ملڻ لڳي. هن 1980ع
واري ڏهاڪي ۾پهرين( (APMSO جي پليٽ فارم تان سياسي سرگرميون شروع ڪيون. 18 مارچ 1984ع
۾ MQM جي نالي سان خطرناڪ شڪل ۾ ظاهر
ٿيل تنظيم جو اڳواڻ بڻيو جنهن تي شروع کان وٺي آمر جنرل ضياءَ الحق جو هٿ رهيو.
سنڌ جي ساڃاهه وندن جي ان وقت به
اهائي راءِ هئي ته: ايم ڪيو ايم کي ٺاهي، اڀاريو ئي ان مقصد لاءِ ويو آهي ته جيئن سنڌ
۾ هڪ طرف جھموري، قومي سياست آڏو بند ٻڌجن ته جيئن ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪابه آزاد ۽ سنڌي
عوام جي ترجمان حڪومت يا ته ٺهي نه سگھي ۽ جي اتفاق سان ٺهي به وڃي ته اها عملي
طور هلي نه سگھي. اڄ به اسٽيبلشمينٽ جي اها ئي سوچ آهي. هو چاهين ٿا ته سنڌ جا
ماڻهون ڪنهن به ريت سندن ٺاهيل پارٽين وٽ ڳيجھو بڻيل هجن. ملڪ جي قيام کان هن مهل
تائين اسٽيبلشمينٽ اقتدار ۽ اختيار جي واڳ سياسي، عوامي اڳواڻن کي ڏيڻ جي موڊ ۾ ئي
ناهن رهيا.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ هنن کي مٿي
آڻڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ هٿ وٺي لساني فساد ڪرايا ويا؛ ايم ڪيو ايم ايتري دهشتگردي
ڦهلائي جو لساني فساد چوٽ چڙهي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جو
واقعو پيش آيو. جنهن کي 2001ع ۾ سنڌ، سنڌين ڏانهن موٽ کائڻ تي الطاف حسين وڏي
افسوس سان چيو هو ته: “اها دشمنن جي سازش هئي” ان پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن
کان ماضيءَ جي ڪيل غلطين جي معافي ورتائين. جنهن ۾ هن سنڌ کي هڪ وڻ، سنڌين ۽ پاڻ
کي ان جون 2 شاخون سڏيائين، هن ان پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو ته، سنڌ جي آزاديءَ
لاءِ ويڙهه شروع ٿي ته آئون واپس اچي ويندس.” هو هن مهل تائين ته سنڌ خاطر واپس
ناهي آيو پر 1992ع ۾ پرڏيهه ۾ پاڻمرادو جلاوطن ٿي ويٺل آهي. ڪجھ ڏهاڙا اڳ اتان جي
پوليس کيس گڏ ڪيل ڪاري ناڻي، ‘مني لانڊرنگ’ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري 72 ڪلاڪن تائين
پنهنجي حراست ۾ رکڻ ۽ پڇاڳڇا ڪرڻ کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
الطاف حسين پنهنجي پارٽيءَ ۾
اڪيلو ئي داتا آهي. جيڪو پارٽي عهديدارن کان وٺي حڪومتن سان اتحاد ۽ ٻين معاملن
تائين سڀ فيصلا پاڻ ئي ڪندو آهي. ايتري تائين جو پارٽيءَ اندر توڙي ٻاهر پنهنجن
مخالفن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جا فيصلا ڪرڻ وارا الزام به مٿس ئي لڳندا رهيا آهن. ٻورين ۾
بند لاشن کان وٺي ٽارچر سيل قائم ڪرڻ جهڙيون روايتون به سندس ئي سوچ جي کاتي ۾ اچن
ٿيون جن تان ميجر ڪليم کي کنڀي ٽارچرسيل ۾ تشدد ڪري زخمي ڪرڻ کانپوءِ پردو کڄيو ۽
کجي گرائونڊ جهڙيون حقيقتون به منظر عام تي آيون ته عوام اڳيان سندس اصل چهرو ظاهر
ٿيو.
الطاف حسين جي سياسي حثيت ان وقت
ٺهي نروار ٿي آئي جڏهن جنرل ضياءَالحق 1985ع ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ته ان ۾ هن جي
پارٽيءَ کي ڪراچي ۾ ڪافي هنڌن تي سرسي حاصل ٿي. ان کانپوءِ 1988ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن
۾ به سندس پارٽيءَ جي پوزيشن برقرار رهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پهريون
ڀيرو پ پ پ وٽس عزيز آباد ڏانهن در لنگهي
وئي، پنهنجو اتحادي بڻائيِ کيس اقتدار ۾ پهريون ڀيرو داخل ڪيو. هنن پوءِ پ پ پ سان
به وفا نه ڪئي 1990ع ۾ وري ميان نواز شريف سان اتحاد ڪيائون. 1992ع ۾ فوج ڪراچي ۽
ٻين شهري علائقن ۾ آپريشن ڪيو ته الطاف حسين اهڙين حالتن ۾ پارٽي، ورڪرن کي اڪيلو
ڇڏي پاڻ مرادو جلاوطن ٿي ويو جيڪو اڃا تائين اتي ئي ترسيل آهي جنهن جي ماضي قريب ۾
به وطن واپسيءَ جي اميد نظر نه ٿي اچي. اهي ڪهڙا سبب، خوف ۽ خطرا اٿس جن جي ڪري هو
ورڻ جي وائي ئي نه ٿو واري. جڏهن ته جان جي خطرن باوجود به سنڌ راڻي، مير مرتظي
ڀٽو به ته موٽي آيا هيا. بلاول ڀٽو چئني طرفن کان ملندڙ موت جي ڌمڪين باوجود شير
جيان ڳاٽ اوچو ڪري روڊن تي پنهنجي عوام سان گڏ گھمندو ٿو وتي، پر هي ته هر حڪومت
جو حامي ۽ اتحادي رهيو آهي. ان جي باوجود به ايترو خوف ڇو.....!! هن سنڌي سڏائڻ جي
باوجود به ڀٽائيءَ کي ناهي پڙهيو. شاهه چواڻي ته:
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن آڻاسيءَ وسرن،
حيف تني کي هوءِ، وطن جن وساريو. ( شاهه )
جڏهن ايم ڪيو ايم جو سيڪريٽري
جنرل عمران فاروق 1991ع ۾ ست سال روپوشيءَ کانپوءِ لنڊن ۾ منظر عام تي آيو ته. ان
عرصي ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي به وجود ۾ اچي وئي هئي هنن ٻنهين پارٽين هڪ ٻئي لاءِ ڪجھ
علائقا نوگو ايرايا بڻائي ڇڏيا هيا. 1993ع ۾ وري پ پ پ جي حڪومت آئي ته ان جي وزير
داخلا نصيرالله بابر ايم ڪيو ايم خلاف ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪري ڏنو. جنهن ۾ ايم
ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو وڏو انگ ماريو ويو. ميان نواز شريف جڏهن فيبروري 1997ع ۾
ٻيهر اقتدار سنڀاليو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم لياقت جتوئيءَ جي اتحادي هئي جنهن سان
به گھڻو وقت اتحاد هلي نه سگھيو. ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد ڪرڻ کانپوءِ گھڻو وقت
هلي نه سگھڻ ڪري هو ڪجھ وقت لاءِ پنهنجي
پارٽيءَ سميت پريشان رهيو. نالو ته جتي ڪٿي پارٽيءَ جو ئي ايندو پر ان تي سوچ حاوي
ته هڪ ئي ماڻهوءَ جي رهي آهي جنهنڪري اها سڀ پريشاني ان ماڻهو جي کاتي ۾ ايندي رهي
آهي. الطاف حسين 1992ع کان پنهنجي پارٽيءَ کي ريموٽ ڪنٽرول سان لنڊن مان ويهي
هلائي رهيو آهي ۽ سڀ معاملا اتان ئي طع ڪندو رهيو آهي. ڪن مسئلن تي پنهنجي اتحادين
کي پاڻ وٽ به گھرائيندو رهيو آهي.
الطاف حسين 1998ع کانپوءِ ڪجھ وقت لاءِ ٻڏ تر وارين حالتن کي
ڀوڳڻ کانپوءِ هن جي وري 2 آڪٽوبر 1999ع تي ڊگھي عرصي تائين اقتدار ۾ رهڻ واري
لاٽري کلي وئي جڏهن مشرف ميان نواز شريف جي اقتدار تي قبضو ڪيو. هن مقاني چونڊون
ڪرايون ته ايم ڪيو ايم ان ۾ حصو نه ورتو وري مشرف سان ڪجھ معاملا طع ٿيڻ کانپوءِ
2002ع وارين عام چونڊن ۾ هن جي پارٽيءَ حصو ورتو جنهن ۾ هنن ڪراچيءَ کان علاوه سنڌ
جي ٻين شهرن مان به ڪافي سيٽون کنيون ۽ مسلم ليگ (ق) جا اتحادي بڻيا.ان اتحاد
وسيلي ڪافي سالن تائين اقتدار جا سڀ مزا ماڻيندا رهيا. مزا به اهڙا ماڻيائون جو اڄ
تائين گورنر به پنهنجو ڪيائون ۽ حڪومت جي سڄي عرصي ۾ جيستائين وڏو وزير ارباب رحيم
هيو تيستائين کيس هر ڀيري مطالبن جي ڊگھي لسٽ پيش ڪندا رهيا جن جو نبيرو اسلام
آباد بجاءِ لنڊن ۾ ٿيندو هيو. هن ان ڏهاڙن ۾ پنجاب جي سياست ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ
لاءِ پنجاب سرڪار پاران ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏيڻ جي باوجود به لاهور ۾ ڪيل
جلسي ۾ پنهنجي فون خطاب ۾ پنجابي سياستدانن کي ڌمڪيون ڏيندي چيائين ته:“ چوڌريو
ساڊي نال مٿا نا لائين …” جيڪا شڪايت چوڌرين اسلام آباد سيڪٽر انچارج کي ڪئي.
فيصلو ڪيائون ته: پنجاب ۾ الطاف حسين کي سياست ڪرڻ ڪونه ڏينداسين. الطاف جي اهڙين
ڌمڪين تي مسلم ليگ (ن) جي چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر خواجه سعد رفيق چيو هيو
ته: ايم ڪيو ايم لاهور ۾ موجود ڏوهاري نوجوانن جي گروهه ذريعي انٽري ڪرڻ چاهي ٿي
جئين سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي.” سندس خيال هيو ته ڏوهاري نوجوانن جي پٺڀرائي ڪري چونڊون
کٽڻ وارو دور هاڻي هليو ويو.
هي ڪهڙي به سرڪار جا اتحادي هجن
پر مخصوص وزارتون پاڻ وٽ ئي رکندا آيا آهن. صحت، بلديات، اوقاف ۽ اسپورٽس جهڙن
وزارتن تان هنن ڪڏهن به هٿ ناهي کنيو. هن ڀيري به جڏهن اوقاف کاتي جي وزارت جو قلمدان
سگھاري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار وٽ هيو ته مون سوچيو ته اها وزارت ته هاڻ
هنن کان وئي. ڪجھ وقت کانپوءِ شهاب ملاح وري مبارڪ ڏيندي چيو ته: ادا آج اسپورٽس
به لنجار صاحب کي مليو آهي جنهن تي آئون ڏاڍو خوش ٿيس، پر مدو پورو ڪرڻ واري پڪ ڪا
نه پئي ٿئيم، پوءِ اهو ئي ٿيو جنهن جو
الڪو هئم. هڪ ڏهاڙي خبر پئي ته سٻاجھڙي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار کان ٻئي
کاتا واپس ورتا ويا، سوچيم ته هن لائق ماڻهوءَ وٽ به اها سگھ ناهي جو ايم ڪيو ايم
جي عقد ۾ آيل کاتن مان ڪو کاتو پاڻ وٽ رکي سگھي. هاڻ کيس سنڌ جي ‘فيملي پلاننگ’ ۾
ڦاسايو ويو آهي. هن حڪومت جا اتحادي بڻجڻ کانپوءِ ڪاري ڏاند جي مالڪن اچي پنهنجا وٿاڻ
سنڀاليا.
هن سڄي مٿا ڪٽ جو، آصف علي زرداريءَ
جيان ته: ‘حاصل مطلب’ اهو ئي آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قائد الطاف حسين کي جن
ڌرين ۽ ادارن هيٺان کان مٿي ۽ هتان کان پرڏيهه موڪلڻ کان پوءِ اتي رهائڻ تائين جو محفوظ
بندوبست ڪيو ۽ هيترن لاهن چاڙهن اچڻ جي بي باوجود به کيس ڪڏهن به ڪجھ نه ٿيو، ڪجھ
ڏهاڙا اڳ رڳو گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو سو ان جا ڪي ته مخفي مقصد به
ضرور هوندا جيڪي هميشه واقعن، حادثن ٿيڻ کانپوءِ ئي منظر عام تي ايندا آهن. لڳي ٿو
ته اهو وقت اچي ويو آهي جيڪو سنڌ لاءِ ڏکيو ۽ سندس لاءِ سڻڀي گرهه جهڙو هوندو آهي.
هن تازو ئي صوفين جي سرزمين سنڌ
کي وري ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. جيڪا هي ڪنهن جي اشاري تي هر ڀيري ڪنهن نئين انداز ۾ ڪندو رهندو آهي. جنهن تي کيس سدائين
هيمون، هوشو ۽ بلاول ڀٽو جهڙن سنڌ جي حلالي پٽن کان مات ملندي رهي آهي. موجودهه
حالتن ۾ بلاول ڀٽو ئي آهي جنهن انتهاپسندن ۽ لساني فساد پسندن خلاف ‘مرسون مرسون
سنڌ نه ڏيسون’ جي للڪار ڪري سنڌ جي مالڪيءَ وارو حق محسوس ڪرايو آهي. هاڻ اهو چئي سگھجي ٿو ته: جيستائين هن
ڌرتيءَ تي بلاول ڀٽو جهڙا سنڌ جا حلالي پٽ موجود آهن ته، سنڌ جي ورهاست جو سوال ئي
پيدا نه ٿو ٿئي.
(روزاني عبرت حيدر آباد، 17
سيپٽمبر، 2014ع )
No comments:
Post a Comment